رسائی کے لنکس

آرڪنسا ۽ ڊلاويئر جي رياستن ۾ واچوڙي، طوفان جي ڪري تباهي، مري ويلن جو انگ وڌي 32 ٿي ويو


مسي سيپيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جو ڏيک
مسي سيپيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جو ڏيک

آمريڪا جي ڏاکڻي ۽ وچ اولهه وارين رياستن ۾ ڇنڇرجي ڏينهن زوردار طوفان ۽ واچوڙي جي ڪري وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ٻڌايو ٿو وڃي ته هينئر تائين مارجي ويلن جو تعداد وڌي 32 ٿي ويو آهي.

طوفاني واچوڙن جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ اٺن رياستن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. واچوڙي جي ڪري رياست ٽينيسيءَ جي ڪائونٽيءَ ۾ 9 ڄڻا، جڏهن ته چار ڄڻا آرڪنسا جي ننڍي وان نالي وسنديءَ ۾ مري ويا.

الي نوائي جي رياست ۾ چار ۽ انڊيانا ۾ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو اطلاع آهي.

خبرن جي اداري، ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق جمعي ۽ ڇنڇر جي وچينءَ رات طوفان ۽ واچوڙي جي ڪري وڌيڪ فوتگيون ٻين علائقن منجهان به رپورٽ ٿيون آهن، جن ۾ الاباما ۽ مسي سپي شامل آهن، جڏهن ته آرڪنسا جي اختياريءَ واري جي مطابق 2600 کان وڌيڪ عمارتون طوفاني واچوڙن جي زد ۾ آيون.

موسميات جي محڪمي مطابق، طوفاني واچوڙن جي رفتار 165 ميل في ڪلاڪ هئي.

رپورٽن جي مطابق، اٺن رياستن ۾ طوفان ۽ واچوڙي جي ڪري گهر ۽ ڪاوربار تباه ٿيا، جڏهن ته تيز هوائن وڻ پڙائون پٽي اڇلايا.

ٽينيسيءَ جي رياست جي شهر ميمفس جي اولهه ۾ 80 ڪلوميٽر جي فاصلي تي وان جي شهرين جي لاءِ هفتي جو صبح تمام سخت هيو، ڇو ته سندن آڏو اهو اسڪول هيو جنهن جي ڇت اکڙي وڃي پري ڪري هئي جڏهن ته اسڪول جون دريون غائب هيون.

وڏا وڏا وڻ زمين تي ڪري پيا هيا ۽ گهڻي ڀاڱي وڻ پاڙن سوڌا پٽجي چڪا هيا. ڪيتريون ئي ڀتيون ڊهي ۽ دريون ڀڄي چڪيون هيون.

ميمفس جي پوليس جي ترجمان ڪرسٽوفر وليمز چيو آهي ته علائقي ۾ ٿيڻ واريون ٽي فوتگيون موسم جي خرابي ءَ جي ڪري ٿيون، جن ۾ ٻه ٻار ۽ هڪ ٻيو شخص شامل آهن. انهن شهرين جو موت سندن گهر مٿان ڪرڻ وارن وڻن جي ڪري ٿيو.

ٻئي پاسي، ٽينيسيءَ جي رياست جي اختياريءَ وارن چتاءُ ڏنو آهي ته جمعي جي رات سامهون ايندڙ واقعا اڱاري ڏينهن به ٿي سگهن ٿا.

الي نوائي جي رياست جي علائقي بيلويڊير ۾ قائم اپولو ٿيٽر جي ڇت جو هڪ حصو ان وقت ڪريو جڏهن ڪنسرٽ جاري هيو. الي نوائي جي ڪرافورڊ ڪائونٽيءَ جي بورڊ جي اڳواڻ بل برڪ چيو آهي ته ٽي ڄڻا ان وقت فوت ۽ اٺ ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن واچوڙي نيو هيبرون جا راڱا لاٿا.

بل چيو ته انهيءَ طوفاني صورت حال جي ڪري 60 کان 100 ڄڻا بي گهر ٿيا.

رپورٽن جي مطابق، ڇنڇر ڏينهن منجهند جو ايندڙ ان طوفان ۽ واچوڙي جي ڪري پنج لک ٽيهه هزار گهر ۽ ڪاروبار بجليءَ جي رسد کان محروم ٿيا جن منجهان ٻه لک رهواسين جو تعلق اوهائيو سان آهي.

XS
SM
MD
LG