رسائی کے لنکس

طالبان حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ وارن جي سزا موت آهي، طالبان وزير


اعليٰ تعليم جو قائم مقام افغان وزير، ندا محمد نديم (فائيل فوٽو)
اعليٰ تعليم جو قائم مقام افغان وزير، ندا محمد نديم (فائيل فوٽو)

طالبان جي هڪ چوٽيءَ جي عهديدار هن هفتي افغان ججن جي هڪ اجتماع کي ٻڌايو ته طالبان يا انهن جي پاليسين جي عام مخالفت کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.

طالبان جي اعليٰ تعليم جي لاءِ قائم مقام وزير ندا محمد نديم قندهار ۾ طالبان ججن ۽ اسلامي فقيهن جي گريجوئيشن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته ’’اهي سمورا ماڻهو جيڪي طالبان جي حڪومت کي هينڻون ڪري رهيا آهن، چاهي ان جي لاءِ هو زبان، قلم يا عملي اقدام جو سهارو وٺن، اهي باغي تصور ڪيا ويندا آهن ۽ سندن سزا موت آهي’’.

هن وڌيڪ چيو ته طالبان انهن سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندا جيڪي، سندس بقول، ’’غير ملڪين جي ايجنڊا جي بنياد تي افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ مسئلا کڙا ڪري رهيا آهن’’.

وزير جو هيءُ بيان طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جي ان يقين دهانيءَ جي ابتڙ آهي ته حڪومت جي پاليسي تنقيد کي قبول ڪرڻ آهي ۽ ’’ڪنهن به سوال يا اعتراض کي نهٺائيءَ سان ٻڌو ويندو ۽ ان جو جواب ڏنو ويندو’’.

ان جي ڪري ڪير صحيح آهي ۽ رائي جي عوامي اختلاف متعلق طالبان جي سرڪاري پاليسي ڇا آهي؟ ان باري ۾ اڃان ڪا ڳالهه چوڻ ڏکيو ڪم آهي.

تازن مهينن دوران طالبان جي ڪجهه وڏن اڳواڻن چوٽيءَ جي ليڊر پاران جاري ڪيل ڪجهه سرڪاري پاليسين تي اختلاف ڪيو آهي.

طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته گهرو معاملن جي عبوري وزير سراج الدين حقانيءَ طالبان جي سربراه هيبت الله اخونزاده جي ’اقتدار تي اجاري داريءَ’’ کي تنقيد جو هدف بڻايو آهي ۽ اهو به چيو آهي ته ’’صورت حال کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو’’.

ليڪن، ان جي باوجود پاليسي سازيءَ جي لاءِ ڪو گڏيل قدم نه کنيو ويو آهي ۽ طالبان جا مختلف اهل ڪار هڪ ٻئي جي کلي مخالفت ڪري رهيا آهن.

انساني حقن جي علمبردارن چيو آهي ته طالبان جي پاران سرڪاري پاليسيءَ متعلق ڪنهن به بيان کي ڌيان ۾ نه رکندي، گروپ جي اقدامات منجهان انساني حقن جي خلاف ورزي نظر اچي ٿي ۽ اقليتن ۽ سياسي مخالفن کي دٻايو پيو وڃي. طالبان انهن الزامن کان انڪار ڪيو آهي.

افغانستان ۾ انساني حقن جي لاءَ گڏيل قومن جي اداري جي خصوصي نمائندي، رچرڊ بينيٽ گزريل مهيني جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته طالبان حڪومت افغان ڪميونٽيز کي دٻائڻ جي لاءِ ڏهڪاءَ ۽ ڏاڍائيءَ کان ڪم وٺي رهيا آهن.

بينيٽ چيو ته اختلافن جي برداشت تمام گهٽيل آهي، جڏهن ته نافرمانيءَ کي بالڪل برداشت نه ٿو ڪيو وڃي.

انساني حقن جون خلاف ورزيون

طالبان عورتن تي سخت پابنديون لڳايون آهن. کين هائي اسڪول يا ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ جي اجازت ناهي. اهي گهر کان ٻاهر ملازمت نه ٿيون ڪري سگهن ۽ نه ئي اڪيلي سر ڊگهي سفر تي روانيون ٿي سگهن ٿيون. انهن تي جم ۽ عوامي پارڪن ڏانهن وڃڻ تي پابندي آهي.

ڪابل ۾ گڏيل قومن جي مشن جي سربراه، روزا اوتن بائيف 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيو ته ’’جيسيتائين عورتن جي حقن جو تعلق آهي، طالبان جي اقتدار ۾ افغانستان سڀ کان وڌيڪ زورآوري ڪرڻ وارو ملڪ ٿي چڪو آهي، جتي عورتن کي عام زندگيءَ کان ڪٽي ڇڏيو ويو آهي، ۽ سندن ڄاڻي ٻجهي ڪيل انهن ڪوششن کي ڏسڻ ۽ ورجائڻ به تڪليف جو باعث آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG