سعودي عرب اعلان ڪيو آهي ته رياض ۾ هڪ نئون هوائي اڏو تعمير ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد گاديءَ واري هنڌ تي تيز رفتار ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي ۽ ان سان گڏ و گڏ شهري هوابازيءَ کي جديد بنائڻ جي شاهي مملڪت جي ارادن کي عملي شڪل ڏيڻ آهي.
سرڪاري سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) مطابق، نئين هوائي اڏي جو نالو 86 سال ڄمار واري شاه سلمان جي نالي پٺيان رکيو ويندو. هي اعلان سندس 37 سالن جي پٽ، ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ڪيو آهي، جيڪو هن وقت عملي طور تي سعودي عرب جو حڪمران آهي.
هن هوائي اڏي جي اڏاوت اهڙي انداز ۾ ڪئي ويندي جو سنه 2030 تائين اهو ساليانو 12 ڪروڙ مسافرن جو بار کڻڻ جي قابل هوندو ۽ 2050 تائين هيءُ هوائي اڏو 18 ڪروڙ مسافرن کي اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪري سگهندو.
ايجنسيءَ جو چوڻ آهي ته هوائي اڏي جو منصوبو سعودي عرب جي ان تصور جي عين مطابق آهي ته رياض کي دنيا جي ڏهن وڏن شهرن جي معيشتن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ 2030 تائين رياض جي انساني آبادي ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ تائين پهچي ۽ انهن کي شهري سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي.
هن وقت رياض جي آبادي 80 لکن کان به گهٽ آهي.
سعودي عرب جي هوابازي جا هدف شهزادي محمد جي ’وزن 2030’ نالي وسيع اصلاحات جو حصو آهن جن ۾ هن ڏهاڪي جي آخر تائين سفر جي گنجائش ٽي ڀيرا وڌائي سالياني ٽريفڪ کي 33 ڪروڙ مسافرن تائين پهچائڻ آهي.
ان وزن ۾ 2030 تائين هن شعبي ۾ 100 ارب ڊالرن جي سرمايه ڪاري ڪرڻ، هڪ قومي ايئرلائين قائم ڪرڻ ۽ هر سال 50 لک ٽن سامان جي نقل و حمل به شامل آهي.
سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) ٻڌايو آهي ته هوائي اڏي تان 2050 تائين 35 لک ٽن ڪارگو کي پروسيس ڪرڻ جي اميد آهي.
ايس پي اي چيو آهي ته هي هوائي اڏو عالمي لاجسٽڪ جي اهم مرڪز جي طور تي رياض جي پوزيشن کي مضبوط ڪندو. سامان جي چر پر، واپار ۽ سياحت ۾ پيش رفت ڪندو ۽ اوڀر کي اولهه سان ملائڻ ۾ اهم رابطي جو ڪم ڪندو.
اعلان ۾ هن منصوبي جي لاڳت جي باري ۾ معلومات فراهم نه ڪئي وئي آهي جنهن کي 57 چورس ڪلوميٽر جي رقبي تي اڏيو ويندو.
هن وقت سعودي عرب جو مصروف ترين بين الاقوامي هوائي اڏو بحر احمر جي ساحلي شهر جدي ۾ قائم آهي، جيڪو لکين مسلمانن جي حج ۽ عمري جي ادائگيءَ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ هي ايئر پورٽ ’گيٽ وي ٽو مڪه’ جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي.
سعودي عهديدار هاڻي سعودي عرب جي وچ ۾ واقع رياض کي متحده عرب امارات جي معاشي اهميت واري شهر دبئي سان ڀيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
(هن رپورٽ جي معلومات اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)