آمريڪا جي ٽينيسي رياست جي شهر نيشويل ۾ اختياريءَ وارن ٻڌايو آهي ته هڪ خانگي ’ڪرسچين اسڪول’ ۾ شوٽنگ جي واقعي جي نتيجي ۾ ٽي ٻار ۽ ٽي وڏا فوت جڏهن ته ڪيترا زخمي ٿيا آهن.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، مشتبه حملو ڪندڙ عورت هئي جيڪا پوليس سان مقابلي ۾ مارجي وئي آهي. مري ويل ٽنهين ٻارن کي گوليءَ جا زخم رسيا.
شوٽنگ جو هيءُ واقعو سومر جي ڏينهن ’دي ڪونوينٽ اسڪول’ ۾ پيش آيو.
نيشويل ميٽرو پوليس ٽوئٽر پوسٽ ۾ چيو آهي حملي ڪندر پوليس سان ويڙهه ڪرڻ کان پوءِ ٿي. پوليس چيو آهي ته حملي ڪندڙ کي گولي هنئين وئي.
پوليس ٻڌايو ته بظاهر حملو ڪندڙ هڪ عورت هئي جنهن وٽ ٻه اسالٽ رائيفلون ۽ هڪ پستول هيو. هن فائرنگ ڪري ٽن ٻارن ۽ ٽن وڏن کي هلاڪ ڪيو.
شهر جي فائر ڊپارٽمينٽ ٻڌايو آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ليڪن سندن حالت جي باري ۾ تڪڙو ڪو تفصيل نه ملي سگهيو آهي.
هن اسڪول ۾ ’پري اسڪول’ کان ڇهين درجي تائين لڳ ڀڳ 200 شاگرد تعليم حاصل ڪندا آهن. اسڪول جي ويب سائيٽ جي مطابق، اتي 33 استاد ڪم ڪندا آهن.
’ڊبليو ٽي وي ايف’ ٽي ويءَ جي رپورٽر هنا ميڪڊونلڊ چيو آهي ته سندس سس اسڪول جي فرنٽ ڊيسڪ تي ڪم ڪندي آهي. ميڪڊونلڊ لائيو نشريات جي دوران ٻڌايو ته سندس سس سومر جي ڏينهن صبح جي وقفي جي لاءِ ٻاهر نڪتي هئي ۽ واپس اچي رهي هئي جڏهن هن گولين هلڻ جا آواز ٻڌا. پر هن سان رابطو نه پيو ٿئي.
ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان تعلق رکڻ واري رياستي اسيمبليءَ جي ميمبير، باب فريمين سومر جي ڏينهن ٿيل ان شوٽنگ کي ’’سوچ کان چڙهيل’’ سانحو قرار ڏنو آهي. ڪونوينٽ اسڪول سندس حلقي ۾ آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته مان اسڪول جي ويجهو ئي رهندو آهيان ۽ اڪثر ان جي سامهون لنگهندو آهيان.
هن چيو ته مان ان چرچ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا وڃي چڪو آهيان. ان سانحي تي مون کي سخت دلي صدمو پهتو آهي.
(خبر جو تفصيل ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)