رسائی کے لنکس

آئي ايم ايف فنڊنگ جي بحاليءَ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي ليکي اڳتي وڌڻو پوندو، آمريڪا


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آمريڪا پاڪستان کي چيو آهي ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بين الاقوامي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) سان طئي ڪيل اصلاحات پوري ڪرڻ جو عمل جاري رکي ۽ ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ جي سلسلي ۾ سموريون ڌريون تحمل کان ڪم وٺن.

آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس ڇنڇر ڏينهن هفتي وار اخباري بريفنگ ۾ وائس آف آمريڪا جي هڪ سوال تي ٻڌايو ته آئي ايم ايف جي فنڊنگ جو رستو کولهڻ جي لاءِ آخر ڪار پاڪستان کي ئي قدم کڻڻا پوندا.

هن چيو ته اسان پاڪستان جي حوصلي افزائي ڪريون ٿا ته اهو آئي ايم ايف سان ڪم جاري رکي، خاص طور تي انهن اصلاحات متعلق جيڪي پاڪستان جي ڪاروباري ماحول کي ٺيڪ ڪنديون.

آئي ايم ايف پنهنجي نائين جائزي کي ڪليئر ڪرڻ جي لاءِ پوئين مهيني جي شروع کان وٺي اسلام آباد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، جنهن کي اگزيڪٽو بورڊ پاران منظور ڪرڻ جي صورت ۾سال 2019 ۾ طئي ٿيل 6.5 ارب ڊالر جي ’بيل آئوٽ’ منجهان پاڪستان جي لاءِ 1.1 ارب ڊالر جو قرض جاري ڪندو.

پاڪستان کي بين الاقوامي ادائگين ۾ مشڪل آڏو آهي ۽ مرڪزي بينڪ جي غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا ايترا ڪري چڪا آهن جو مشڪل سان ملڪ چار هفتن جي درآمدات کي پوري ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو.

خبرن جي اداري، رائيٽرز مطابق، آئي ايم ايف فنڊ جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان کي آئي ايم ايف کي يقين ڏيارڻو پوندو ته جون ۾ ختم ٿيڻ واري مالي سال جي لاءِ ’بيلينس آف پيمينٽ’ خساري جو مالي پورائو ٿي چڪو آهي، ته جيئن آئي ايم ايف جي فنڊنگ جي اڳين قسط جاري ٿي سگهي.

وائس آف آمريڪا کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ واشنگٽن جي دوري تي آيل پاڪستان جي تجارت واري وزير سيد نويد قمر تسليم ڪيو هو ته پاڪستان کي آئي ايم ايف جي هن قسط جي ادائگيءَ کان پوءِ جون کان آئي ايم ايف جو دروازو کڙڪائڻو پوندو.

ان سلسلي ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي، نيڊ پرائس چيو ته اسان کي يقين آهي ته اصلاحات ڪرڻ سان پاڪستاني ڪاروبار جي مقابلي ڪرڻ جي سگهه وڌائي سگهبي، ۽ پاڪستان کي بهتر سيڙپ ڪاريءَ جي لاءِ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۾ مدد ملندي. پر سيڙپ ڪاريءَ کان وڌيڪ اهميت ٽيڪنالاجيز جي آهي، مارڪيٽ ساڻ رابطن ۽ انتظامي نظام تي قائل ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي سيڙپ ڪاري ٿيندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته گهربل اقتصادي فيصلا، عالمي برادري ۽ آمريڪا جي مدد سان پاڪستان جٽادار ترقيءَ جي راه تي گامزن ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي ناتن تي ڳالهائيندي، ترجمان چيو ته جڏهن معاملو اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ سياسي چيلينجن جو هجي ته آمريڪا پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاڪستاني هم منصبن سان شراڪت دار بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

’لاهور ۾ جهڙپن جي باري ۾ آگاه آهيون’

لاهور ۾ پي ٽي آئي ڪارڪنن ۽ پوليس جي وچ ۾ تصادم تي تبصرو ڪندي، نيڊ پرائس چيو ته اسان لاهور ۾ جهڙپن جي باري ۾ آگاه آهيون ۽ اسان سڀني کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي ترغيب ڏيون ٿا.

هن اربع ڏينهن لاهور ۾ پرتشدد واقعن ۾ جان وڃائڻ وارن جي خاندانن سان تعزيت ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو زخمي آهن انهن جي جلد تندرستيءَ جي دعا ڪريون ٿا.

سندس بقول، سموري دنيا جي شهرين جي عالمي حقن کي برقرار رکڻ جي اهميت ۽ پرامن اجتماع جو حق پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اسان جي برابريءَ واري منصب رکڻ وارن سان بحث جو هڪ مستقل موضوع بڻيل آهي.

(ارم عباسيءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG