ٿڦن واري ڪُشتي (Slap Wrestling) به ھڪڙي راند آھي. ان ۾ ٻنھي پاسي جا رانديگر ھٿ ٻڌي سامھون واري جي لپاٽ وهائي ڪڍڻ جو انتظار ڪندا آھن. ٿڦ لڳڻ کان پوءِ ڪي رانديگر چُرندا به ناھن ۽ ڪي ته وڃي پوئين ڀر پٽ تي ڪرندا آھن.
مڪسڊ مارشل آرٽس جي اداري، الٽي ميٽ فائٽنگ چيمپئن شپ (يو ايف سي) جي صدر ڊانا وائيٽ ’سليپ ريسلنگ’ کي ايندڙ وقت جي نئين ۽ مقبول راند طور روشناس ڪرائي رهيو آهي. ان مقصد لاءِ هو’پاور سليپ ليگ‘ تي پنھنجي اداري جو سمورو زور لڳائي رهيو آهي.
آمريڪي رياست نيواڊا جي ايٿليٽڪ ڪميشن پاور سليپ ليگ منعقد ڪرڻ لاءِ لاس ويگاس ۾ لائسنس پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ڊانا وائيٽ جو خيال آھي ته هنن مقابلن جي مشھور ٿيڻ جو ’’سئو سيڪڙو امڪان آهي’’.
اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي ٿڦ هڻڻ جي ريسلنگ جون وڊيوز ڪافي مقبول ٿيون آهن. اوڀر واري يورپ جي هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ رانديگر ڌڪ لڳڻ ۽ چهرو بگڙي وڃڻ کان پوءِ به کيڏي رهيو آهي.
اهڙن واقعن کان پوءِ هن ريسلنگ ۾ انساني جسم جي تحفظ جي معاملي تي سوال اٿاريا ويا آهن. خاص طور تي دماغي بيماري ’سي ٽي أي’ جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اھا مٿي تي ڌڪ لڳڻ جي ڪري ٿئي ٿي.
اها بيماري رگبي جي اڳوڻن رانديگرن ۾ ڏٺي وئي آهي. ان بيماريءَ دوران دماغ ۾ ڪيترائي زخم پيدا ٿين ٿا، جنهن جي ڪري متاثر ماڻهوءَ ۾ مزاج جي تڪڙي تبديلي، ڊپريشن ۽ ياداشت ختم ٿيڻ جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون. ان بيماري جي تشخيص صرف پوسٽ مارٽم ذريعي ٿي سگهي ٿي.
نيواڊا ۾ ڪمبيٽ اسپورٽس جي منتظم ڪميشن جي ھڪ اڳوڻي چيئرمين ھن ليگ کي لائسنس ڏيڻ کي غلطي قرار ڏنو آهي. ڪنڪشن لگيسي فائونڊيشن جي سي اي او، ڪرس نوونسڪي جو خيال آھي ته سليپ ريسلنگ راند نه بلڪه بيوقوفي آهي.
هن چيو آهي ته ان ۾ وڻڻندڙ ڪا شئي ڪانهي، نه ئي ڪا دلچسپ آھي، نه ئي اها راند ۽ تفريح فراهم ڪري ٿي. ماڻھو فقط ھڪ بيوقوفيءَ واري ڪم کي پئسا ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي رهيا آهن
ريان فلپس، پاور سليپ ليگ جي هڪ فائيٽر جي خيال ۾ راندين کي دماغي بيماري سان جوڙڻ غلط آهي.
هن راند جا ضابطا ڪھڙا آهن؟
هن راند ۾ ٿڦ هڻڻ جا ٽن کان پنج رائونڊ ٿيندا آهن، جن ۾ ويڙهاڪن کي ٿڦ لڳرائڻ کان پوءِ هوش ۾ اچڻ جي لاءِ 60 سيڪنڊ ڏنا ويندا آهن.
هر ڌڪ کان پوءِ جج پوائنٽس طئي ڪندا آهن، جن ۾ ٿڦ جي قوت ۽ ان تي سامھون واري جي رد عمل کي نوٽ ڪيو ويندو آهي. مقابلو کٽڻ واري جو فيصلو ججن جي فيصلن، ناڪ آئوٽ، ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ يا نااهليءَ جي صورت ۾ ڪيو ويندو آهي.
ڊانا وائيٽ جو چوڻ آهي ته ٿڦن جي ويڙهه باڪسنگ يا مڪسڊ مارشل آرٽ کان وڌيڪ محفوظ آهي ڇو ته ھن ۾ رانديگر هڪ رائونڊ ۾ ٽي کان پنج ٿڦ کائن ٿا، جڏهن ته باڪسنگ جي هڪ ميچ ۾ لڳ ڀڳ چار سئو ٺونشا لڳن ٿا.
نونسڪي جو چوڻ آهي ته باڪسنگ ۾ مڪن کان بچي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٿڦن جي ويڙهه ۾ رانديگر پوري قوت سان ڌڪ برداشت ڪري ٿو.
(هن خبر جو مواد ’ايسوسي ائٽڊ پريس‘ تان ورتو ويو آهي)