رسائی کے لنکس

تهران ۾ افغان سفارت خاني جو ڪنٽرول طالبان جي حوالي


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

ايران تهران ۾ افغان سفارت خاني کي طالبان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ ايران ڪابل ۾ طالبان جي 18 مهينا پراڻي حڪومت کي تسليم ڪرڻ بنان طالبان جي مقرر ڪيل سفارت ڪارن کي قبول ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي ويوآهي.

طالبان جي پرڏيهي ناتن جي محڪمي سومر ڏينهن چيو آهي ته ان تجربه ڪار سفارت ڪارن جي ست رڪني ٽيم کي ايران جي گاديءَ واري هنڌ موڪليو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي هڪ نئون مقرر ڪيل شارج ڊي افيئرز ڪري رهيو آهي، ته جيئن اتي افغانستان جي سفارتي مشن جي باضابطه چارج سنڀالي وٺي.

سوشل ميڊيا رپورٽن مطابق طالبان فضل محمد حقانيءَ کي ايران ۾ افغانستان جو نئون شارج ڊي افيئرز مقرر ڪيو آهي.

طالبان حڪومت جي بيان ۾ ان پيش رفت کي افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾ تعلقات جي هڪ اهم ۽ سهڪار تي ٻڌل قدم قرار ڏنو ويو آهي.

وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخيءَ چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته هنن نئين تقررين سان سفارت خاني جي معاملات ۾ شفافيت سان گڏ ٻنهين مسلمان ۽ برادر ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعلقات جو دائرو وڌيڪ ڦهلبو.

بلخيءَ وائس آف آمريڪا کي ڏنل هڪ تحريري بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان جيِ ڪيترن ئي پاڙيسري ۽ علائقائي ملڪن طالبان کي پنهنجي افغان سفارتي مشنن جي لاءِ اٽالو رکڻ ۽ ان جو انتظام ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، انهن ۾ پاڪستان، چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، روس، ترڪي، قطر، ملائيشيا، ڪرغيزستان ۽ قزاقستان شامل آهن.

هن چيو ته سندس وزارت اڳ ۾ ئي انهن ملڪن جي مشنز ۾ نوان سفارت ڪار تعينات ڪري چڪي آهي.

اطلاعن جي مطابق، ترڪيءَ به افغانستان جو سفارت خانو طالبان جي حوالي ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاري آهي.

طالبان جو داعش جي خلاف آپريشن

طالبان جي سيڪيورٽي فورسز آچر ڏينهن ڪابل جي ضلعي 17 ۾ داعش خراسان نالي گروه جي لڙاڪن سان جهڙپ ڪئي آهي.

طالبان جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ضلعي 17 ۾ ڪوتل خيبر خانه جي علائقي شارڪ ذاڪرين ۾ آپريشن دوران داعش خراسان جي ٻن ڪارندن کي ماري ويو ۽ هڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته آپريشن ۾ طالبان جو ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

ڪابل ۾ ٻن هفتن کان به گهٽ عرصي ۾ داعش جي خلاف ٻيو آپريشن جاري آهي.

طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد 14 فيبروريءَ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪابل جي ضلعي 8 ۾ آپريشن ۾ داعش خراسان ڪيترن ميمبرن کي ماريو ويو، جن ۾ غير ملڪي به شامل آهن.

(وي او اي افغان سروس)

XS
SM
MD
LG