اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خلاف نيو يارڪ جي هڪ عدالت ۾ فرد جرم عائد ڪرڻ کان اڳ پاڻ کي نيو يارڪ ۾ اختياريءَ وارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
هو آمريڪا جو پهريون صدر آهي جنهن جي خلاف لڳ ڀڳ 36 مبينه الزامن تي مشتمل فرد جرم عائد ڪئي وئي آهي.
ٽرمپ جي وڪيلن چيو آهي ته هو 2016 جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کان اڳ ’پورن اداڪاره’ اسٽارمي ڊينيلز کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ هن کي هڪ لک 30 هزار ڊالر رقم جي ادائگيءَ سان لاڳاپيل الزامن ۾ قصوروار ٿيڻ کان انڪار ڪندو.
کيس تي الزام آهي ته هن اداڪاره کي ڏهه سال اڳ تعلقات متعلق سندس دعوا تي زبان بند رکڻ جي لاءِ رقم جي ادائگي ڪئي هئي. ٽرمپ ڊگهي عرصي تائين اسٽارمي ڊينيلز جي دعوا جي ترديد ڪندو رهيو آهي.
ڇاهتر سالن جو ٽرمپ نيو يارڪ سٽي ۾ وڏي عرصي تائين رهي چڪو آهي. هتي سندس وڏو ريئل اسٽيٽ ڪاروبار آهي ۽ صدر ٺهڻ کان اڳ ڪيترن ئي ورهن تائين شهر جي چمڪندڙ ’ٽيبلائيڊ’ سماجي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو هو.
ايسيتائين جو اهڙي وقت جڏهن هو وائيٽ هائوس جو عهدو ٻيهر ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو 2024 جي ريپبليڪن صدارتي نامزدگيءَ جي ڊوڙ ۾ اڳتي ڏسجي رهيو آهي.
ليڪن پهريون ڀيرو هو پنهنجي اباڻي شهر ۾ هڪ جوابدار جي طور پيش ٿي رهيو آهي.
آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي باري ۾ سياسي طور تي ڏاڍو ورهايل آهن ۽ کين ڊگهي عرصي کان ٽيلي ويزن تي سندس هر چر پر کي ڏسڻ جي عادت آهي.