پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ جي قانون سازيءَ جي اختيار کي تسليم نه ڪيو ويندو ته پوءِ اليڪشن جو ڀوڳ رچائڻ به بند ٿيڻ کپي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي دائري ۾ مداخلت ڪندي ته ٻيا ادارا به ان جي حدن ۾ مداخلت ڪندا.
اسلام آباد ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي علي فرقان کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته قانون سازي پارليامنيٽ جو اختيار آهي ۽ جيڪڏهن پابندي لڳائي ويندي ته رڳو اها قانون سازي ٿيندي جيڪا سپريم ڪورٽ چاهيندي، ته، سندس بقول، ’’پوءِ پارليامينٽ جي بالادستي ته ختم ٿي وئي’’.
راجا پرويز اشرف چيو ته ’’پوءِ چونڊن جي مذاق بند ڪرڻ کپي ۽ آئين سازي به سپريم ڪورٽ کي ڪرڻ کپي. هيءُ ڪٿان جو اصول آهي ته قانون به اها (سپريم ڪورٽ) ٺاهي ۽ ان جو فيصلو به اها ئي ڪري’’؟
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته ان صورت ۾ پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي پاران آئيني ادارن جي حدن ۾ مداخلت جي فيصلن کي مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي.
پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ پاڻ مرادي نوٽيس جي اختيار متعلق قانون سازي ڪئي ۽ اهو فيصلو صرف چيف جسٽس جي بجاءِ ٽي سينئر جج ڪن ته سپريم ڪورٽ ان بل کي قانون ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي روڪي ڇڏيو. سندس بقول، پارليامينٽ کي هيٺائون ڏيکارڻ جو اهو رويو تمام هاڃيڪار آهي.
خيال رهي ته پارليا مينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي وچ ۾ هن وقت ڇڪتاڻ جي ڪيفيت جاري آهي.
پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي ڪن فيصلن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون تي عمل دارآمد روڪڻ جا احڪامات ڏنا آهن.
ان کان سواءِ پاڻ مرادو نوٽيس ۽ بينچن ٺاهڻ جي اختيار جي’غير منصفاڻي’ استعمال تي چيف جسٽس پنهنجي ئي ساٿي ججن جي تنقيد جو نشانو بڻيو آهي، جنهن کان پوءِ پارليامينٽ به چيف جسٽس جا اختيار محدود ڪرڻ جي قانون سازي ڪئي.
اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي چيو آهي ته اها ئي سپريم ڪورٽ جيڪا عوام جي چونڊيل نمائندن کي قانون سازيءَ کان روڪي رهي آهي، فوجي آپيشاهيءَ واري پرويز مشرف کي قانون ۾ ترميم جو حق ڏنو هو. سندس بقول، رياست جي آئيني ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن کي گهٽائڻ متعلق ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023’ جي پارليامينٽ کان منظوريءَ کان پوءِ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته هيءُ بل موثر نه ٿيندو، نه ئي ڪنهن به طرح سان ان تي عمل ڪيو ويندو.