رسائی کے لنکس

ڳجهي رقم جو ڪيس: ٽرمپ جج آڏو حاضري بعد حامين کي خطاب ڪندو


اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)
اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي مهم جي اختياريءَ وارن اعلان ڪيو آهي ته اڱاري جي ڏينهن نيويارڪ ۾ جج جي سامهون پيش ٿيڻ کان پوء ٽرمپ فلوريڊا ۾ رات جو پنهنجن حامين کي خطاب ڪندو.

توقع ڪئي پئي وڃي ته ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري جي ڏينھن مين هٽن جي علائقي ۾ رضاڪارانه طور تي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪندو. اهو آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ھوندو جو ڪنھن اڳوڻي آمريڪي صدر خلاف فوجداري الزامن وارو ڪيس ھلايو ويندو.

گذريل هفتي هڪ گرينڊ جيوري ٽرمپ تي باقائدي فرد جرم لڳايو هيو. ٽرمپ تي الزام آهي ته هن 2016 جي صدارتي چونڊ مهم دوران اسڪينڊل کان بچڻ لاءِ اڳوڻي پورن اسٽار اسٽارمي ڊينيلز کي خاموش رهڻ لاءِ وڏي رقم ادا ڪئي ھئي.

ٽرمپ پاڻ تي لڳل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اھا ھُن جي صدارتي اميدوار بڻجڻ خلاف ھڪ سازش آھي.

ٽرمپ خلاف اها پيش رفت اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن هو 2024 جي صدارتي چونڊن ذريعي ٻيهر وائيٽ هائوس ۾ واپسي جو خواهشمند آهي.

ٽرمپ جي چونڊ مهم جي عھديدارن موجب مين هٽن ۾ جج آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ ٽرمپ جي فلوريڊا واري گھر مارالاگو ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويندي، جتي هو دنيا جي سامھون پاڻ کي ھڪ مضبوط ۽ مزاحمتي شخص طور پيش ڪرڻ گهري ٿو.

تقريب ۾ ٽرمپ جي حامين جو وڏو انگ شريڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.

اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر ڏينهن پام بيچ هوائي اڏي تان نيويارڪ جي لاءِ روانو
اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر ڏينهن پام بيچ هوائي اڏي تان نيويارڪ جي لاءِ روانو

ٽرمپ جا ساٿي ۽ وڪيل سندس عوامي خطاب جي فيصلي بابت سوچ ويچار ۾ مصروف آهن. سندس ڪجهه وڪيلن جو خيال آھي ته کيس ھن وقت خاموش رهڻ گهرجي.

ٽرمپ جي صدارتي مهم جي عھديدارن جو خيال آهي ته فردِ جرم لڳڻ کان پوءِ سندس حامين جي جوش ۾ واڌ ايندي.

ٽرمپ جي چونڊ مهم ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته فردِ جرم جي اعلان ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين ھن 50 لک ڊالرن جا عطيه گڏ ڪيا آهن، جڏهن ته 16 ھزار رضاڪارن مھم ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ صحيون ڪيون آهن.

ٽرمپ جي ترجمان اسٽيون چيونگ موجب فردِ جرم جي ڪارروائي کان پوءِ جو جوش ۽ جذبو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آمريڪي عوام ملڪ جي عدالتي نظام کي ٽرمپ ۽ سندس حمايتين خلاف استعمال ڪرڻ جي عمل کان بيزار اچي چڪو آهي.

خبرن جي اداري ايسوسي ائٽڊ پريس (اي پي) موجب ٽرمپ جي ڪيس جي ڄاڻ رکندڙ ٻن ماڻهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ٽرمپ خلاف گذريل هفتي گرينڊ جيوري آڏو رکيل فردِ جرم ۾ ٽرمپ خلاف ڪاروباري رڪارڊ ۾ تبديلي جي ٻن الزامن کان سواءِ ھڪ وڏي ڏوهه جو الزام پڻ شامل آھي.

واضح رهي ته ٽرمپ خلاف منظور ڪيل الزامن جو تفصيل هن وقت مُھر بند ٿيل آهي.

XS
SM
MD
LG