رسائی کے لنکس

چيف جسٽس عمران خان جي الزامن تي فل ڪورٽ ڪميشن ٺاهي، شهباز شريف


وزير اعظم شهباز شريف (فائيل فوٽو)
وزير اعظم شهباز شريف (فائيل فوٽو)

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم ۽ تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو ذرڙو به شبهو ٿيو ته سياست ڇڏي گهر هليو ويندس. شهباز شريف چيف جسٽس کان عمران خان جي الزامن ۽ صحافي ارشد شريف جي قتل تي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ تي مشتمل ڪميشن ٺاهڻ جي به درخواست ڪئي آهي.

ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ اخباري ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان جي الزامن جي مڪمل تحقيقات جي لاءِ فل ڪورٽ جي ڪميشن بنائي ’’ته جيئن کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي’’ ٿي وڃي.

شهباز شريف چيو ته عمران خان مون تي، رانا ثنا الله ۽ آئي ايس آئي جي هڪ آفيسر تي الزام عائد ڪيا آهن.

وزير اعظم چيو ته هو چيف جسٽس کي عرض ڪري رهيو آهي ته ’’ملڪ جي بهترين مفاد ۾ هي فساد، فتنو ختم ڪرڻ جي لاءِ ان معاملي تي ايڪشن وٺي’’.

هن چيو ته ’’چيف جسٽس صاحب، مان تمام جلد توهان کي خط لکندس ته فوري طور تي فل ڪورٽ ڪميشن بنايو وڃي. جيڪڏهن توهان منهنجي فل ڪورٽ جي درخواست کي منظور نه ڪيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ هميشه سوال اٿندا رهندا’’.

شهباز شريف چيو ته فل ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪري ،هو ان کي صدق دل سان تسليم ڪندي اهو فيصلو منظور ڪندو.

وزير عظم چيو ته وفاقي حڪومت فل ڪورٽ ڪميشن سان ڀرپور تعاون ڪندي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ تي حملي جي سموري سياسي قيادت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت کان پڇيو وڃي ته هاڻي تائين واقعي جي ايف آئي آر ڇو درج نه ٿي سگهي آهي.

وزير اعظم جي بقول، ميڊيڪو ليگل سرڪاري اسپتال ڪندي آهي، ليڪن هو ٽن ڪلاڪن جو سفر طئي ڪري شوڪت خانم اسپتال پهچي ويو.

عمران خان جي الزامن تي ڀارت ۾ خوشيءَ جي لهر

شهباز شريف چيو ته عمران خان جي رياستي ادارن ۽ فوجي قيادت تي الزامن تي ڀارت ۾ خوشي ملهائي پئي وڃي.

هن چيو ته عمران خان فوج ۽ آئي ايس آئي تي اهڙا الزام لڳائي رهيو آهي جنهن جو ڪو سوچي به نه ٿو سگهي.

تحريڪ انصاف جو رد عمل

شهباز شريف جي اخباري ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي تحريڪ انصاف جي رهنما، فواد چوڌريءَ چيو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف جو مفرور ڀاءُ لنڊن ۾ ويهي آرمي چيف جو نالو وٺي انهن تي ڌوڙ اڇلائي رهيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌريءَ چيو ته ’’اڄ ڪٺ پتلي سرڪار جي وزير اعظم جيڪو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي عوام گهڻو پهريان مسترد ڪري چڪو آهي،

فواد چوڌريءَ چيو ته شهباز شريف پنهنجي ’مجرم’ وزير داخله سان فوري طور تي مستعفي ٿي وڃي.

XS
SM
MD
LG