حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ منصوبه بنديءَ جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان چاهي ٿو ته فوج کيس ڏوليءَ ۾ وهاري وزير اعظم هائوس پهچائي ۽ سندس مخالفن کي جيلن ۾ وڌو وڃي. ان کان پوءِ ئي هو ’پاڪ فوج زنده باد’ جو نعرو هڻندو.
احسن اقبال وائس آف آمريڪا کي انٽرويو ۾ چيو آهي ته فوج هاڻي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ نه ٿي گهري ۽ اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي پٺيان ائين نه بيٺي آهي جيئن 2018 جي چونڊن ۾ بيٺي هئي.
هن چيو ته عمران پاڻ چئي چڪو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ حڪومتي معاملن کان وٺي اسيمبلي هلائڻ تائين فوج کان مدد وٺندو هيو ۽ هاڻي طاقت ور قوتون حرڪت ۾ ناهن، ان ڪري تحريڪ انصاف جو اڳواڻ قومي سلامتيءَ جي ادارن جي خلاف زهريلي مهم هلائي رهيو آهي.
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اهو الزام لڳائيندو رهيو آهي ته سندس حڪومت جي خاتمي جي پٺيان موجوده حڪمرانن سميت اسٽيبلشمينٽ جو هٿ هيو. ليڪن هن تازو مذاڪرات جي ڳالهه به ڪئي آهي.
عمران خان جي پاران مذاڪرات جي پيش ڪش جو آڌرڀاءُ ڪندي احسن اقبال چيو ته عمران خان کي کپي ته هو ڳالهه ٻولهه کان اڳ عدالتي حڪمن تي عمل ڪري.
احسن اقبال چيو ته عمران خان سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي يرغمال نه ٿا بڻائي سگهون. جمهوريت ۾ نظرياتي اختلافات جي باوجود ملڪ جي خاطر هڪ ٻئي سان ملي هلڻو پوندو آهي.
لاهور ۾ عمران خان جي رهائش گاه زمان پارڪ تي پوليس جي ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ واري آپريشن متعلق احسن اقبال چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي نه ئي اهڙي ڪا منصوبه بندي آهي. ليڪن چيئرمين پي ٽي آءِ هر ڪو اهو قدم کڻي رهيو آهي جنهن جي ڪري رياست سندس خلاف ڪاروائيءَ تي مجبور ٿي وڃي.
سندس بقول، زمان پارڪ ۾ پيدا ٿيندڙ صورت حال جو ذمي دار عمران خان پاڻ آهي، ڇو ته هو عدالتن پاران گهرائڻ جي باجود پيش نه ٿيو آهي.
چيئرمين پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته حڪومت، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلين جي چونڊن کان اڳ کيس گرفتار ڪرڻ گهرن ٿيون ته جيئن سندس جماعت اليڪشن کان پري رهي.
احسن اقبال عمران خان جي الزام جي ترديد ڪندي چيو ته اسلام آباد پوليس عدالتي احڪامات جي پيرويءَ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ هئي، ليڪن بنا هٿيارن جي پوليس اهل ڪارن تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي طرفان پٿراءُ ڪيو ويو ۽ پيٽرول بم اڇلايا ويا. هي کليل لاقانونيت آهي ۽ اهڙن گروهن جون ڪاروائيون آهن جيڪي مسلح جدوجهد تي يقين رکن ٿا.
عمران خان عدالت جي ڇٽيءَ هيٺان بيٺو آهي
منصوبه بنديءَ جي وزير الزام لڳايو ته عمران خان عدالتي حڪمن جي ابتڙ هلي رهيو آهي ۽ ان تي کيس عدالت ئي ڇٽي فراهم ڪري رهي آهي، ۽ هن وقت به عمران خان عدالت جي رليف جي ڇٽيءَ هيٺان بيٺل آهي.
هن چيو ته هي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي ته ڇا اها پنهنجو وقار هڪ شخص جي خاطر قربان ڪري سگهي ٿي.
احسن اقبال چيو ته نواز شريف بطور وزير اعظم ۽ شهباز شريف وڏي وزير جي طور عدالتن ۽ نيب ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ عمران خان کان اڳ ڪو اهڙو مثال ڪونهي ته ڪو سياسي اڳواڻ چوي ته مان عدالت جو حڪم نه ٿو مڃان.
تازن ڏينهن دوران مسلم ليگ (ن) لڳاتار اهي الزام مڙهيندي رهي آهي ته عدالتون عمران خان جي لاءِ نرميءَ کان ڪم وٺي رهيون آهن. انهن الزامن جي برعڪس مختلف مقدمن ۾ عدالتن عمران خان کي گهرايو آهي.
چونڊن کان اڳ زيادتي دور ڪرڻ جي’بيانئي’ جو مطلب ڇا آهي؟
اڳ ۾ انصاف پوءِ انتخاب جي مسلم ليگ (ن) جي نعري تي احسن اقبال چيو ته سندس جماعت ۽ قيادت سان 2018 جي چونڊن ۾ جيڪي زيادتيون ۽ بي انصافيون ڪيون ويون انهن جو هينئر تائين تدارڪ نه ڪيو ويو آهي. سندس بقول، جيسيتائين انهن زيادتين جي تلافي نه ٿي ڪئي وڃي چونڊن جي لاءِ هڪ جهڙي ميدان جو شرط پورو نه ٿو ٿئي.
مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگينائيزر ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ، مريم نواز تازن ڏينهن دوران جلسن ۾ اهو چوندي رهي آهي ته ’پهرين انصاف ٿيندو پوءِ انتخاب ٿيندو’.
(فرقان عليءَ جي رپورٽ)