رسائی کے لنکس

’افغان عورتن کي عالمي اداري ۾ ڪم کان روڪڻ اسان جو اندروني معاملو آهي’


طالبان ترجمان، ذبيح الله مجاهد (فائيل فوٽو)
طالبان ترجمان، ذبيح الله مجاهد (فائيل فوٽو)

طالبان اربع ڏينهن چيو آهي ته مڪاني عورتن کي افغانستان ۾ گڏيل قومن جي اداري جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان منع ڪرڻ جو فيصلو سندن اندروني معاملو آهي، جنهن جو سمورن ڌرين کي احترام ڪرڻ گهرجي.

عالمي اداري پاران افغان عورتن جي عملي تي پابندي لڳڻ تي ٿيل مذمت کي هفتو ٿي ويو آهي، جنهن تي سخت رويو رکڻ وارن طالبان عهديدارن پنهنجو باضابطه ردعمل ڏنو آهي.

ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڪابل ۾ عالمي اداري جي مشن جي دفتر ’’غير قانوني’’ پابنديءَ جي مذمت ورجائيندي خبردار ڪيو ته هيءُ قدم عالمي اداري کي مجبور ڪري سگهي ٿو ته اهو ملڪ ۾ پنهنجون ڪاروائيون بند ڪري ڇڏي. .

طالبان جي اعليٰ ترجمان، ذبيح الله مجاهد اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ پنهنجي پاران رڳو مردن تي مشتمل حڪومت جي لاءِ سرڪاري لقب استعمال ڪندي چيو هو تو ’امارات اسلاميه’ اقوام متحده جي لاءِ رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ نٿي گهري.

مجاهد وڌيڪ چيو ته ’’بلڪه هيءَ ڳالهه واضح ڪرڻ گهري ٿي ته اهو افغانستان جو اندروني معاملو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جو مسئلو ناهي ۽ هر هڪ کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي’’.

گڏيل قومن جي اداري جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل آمنه محمد اربع ڏينهن ٽوئٽر تي چيو ته ’’افغانستان ۾عورتن جي حقن تان دستبردار ٿيڻ سٺو ڪونهي’’.

افغانستان جي لاءِ اقوام متحده جي مشن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان جي سربراه روزا اوتن بائفا افغانستان ۾ عالمي اداري جي ڪاروائين جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي جيڪو پنجين مئي تائين جاري رهي سگهي ٿو. سموري عملي کي ان مدت دوران ڪم کان پري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اداري اڱاري ڏينهن چيو ته هو پنهنجي اٽالي ۾ شامل افغان عورتن تي پابنديءَ جي تعميل نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته اها ڳالهه سندس منشور ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

افغانستان ۾ گڏيل قومن جي اداري جي لڳ ڀڳ 4000 ڪارڪنن منجهان تقريبن 3300 افغان آهن. انهن ۾ لڳ ڀڳ 400 افغان عورتون ۽ ٻيو 200 بين الاقوامي عورتن جو عملو شامل آهي.

پوئين ڊسمبر ۾ طالبان مقامي عورتن تي ملڪي ۽ بين الاقوامي امدادي تنظيمن سان ڪم ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪن تنظيمن پنهنجو امدادي ڪم معطل ڪري ڇڏيو هيو.

عالمي اداري چيو آهي ته طالبان انتظاميا ’’هن بحران جي ڪنهن به منفي نتيجي’’ جي لاءِ پاڻ ذمي دار هوندي جيڪا ملڪ ۾ لکين افغانن تي سالن جي جنگ ۽ ڊگهي مدي واري پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري معاشي ڏکيائيءَ ۾ ڦاٿل آهن.

پنهنجي بيان ۾ مجاهد اولهه جي حڪومتن کي افغانستان جي بحران جو ذمي دار قرار ڏنو، ۽ ان کي ملڪ جي مالياتي ۽ بينڪنگ جي نظام تي بين الاقوامي پابندين، ٻاهرين ملڪن جي مرڪزي بينڪ جي پيسن تي روڪ لڳائڻ ۽ طالبان رهنمائن تي سفري پابندين جو نتيجو قرار ڏنو.

هن چيو ته اهڙيون سموريون پابنديون هٽائڻ سان افغانستان اقتصادي ۽ سياسي ترقيءَ جي راه تي گامزن ٿي ويندو. مجاهد چيو ته ’’افغانن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي صلاحيت آهي’’.

(اياز گل، وائس آف آمريڪا)

XS
SM
MD
LG