چين کي تائيوان جي خلاف پنهنجو ڌمڪي آميز رويو ترڪ ڪرڻ گهرجي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام براقرار رکڻ کپي. هيءَ ڳالهه تائيوان جي ’چائنا پاليسي’ ٺاهڻ واري ’مين لينڊ افيئرز ڪائونسل’ جي سربراه جمعي جي ڏينهن اهڙي ماحول ۾ چئي جڏهن بيجنگ هن ٻيٽ تي، جنهن تي هو پنهنجي ملڪ جي حصي هئڻ جو دعويدار آهي، سياسي ۽ فوجي دٻاءَ ۾ اضافو ڪيو آهي.
خيال رهي ته چين آگست کان جمهوري طرز جي حڪمرانيءَ واري تائيوان جي ٻيٽ جي ويجهو فوجي سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پيلوسيءَ جي تائي پي جي دوري جي دوران ٻيٽ جي گرد ناڪه بنديءَ جون مشقون ڪيون هيون.
مين لينڊ افيئرز ڪائونسل جي وزير، چيو تائي سان تائي پي ۾ هڪ فورم ۾خطاب ڪندي چيو ته ’’بيجنگ کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان صرف ٻن ڌرين جي وچ ۾ خليج وڌيڪ گهرو ٿئي ٿو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي’’.
هن چيو ته تائيوان مين لينڊ چين کي چوي ٿو ته هو’’هٿيار ڦٽا ڪري ۽ امن ۽ استحڪام برقرار رکي. امن جو بنياد اهو آهي ته طاقت سان مسئلن کي نبيرڻ جي ذهنيت کي تبديل ڪيو وڃي’’.
چيو تائي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيجنگ کي تائي پي سان اختلافن کي تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ’’بغير ڪنهن اڳ واٽ شرطن جي’’ حل ڪرڻ گهرجي.
هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته چين ڪووڊ جي وبائي مرض تي قابو پائڻ لاءِ پنهنجي سفري پابندين ۾ بتدريج نرمي آڻيندو ته جيئن ٻئي ڌريون صحت مند ۽ منظم ڏي وٺ ٻيهر شروع ڪري سگهن ۽ مثبت گفتگو جي گنجائش پيدا ڪري سگهن.
خبرن جي اداري، رائيٽرز جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين تائيوان جي صدر سائي انگ وين جي طرفان برابريءَ جي بنياد تي مذاڪرات جي پيش ڪش کي ڪيترا ئي ڀيرا ٺڪرايو آهي. بيجنگ انهن کي عليحدگي پسند تصور ڪري ٿو.
ياد رهي ته چين تائيوان کي پنهنجو علائقي سمجهندو آهي. هن مهيني جي آغاز تي صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪانگريس جي افتتاحي خطاب ۾ چيو هو ته تائيوان جي مسئلي کي حل ڪرڻ چيني عوام تي منحصر آهي.
هن اهو به چيو هو ته چين تائيوان تي طاقت جي استعمال کان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندو.
ٻئي پاسي، تائي پي چيو آهي ته صرف ٻيٽ جا ٻه ڪروڙ 30 لک ماڻهو ئي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن ٿا. تائي پي چيو ته تائيوان تي ڪڏهن به عوامي جمهوريه چين جي حڪومت نه رهي آهي ۽ ان جي خودمختياريءَ جا دعوا غلط آهن.
(هن خبر ۾ شامل مواد خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)