قطر ۾ جاري ’ليجينڊز ڪرڪيٽ ليگ’ 2023 جو فائينل سومر جي ڏينهن ايشيا لائنز ۽ ورلڊ جائنٽس جي ٽيمن جي وچ ۾ دوحا ۾ کيڏيو ويندو.
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي ’ايشيا لائنس’ جي سرواڻي ڪري رهيو آهي جڏهن ته مخالف ٽيم جي اڳواڻي تازو ريٽائر ٿيڻ واري آسٽريليا جي بيٽسمين ايرون فنچ وٽ آهي.
هن سيريز ۾ ٽئين ٽيم ’انڊيا مهاراجاز’ جي آهي جنهن جي سرواڻي گوتم گمبير ڪئي هئي جنهن کي Eliminator ميچ ۾ ايشيا جي هٿان هار ٿي هئي.
ليجينڊ ڪرڪيٽ ليگ ۾ اهي سمورا رانديگر ايڪشن ۾ نظر اچي رهيا آهن جيڪي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي ڇڏي چڪا آهن.
سومر جي ڏينهن ايشيا لائنز ۽ ورلڊ جائنٽس جي وچ ۾ فائينل کان اڳ اڳوڻي بالر شعيب اختر جي شيئر ڪيل هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ شاهد آفريدي سان هڪ دلچسپ ڳالهه ٻولهه شامل آهي.
هيءَ وڊيو هن ٽيم بس ۾ اليمنيٽر ميچ کان پوءِ ٺاهي هئي، جنهن ۾ شاهد آفريديءَ اعلان ڪيو ته سندس ٽيم فائينل ۾ پهچي چڪي آهي.
شاهد آفريديءَ کي ياد ڏياريندي، شعيب اختر چيو ته سندس نياڻي شاهين شاه آفريديءَ جي قيادت ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم پاڪستان سپر ليگ جو فائينل کٽي ورتو آهي، جنهن تي شاهد آفريديءُ چيو ته ’’هاڻي فائينل کٽڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هاڻي ته ٽسل ٿي وئي آهي. هو (شاهين آفريدي) کٽي سگهي ٿو ته اسان به کٽي سگهون ٿا’’.
شاهد آفريديءَ ان وڊيو ۾ نظر ايندڙ عبدالرزاق، مصباح الحق، سهيل تنوير سميت سمورن رانديگرن جي باري ۾ ڳالهائيندي، چيو ته ’’مون وٽ سڀئي بندوقون پراڻيون آهن. پر سٺي ڳالهه اها آهي ته سڀئي هلائي سگهجن ٿيون’’.
واضح رهي ته شاهين شاه آفريديءَ جي قيادت ۾ لاهور قلندرز ڇنڇر ڏينهن پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي فائينل ۾ سنسني خيز مقابلي کان پوءِ ملتان سلطانتز کي هڪ رن تان هارايو. ان ڪاميابيءَ کان پوءِ شاهين شاه آفريديءَ پي ايس ايل ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ وارو پهريون ڪپتان بڻجي ويو آهي.
شاهين آفريدي هلندڙ سال فيبروريءَ ۾ شاهد آفريديءَ جي ڌيءُ انشا سان پرڻيو هو. شاديءَ کان تڪڙو پوءِ ڪرڪيٽ ۾ سندس مصروفيت وڌي وئي، جڏهن ته سندس سهرو شاهد آفريدي به قطر ۾ ليجينڊز ليگ ۾ مصروف آهي.
ايشيا لائنز وٽ تازو ريٽائر ٿيڻ وارا محمد حفيظ ۽ سهيل تنوير آهن جڏهن ته محمد عامر به ان ٽيم جو حصو آهي. سري لنڪا جي ايل ٿرانگا ۽ ٿيسارا پريرا سان تلگراتني دلشن به ان ٽيم ۾ شمال آهن، جڏهن ته افغانستان جو اصغر افغان به ايشيا لائنز جي اسڪواڊ جو حصو آهي.
ايرون فنچ جي قيادت ۾ ورلڊ جائنٽس جي اسڪواڊ ۾ شين واٽسن، بريٽ لي، هاشم آمله، ياڪ ڪيلس، ڪيون اوبرائين، راس ٽيلر، ڪرس گيل ۽ ٽينو بيسٽ شامل آهن.