رسائی کے لنکس

اعليٰ ترين عدالت پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم


سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال اڱاري ڏينهن پاڻ مرادي نوٽيس ڪيس ۾ محفوظ فيصلو اربع جي صبح جو ٻڌايو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن گورنر اسيمبلي ٽوڙي آهي ته اليڪشن جي تاريخ به اهو ئي ڏئي. گورنر انتخابات جي تاريخ نه ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. پنجاب اسميبليءَ جي گورنر اسيمبلي نه ٽوڙي آهي، ان ڪري صدر مملڪت کي اختيار حاصل آهي ته هو سيڪشن 57 هيٺ چونڊن جي تاريخ ڏئي.

عدالتي فيصلي جي مطابق صدر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جي تجويز ڏئي ۽ ان کي صدر کي ڏياري موڪلي. وفاق اليڪشن ڪميشن کي ان حوالي سان وسيلا فراهم ڪري.

ٻن ججن جو اختلافي نوٽ

چيط جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد علي مظهر 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ، جڏهن ته ٻن ججن جسٽس منصور علي شاه ۽ جسٽس جمال مندوخيل اختلافي نوٽ ڏنو.

اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي اهڙن معاملن ۾ پاڻ مرادي نوٽيس متعلق آرٽيڪل 184/3استعمال نه ڪرڻ کپي ها. ان معاملي تي لاهور هائي ڪورٽ اڳ ۾ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي.

ڪيس جي سماعت ڪرڻ واري بينچ صدر جي اختيارات، گورنر جي ذمي داري، اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي اختيار جي حوالي سان ڪيترا ئي آئيني ۽ وفاقي سوال اٿاريا آهن.

هن ڪيس ۾ اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار جي صدر، پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، جمعيت علما اسلام (ف) ۽ تحريڪ انصاف جي وڪيلن سميت ٻين وڪيلن جي دليلن کي ٻڌو ويو. دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهين صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان ان ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو.

اڱاري تي ٻڌڻيءَ دوران عدالت سمورين سياسي پارٽين جي وڪيلن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي پنهنجي موڪلن کان چونڊن جي متعلق رائي وٺي عدالت کي آگاه ڪن.

جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن ۾ دير جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي تجويز تي 22 فيبروريءَ تي از خود نوٽيس ورتو هو، جڏهن ته 23 فيبروريءَ کان ان جي سماعت جو اعلان ڪيو ويو هو.

XS
SM
MD
LG