آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته يوڪرين جي خلاف ارڏائيءَ روس کي دنيا کان الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ئي ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبليءَ جي 141 ميمبر ملڪن روس جي جارحيت جي مذمت ڪئي، ۽ يوڪرين ۾ منصفاڻي ۽ جٽادار امن جي مطالبي جي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنا.
نئين دهليءَ ۾ ’جي 20’ جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ جيڪڏهن توهان ڀارت جي پاران ’جي 20’ اجلاس کان پوءِ جاري ٿيل بيان تي نظر ڊوڙايو ته 20 منجهان 18 ملڪن ان معاملي تي پاليسيءَ جي عڪاسي ٿئي ٿي، يعني روس ۽ چين کان سواءِ سمورن ملڪن ان جارحيت جي خلاف آواز اٿاريو آهي. ان منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته ان معاملي تي دنيا ڪاٿي بيٺي آهي.
بلنڪن نئين دهلي ۾ ’انڊيا ٽوڊي’ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته دنيا مان تمام گهڻن ملڪن جي حمايت روس کي يوڪرين ۾ اهو ڪجهه حاصل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جيڪو هو چاهي ٿو.
هن چيو ته، ’’روس يوڪرين جو نالو ميسارڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. يوڪرين اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ روس کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ ان پنهنجو 50 سيڪڙو علائقو واپس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن تي روس حملي جي ابتدائي ڏينهن ۾ قبضو ڄمايو هو’’.
ياد رهي ته نئين دهليءَ ۾ ڀارت جي صدارت ۾ ٿيڻ واري ’جي 20’ جي اجلاس ۾ يوڪرين جنگ تي اختلافن جي ڪري گڏيل اعلان جاري نه ڪيو ويو هو. ان کان هڪ هفتوا ڳ ڀارت ۾ ئي ’جي 20’ جي خزاني واري وزيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي گڏيل اعلان جاري نه ٿي سگهيو هو.
ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ اختلافن ۽ سيڪيورٽي جي متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هيءُ تاثر يوڪرين جنگ جي ڪري باقي معاملا پوئتي هليا ويا آهن، صحيح ڪونهي. اهي ٻئي الڳ معاملا آهن. اسان ’ڪواڊ’ ۾ گڏيل مسئلن تي بيان ڏيڻ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي.
هن چيو ته ’انڊو پيسيفڪ’ خطو اسان جي لاءِ تشويش جو معاملو آهي. ’’اسان سموري هند ۽ بحر الڪاهل جي علائقي ۾ گڏيل مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ گهرون ٿا ته ان خطي ۾ آزاداڻو ماحول برقرار رهي’’.
هڪ سوال جي جواب ۾ ته ڇا ڪرونا وائرس ممڪنه طور تي چين جي شهر ووهان جي هڪ ليباريٽريءَ مان ليڪ ٿيو هو؟ ڇا اهڙي قسم جي واقعن جو حياتياتي هٿيارن سان ڪو تعلق آهي؟
جواب ڏيندي، بلنڪن چيو ته صدر بائيڊن پهرئين ڏينهن کان ئي ’ڪووڊ 19’ جي ابتدا جي معاملي تي تهه تائين پهچڻ تي پرعزم رهيو آهي، ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته اهڙا اگرا واقعا ٻيهر ڪڏهن نه ٿين. هن پنهنجي سڀني انٽيلي جينس ادارن کي چيو آهي ته اهي پنهنجا سمورا ذريعا ۽ توجه ان سوال جي جواب جي جاکوڙ تي لڳائين.
بلنڪن چيو ته ان باري ۾ گهڻي مطالعي کان پوءِ جيڪو ڪجهه اسان وٽ آهي اهو هيءُ ته ڪجهه ايجنسيين ۽ محڪمن جي خيال ۾ اهو وائرس ووهان جي هڪ ليباريٽريءَ منجهان ئي ليڪ ٿيو، جڏهن ته ٻين جي سوچ مطابق ان وائرس جو ماخذ ووهان جي مال جي وڪري جو هنڌ هيو. ليڪن اڃان اسان پنهنجي آخري نتيجي تي نه پهتا آهيون.