پاڪستان ۾ شراب ٺاهڻ جي فيڪٽري يا بروئري جو تصور ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ شايد سمجهه کان ٻاهر معاملو هجي، پر نه صرف گاديءَ جي هنڌ، اسلام آباد جي ويجهو اهڙي هڪ فيڪٽري موجود آهي بلڪه پنهنجي هڪ ڊگهي تاريخ رکندي آهي.
راولپنڊيءَ ۾ جناح پارڪ جي ويجهو واقع مري بروئري پاڪستان ۾ شراب ٺاهڻ واري سڀ کان وڏي فيڪٽري آهي. پاڪستان ۾ شراب پيڻ تي قانوني طرح ۽ مذهبي لحاظ کان ممانعت جي سبب شراب تي به لڪل نموني اشارن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. عاصم علي رانا جي رپورٽ.
شاعريءَ ۾ ان متعلق تذڪرو ايندو آهي ته ان جي تشريح تي ڪيترا ئي پردا وجهي ڍڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت شهر جي وچ ۾ هئڻ جي باوجود هن قديم فيڪٽريءَ متعلق ڪيترن ئي دلچسپ حقيقتن تي به پر اسرار پردا پيل آهن.
پاڪستان قائم ٿيڻ کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي وائس آف آمريڪا جي جاري سيريز ۾ ٻين آئيڊياز ۾ ورهاڱي کان اڳ هتي جي وڏن ڪارخانن، ڪاروباري خاندانن ۽ معاشي مرڪزن جي متعلق خيالن تي ڏي وٺ ٿي ته ان گفتگوءَ ۾ مري بروئري جي ذڪر به آيو.
هيءَ فيڪٽري 120 وره پراڻي آهي ۽ ورهاڱي کان اڳ جي يادگارن ۾ شامل آهي، ان ڪري فيصلو ٿيو ته ان موقعي تي هن فيڪٽريءَ جي هڪ جهلڪ پنهنجي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن کي ڏيکاري وڃي.
ڀنڊارا خاندان
مري بروئري ٽن نسلن کان ڀنڊارا خاندان جي ملڪيت آهي. هن گهراڻي جو اسفن يار ڀنڊارا هن وقت بروئري جي مالڪ آهي. هو پاڻ به پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اقليتي سيٽ تي قومي اسمبليءَ جو رڪن رهي چڪو آهي ۽ ان کان پهريان سندس پيءُ ايم پي ڀنڊارا به قومي اسمبليءَ جو ميمبر رهيو هو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايم پي ڀنڊارا کي پاڪستان جي آئين تي عبور رکڻ وارن پارليامنٽرين منجهان هڪ طور ڄاتو ويندو آهي. پارليمان جا ڪيترا ئي ميمبر آئين جي شقن جي تشريح ۽ رهنمائيءَ جي ڄاڻ لاءِ ايم پي ڀنڊارا سان ملندا آهن.
اسفن يار ڀنڊارا جو ڏاڏو پي ڊي ڀنڊارا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مري بروئري سان منسلڪ هو ۽ پاڪستان آزاد ٿيڻ کان اڳ هن ان فيڪٽريءَ جا اڪثريتي شيئر حاصل ڪيا هيا، جيڪي بعد ۾نسل به نسل منتقل ٿيندا رهيا ۽ هن وقت اسفن يار ڀنڊارا ان ڪاروبار کي هلائي رهيو آهي.
ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڦهليل هي فيڪٽري راولپنڊيءَ جي هائي سيڪيورٽي زون ۾ واقع آهي. آرمي هائوس جي عمارت هتان کان گهڻو پري ڪانهي. ان ڪري فيڪٽريءَ تائين وڃڻ کان اڳ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن منجهان گزرڻو پوندو آهي. بروئريءَ جي انتظاميا پهريان ئي اسان جي اچڻ جو اطلاع سيڪيورٽيءَ کي ڏئي ڇڏيو هو، ان ڪري اسان کي فيڪٽريءَ تائين پهچڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه آئي.
جڏهن قبضي جي ڪوشش ناڪام ٿي
فيڪٽريءَ کان ٻاهر وڏا پارڪنگ لاٽس موجود آهن جتي ٽرڪ ۽ لوڊنگ جون گاڏيون هر وقت موجود رهنديون آهن. انهن ۾ ڪچي مال سان گڏ تيار مال کڻي وڃڻ واريون گاڏيون به موجود رهنديون آهن.
اسان جڏهن مري بروئري پهتاسين ته اسفن يار ڀنڊارا کي انتظّار ڪندي ڏٺوسين. هن اسان کي ان فيڪٽريءَ جي تاريخ، تياري جي مرحلن ۽ پنهنجي ڪاروبار متعلق تفصيل ٻڌايا.
ٻين ڳالهين کان علاوه هن اهو ٻه ٻڌايو ته هڪ سياست دان سندن والد کان هيءَ فيڪٽري زبردستي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ سندس خانداني ورثي جو تسلسل برقرار آهي.
فيڪٽريءَ جي اندر ريل گاڏي هلندي هئي
اسفن يار ڀنڊارا وٽ فيڪٽريءَ جا ڪيترا ئي نادر دستاويز به آهن جن ۾ هڪ صدي اڳ انگريز دور جا دفتري ليجر ۽ رجسٽر موجود آهن جن ۾ ان وقت فيڪٽريءَ جا حساب لکيا ويندا هيا.
فيڪٽريءَ جي اندر تائين اچڻ واري ريل جي لائين هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. هتي فيڪٽري جي ڪم جي شروعات ۽ ختم ٿيڻ جي اطلاع ڏيڻ واري گهنٽي به موجود هئي جيڪا هاڻي گم ٿي وئي آهي. اسفن يار ڀنڊارا ماضي جي اهڙن سمورن يادگارن کي سنڀالي رکيو آهي ۽ ماضيءَ سان ڳنڍيل سمورن يادگارن کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
شراب ٺاهڻ واري فيڪٽريءَ جي گهڻي ڀاڱي سڄي مشينري نئين آهي ۽ يورپي ملڪن مان درآمد ڪئي وئي آهي. ليڪن ان سان گڏ انگريز جي زماني جي يادگار جي طور تي ڪيترن ئي جاين تي پراڻي مشينري جا بٽڻ ۽ ٻئي يادگار اڄ سوڌا نصب آهن.
فيڪٽري جي قديم عمارت ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه اها محسوس ٿي ته هن جي ڀتين جي ويڪراڄ جي اڏاوت جي ڀيٽ ۾ گهڻي آهي. عام طور تي ٻاهريون ڀتيون وڌ ۾ وڌ نون انچ ٿلهيون هونديون آهن پر مري بروئري ۾ اهي ٻه فٽ ۽ 24 انچ ٿلهيون آهن.
مري بروئري ۽ يوڪرين جنگ
شراب ٺاهڻ جو سڀ کان اهم جز جو يا بارلي آهي. مري بروئريءَ ۾ پرڏيهه مان درآمد ٿيندڙ جو وڏي پيماني تي اسٽاڪ ڪيا ويندا آهن. في الحال هتي يوڪرين مان درآمد ڪيل جو موجود آهن. ليڪن يوڪرين تي روس جي حملي جي ڪري مري بروئري کي به بي يقيني درپيش آهي. جنگ گهڻو هلي ته ڪچي مال جي عدم دستيابي جي ڪري شراب جي قيمت ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو.
جو مان شراب ٺاهڻ لاءِ پهرين اسان جون کي پاڻيءَ جو هلڪو ڇڙڪاءُ ڪندا آهيون. ان ڪري مخصوص ڪمرن ۾ خاص درجه حرارت تي ان تي پاڻيءَ جي ڇڙڪاءُ جو بندوبست ٿيل آهي. ان کان پوءِ جون کي مسلسل لوڏيو ويندو آهي. جون کي چڱيءَ طرح ان عمل مان گزاري ان منجهان بيئر يا شراب ڪشيد ڪيو ويندو آهي.
مري بروئري ۾ صرف شراب ۽ بيئر ئي نه تيار ٿيندو آهي، بلڪه ان فيڪٽريءَ ۾ جوسز ۽ نان الڪوحلڪ مصنوعات جي وڏي رينج تيار ٿندي آهي. اڄ تائين الڪوحل جا سڀئي قسم راولپنڊي ۾تيار ٿيندا آهن جڏهن ته جوسز جي زياده تي تياري هري پور جي ويجهو حطار انڊسٽريل ايريا ۾ موجود فيڪٽريءَ ۾ تيار ٿينديون آهن.
ملازمن جا ٽي نسل
هن فيڪٽريءَ ۾ هزارين ملازم آهن جن منجهان ڪي ملازم اهڙا به آهن جيڪي هتي ڪم ڪرڻ واران جي ٽين يا چوٿين پيڙهيءَ سان تعلق رکن ٿا.
فيڪٽريءَ جي هڪ ملازم کان پڇوسين ته ڇا ڪڏهن شراب تيار ڪرڻ واريءَ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ تي دوست يا عزيز مٽن مائٽن ڪو اعتراض ڪيو، جنهن تي هن ٻڌايو ته اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو. ڪم لاءِ ايندڙ صرف ڪم ڪرڻ ايندا آهن، هو هتي شراب پيڻ نه ايندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو هتي ڪم نه ڪري.
ليڪن ان جي باوجود هڪ ٻه اهڙا ڪيس سامهون آيا جن ۾ ڪن ملازمن الڪوحل ٺاهڻ واري پلانٽس ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هنن کي جوسز يا نان الڪوحل پروڊڪشن ۾ منتقل ڪيو ويو.
اسلامي جمهوريه جي ڪري ايڪسپورٽ جي اجازت ناهي
اسفن يار ڀنڊارا ٻڌاو ته مري بروئري ماضيءَ ۾ ٻاهرين ملڪن کي پنهنجون مصنوعات برآمد ڪندي هئي ۽ دنيا ۾ انهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. ليڪن 70 جي ڏهاڪي کان پوءِ ايڪسپورٽ بند ٿي وئي.
هن چيو ته ان جو سبب ملڪ جو نالو آهي. پاڪستان هڪ اسلامي جمهوريه آهي ان ڪري هتان جيڪڏهن شراب برآمد ٿيندو ته ان سان ملڪ بي بدنامي ٿي سگهي ٿي. پر ان جون جوسز ۽ ٻئي نان الڪوحلڪ مصنوعات برآمد ٿي رهيون آهن.
ڀنڊارا کي اميد آهي ته جڏهن پاڪستان ۾ چين جون شراب جون ڪمپنيون شروع ٿينديون ته انهن جي دٻاءَ تي ملندڙ اجازت مان هو به پنهنجون الڪوحلڪ مصنوعات ٻاهر وڪڻي سگهندا.
اجازت کان سواءِ هڪ بوند وڪڻي نه ٿا سگهون
اسفن يار ڀنڊارا چيو ته اسان پاڪستان ۾رهندا آهيون ۽ هتان جي قانون جا پابند آهيون. اسان الڪوحلڪ مصنوعات تيار ڪيون ٿا، ان ۾ اسان جو فائدو آهي. ليڪن مان ڪڏهن به نه چاهيندم ته شراب جي آزادانه وڪري جي اجازت هجي.
هن چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪ آهي ۽ مان غير مسلمان آهان. ليڪن مان پاڪستاني قانون ۽ پاڪستاني اسلامي معاشري کي مڃيندو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته ان جو وڪرو هتان جي قانون مطابق ٿئي.
ڀنڊارا چيو ته موجوده قانون مطابق اسان هن فيڪٽريءَ منجهان هڪ بوند به حڪومت جي اجازت کان سواءِ وڪرو نه ٿا ڪري سگهون. هتي موجود شراب هتان جي موجود ايڪسائز عملي جي نگرانيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي منظور ڪيل وائن شاپس ڏانهن موڪلي ويندو آهي جتي پرمٽ تي ان جو وڪرو ٿيندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ايترو سولو ناهي. هتي بجلي جي لوڊ شيڊنگ، هڙتالون، سخت گرمي ۽ ٻيا مسئلا درپيش رهندا آهن. ليڪن، مان پاڪستان ۾ڪاروبار کان مايوس ناهيان.
هن چيو ته اسان نان الڪوحلڪ مصنوعات تي زياده زور ڏئي رهيا آهيون ۽ هاڻي اسان جون ڪيتريون ئي مصنوعات آمريڪا ڏانهن به برآمد ٿي رهيون آهن.
ايڪسائز وارا هوندا
فيڪٽريءَ کان ٻاهر نڪتا سين ۽ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهي واپس وڃڻ لڳاسين ته هڪ شخص گاڏيءَ کي بيهڻ جو اشارو ڏنو. گاڏي بيٺي ته ويجهو اچي هن گاڏيءَ جي خالي سيٽن جي طرف ڏٺو ۽ پوءِ وڃڻ جو اشارو ڪيائين. فيڪٽريءَ ۾ موجود انتظاميا کان ان جي ان روئي متعلق پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته ايڪسائز وارا هوندا. اهي اڪثر اهو ڏسندا آهن ته ڪو ڪجهه کڻي ته نه ٿو وڃي.
اچانڪ ياد آيو ته اسفن يار ڀنڊارا اهو ئي ٻڌايو هو ته هڪ بوند به پنهنجي مرضيءَ سان وڪڻي نه ٿو سگهان.
ايسڪائز وارن جي اها فرض شناسي سٺي لڳي. ليڪن بطور ڪرائيم رپورٽر اسلام آباد جي پوش علائقن ۾ ڪيترن ئي ريستورانن ۽ گهرن تي ڇاپن جي فوٽيج ياد آئي جن ۾غير قانوني طور تي درآمد شده شراب جي بوتلن جا ڍير ڪيترا ئي ڀيرا ڏٺا آهن.