رسائی کے لنکس

يمن: امدادي رقم ورهائڻ دوران ڀاڄ، 78 ڄڻا مارجي ويا


ان دل ڏاريندڙ واقعي جي باري ۾ ٺهيل وڊيو تان ورتل فوٽو. 19 اپريل 2023.
ان دل ڏاريندڙ واقعي جي باري ۾ ٺهيل وڊيو تان ورتل فوٽو. 19 اپريل 2023.

يمن جي گاديءَ واري ھنڌ صنعا ۾ اربع جي رات ھڪ جاءِ تي مالي امداد جي ورهاست دوران ڀاڄ پئجي وڃڻ جو واقعو پيش آيو.

شاهدن موجب ظاھري طور فائرنگ ٿي ۽ بجليءَ جي تارن ۾ ڌماڪا ٿيا جنھن بعد ماڻھن جي وڏي ميڙ ۾ ڀاڄ مچي وئي ۽ گھٽ ۾ گھٽ 78 ڄڻا مارجي ويا ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

خبرن جي اداري ايسوسي ايٽڊ پريس موجب اکين ڏٺن شاهدن عبدالرحمان احمد ۽ يحيٰ محسن ٻڌايو ته هٿياربند حوثي باغين ھجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوائي فائر ڪيا جيڪا بجلي جي تارن ۾ لڳا ۽ ڌماڪو ٿيو.

ھنن ٻڌايو ته ڌماڪي سبب خوف ۽ ھراس پکڙجي ويو ۽ امداد وٺندڙ ماڻهو ھيڏانھن ھوڏانھن ڀڄڻ لڳا.

امدادي ڪارواين ۾ مصروف ٻن ڄڻن خبرن جي اداري ’رائٽرز’ کي ٻڌايو ته سوين ماڻهو امداد وٺڻ لاءِ هڪ اسڪول ۾ گڏ ٿيا هيا جتي کين پنج ھزار يمني ريال يعني اٽڪل 9 ڊالر في ماڻهو ڏنا پئي ويا.

حوثين جي قبضي ھيٺ ھلندڙ گهرو وزارت موجب ڀاڄ پوڻ جو واقعو صنعا جي مرڪز ’اولڊ سٽي‘ ۾ پيش آيو. اتي واپارين پاران هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي هئي، جتي سوين ضرورتمند ماڻهو مالي امداد جي انتظار ۾ ويٺل هيا.

وزارت جي ترجمان عبدالخالق الغري چيو ته مقامي اختيارين جي تعاون کانسواءِ ئي رقم جي ورھاست افراتفري ۽ ڀاڄ جو ڪارڻ بڻي.

اهو واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن مسلمانن جو مقدس مهينو رمضان ختم ٿيڻ تي آهي ۽ مسلمان عيد جي تيارين ۾ مصروف آهن.

حوثين جي المسيره ٽي وي موجب هينئر تائين 78 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته زخمين مان گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.

گهرو وزارت چيو ته امداد جي ورھاست جو انتظام ڪندڙن مان ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

حوثين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي وارثن کي اٽڪل ٻه هزار ڊالر جڏهن ته زخمين کي چار سو ڊالر ڏنا ويندا.

واضح رهي ته يمن جي گاديءَ وارو هنڌ صنعا 2014 کان وٺي ايران جي حمايت يافته حوثي باغين جي قبضي ھيٺ آهي.

(خبر ۾ شامل مواد رائيٽرز تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG