رسائی کے لنکس

ضابطا ٺهڻ تائين’از خود نوٽيس’ جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم


سپريم ڪورٽ
سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن جي وچ ۾ اختلاف ۽ دوريون وڌنديون ڏسڻ ۾ اچن پيون، ۽ هاڻي سپريم ڪورٽ جي سينئر موسٽ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين جي طرفان هڪ فيصلو سامهون آيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڻ مرادي نوٽيس جا ڪيس مقرر ڪرڻ ۽ بينچ بنائڻ جا رولز موجود ناهن، تنهن جي ڪري ضابطا تيار ٿيڻ تائين از خود نوٽيس جي آرٽيڪل 184-3جا سمورا ڪيس ملتوي ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ ۾ قرآن جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ تي از خود نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني خصوصي بينچ جو 12 صفحن تي مشتمل فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيس جو فيصلو ٻه-هڪ جي تناسب سان ڏنو ويو آهي.

خصوصي بينچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس شاهد وحيد شامل هيا. جسٽس وحيد فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رولز ٺهڻ تائين آرٽيڪل 184-ٿري جا سمورا ڪيس ملتوي ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بيچ ازخود نوٽيس ۽ آئيني اهميت جي مقدمن تي بڌڻي پوئتي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو آهي.

لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون چيف جسٽس کي اسپيشل بينچ ٺاهڻ جي اجازت نه ٿا ڏين. آرٽيڪل 184 ٽي هيٺ داخل درخواستن جي حوالي سان قانون موجود آهن.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سوموٽو مقدما مقرر ڪرڻ ۽ بيچز جي ٺهڻ جي لاءِ هن وقت رولز موجود ڪونهن. رولز جي ٺهڻ تائين اهم آئيني ۽ از خود نوٽيس جي ڪيسن جي ٻڌڻي پوئتي ڪئي وڃي.

XS
SM
MD
LG