پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گرفتاريءَ جي ڪوشش جي دوران زمان پارڪ ۾ ٽڪراءَ جو معاملو پاڪستان ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته حالانڪه عدالت عمران خان جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو آهي، پر ان ۾ حڪومت جي خواهش به شامل آهي.
سياسي مبصر چون ٿا ته پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي سياسي عدم استحڪام آهي ۽ اهڙي وقت زمان پارڪ ۾ ٿيڻ واري تصادم جي ڪري بي يقيني اڃان وڌي ويندي.
سينئر تجزيه ڪار سهيل وڙائچ چيو آهي ته عمران خان جي ممڪنه گرفتاريءَ جا ٻه پهلو آهن. هڪ ته سياسي اڳواڻ جي گرفتاريءَ سان ان جي مقبوليت جو گراف مٿي هليو ويندو. ٻيو ته سندس گرفتاري عوامي حلقن جي لاءِ به پيغام هوندي ته هاڻي عمران خان اسٽيبلشمينٽ جو پسنديده نه رهيو آهي.
سهيل وڙائچ چيو ته عمران خان اڳ ۾ ئي پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر آهي، اهڙي وقت سندس گرفتاريءَ سان هن جي لاءِ همدردي وڌي ويندي.
سندس بقول، عمران خان جي گرفتاري پي ٽي آءِ جي ووٽرن جي لاءِ به پيغام آهي ته هاڻي عمران خان جو ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جو امڪان آهي.
سهيل وڙائچ چيو ته بظاهر ائين لڳي رهيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ کيس نااهل ڪرايو ويندو.
احتجاج کي اينگهه ڏيڻ سان عمران خان کي نقصان پهچائيندو
تجزه ڪار زاهد حسين چيو آهي ته عمران خان جو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪڙاءُ وڌي رهيو آهي ۽ ان صورت حال ۾ حڪومت کي فوج جي حمايت به حاصل هوندي.
سندس بقول، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف هڪ ٻئي کي ڪريل ڏيکارڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهن. ليڪن ان سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، زاهد حسين چيو ته اگرچه فوج واضح ڪري چڪي آهي ته اها سياست کان پري آهي، ليڪن، پاڪستان جي مخصوص حالتن ۾ اهو ممڪن ڪونهي.
هن جي لفظن ۾، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻنهين جي ڪا واضح حڪمت عملي ڪانهي، بلڪه ٻنهين پاسي کان حالتن مطابق معاملن کي ڏٺو پيو وڃي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ احتجاج جي سياست ڪري رهي آهي، ليڪن عمران خان کي هيءُ احساس ٿيڻ کپي ته احتجاجي سياست کي اينگهه ڏيڻ سان کيس نقصان رسندو.
سهيل وڙائچ چيو ته پي ٽي آءِ بظاهر انتخابي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي خيال ۾ عمران خان جي گرفتاريءَ سان ان جي انتخابي مهم متاثر ٿيندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گهرجي ته محاذ آرائيءَ جي بجاءِ اليڪشن ۾ وڃي ڇو ته اقتدار جي پر امن تبديلي اهڙيءَ صورت ۾ ٿيندي جڏهن محاذ آرائي گهٽ ٿيندي.
سهيل وڙائچ چيو ته رياستي قانونن تي مزاحمت سياسي اڳواڻن جو گڻ ناهي. ان ڪري، عمران خان کي کپي ته هو قانون جي پيروي ڪندي گرفتاري ڏئي.
زاهد حسين چيو ته سياسي انتشار هاڻي تشدد ۾ ۾ بدلجي چڪو آهي جنهن جي ڪري سياسي نظام کي نقصان پهچندو.
هن چيو ته حالانڪه عمران خان جي گرفتاري عدالتي حڪم تي ٿي رهي آهي پر ان جي لاءِ پوليس جي پاران تشدد جو استعمال ٻڌائي ٿو ته ان ۾ حڪومت جي خواهش به شامل آهي.
هن چيو ته عمران خان شروع کان ئي مزاحمت جي حڪمت عملي اختيار ڪري رکي آهي ۽ هاڻي جيڪو تشدد جو سلسلو شروع ٿيو آهي اهو تمام خطرناڪ آهي.
زاهد حسين چيو ته اهڙي وقت جڏهن ٻنهين صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏني وئي آهي، تشدد جي اها صورت حال انتخابات کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.