رسائی کے لنکس

ٽوئٽر جي جھرڪي 'ڪتو' ڪيئن بڻجي وئي؟


ٽوئٽر جو نئون لوگو
ٽوئٽر جو نئون لوگو

مائڪروبلاگنگ پليٽ فارم ٽوئٽر تي روزانو ڪا نه ڪا تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڪڏهن اها تبديلي ’بليو ٽڪ’ سان لاڳاپيل هوندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي فيچر سان، پر هن ڀيري جي ڦيرگير بلڪل مختلف آهي.

جيڪڏهن توهان ٽوئٽر جو ويب ورزن استعمال ڪيو ٿا ته پوءِ اوهان کي اها تبديلي واضح نظر ايندي. اها تبديلي آھي ٽوئٽر ڪمپني جي ’لوگو‘ (خاص نشان) تي ’جھرڪي‘ نما پکيءَ جي جاءِ تي ’ڪُتي‘ جي تصوير.

اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهو ٽوئٽر جو مستقل لوگو آهي يا ڪا عارضي تبديلي، ڇو ته ان معاملي ۾ ٽوئٽر پاران ڪو بيان سامھون نه آيو آهي.

پر اها تبديلي آئي ڪيئن؟

ٽوئٽر جي مالڪ ايلون مسڪ پنھنجي پليٽ فارم تي ڪرپٽو ڪرنسي ’ڊوج ڪوائن’ جي لوگو تي ’شيبا اينو’ ڪتي جي تصوير پوسٽ ڪئي آهي.

اھا تبديلي جمعي تي ٿيندڙ هڪ ٻڌڻيءَ کانپوءِ ٿي جنهن ۾ ٽوئٽر ڪمپني جي مالڪ ايلون مسڪ ڌوڪي بازيءَ جي ڪيس ۾ جج کي ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

خبرن جي اداري ’رائٽرز’ مطابق ايلون مسڪ 258 ارب ڊالر جي ڪيس کي خارج ڪرڻ جي التجا ڪئي هئي جنھن ۾ مسڪ تي الزام هو ته ھن ’ڊوج ڪوائن’ جي قيمت وڌائڻ لاء ڌوڪي بازي ڪئي آھي.

مسڪ جي ڪمپني جي وڪيلن جو چوڻ آھي ته ڊوج ڪوائن جي سيڙپڪارن ڪڏهن به نه ٻڌايو ته ايلون مسڪ ڪيئن ٺڳي ۽ فراڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

عدالت ۾ ان ٻڌڻيءَ کانپوءِ سومر تي ٽوئٽر جو لوگو تبديل ڪيو ويو، ۽ ايلون مسڪ هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته "جيئن واعدو ڪيو ويو ھو".

اُن اسڪرين شاٽ ۾ ايلون مسڪ کي ’ڊبليو ايس بي چيئرمين’ نالي هڪ اڪائونٽ تان چيو ويو ته "ٽوئٽر خريد ڪري وٺو" ۽ "ان جي پکي واري لوگو جي جاءِ تي ڊاج رکي ڇڏيو".

اهڙي طرح ايلون مسڪ هڪ ميم شيئر ڪيو ان ۾ هڪ پوليس آفيسر گاڏي ڊرائيو ڪندڙ ’شيبا اينو’ جو لائسنس ڏسي رھيو آھي، جنھن ۾ ھن جي تصوير جي جاءِ تي ٽوئٽر جو برڊ لوگو لڳل آهي. ان تي ڪار ۾ موجود ’شيبا اينو’ پوليس اھلڪار کي چوي ٿو ته "اها پراڻي تصوير آهي".

ايلون مسڪ جي ان قدم کان پوءِ روسي پرڏيهي وزارت پاران مسڪ کي مخاطب ڪندي ڪجهه ميمز به ٽوئٽر تي شيئر ڪيا ويا، جن ۾ ’شيبا اينو’ جي تصوير سان گڏ مختلف ڊزائن ٺاھيا ويا هئا.

ڊوج ڪوائن جي قيمت ۾ واڌارو

ٽوئيٽر جي لوگو جي تبديلي کانپوءِ ’ڊوج ڪوائن’ جي قيمت ۾ به واڌارو ڏٺو ويو آهي.

نشرياتي اداري سي اين بي سي جي رپورٽ موجب لوگو مٽجي وڃڻ کان پوءِ ڊوج ڪوائن جي قيمت 30 سيڪڙو کان وڌي وئي آھي.

ڊوج ڪوائن کي ڊسمبر 2013 ۾ ٻن سافٽ ويئر انجنيئرن پاران ھڪ 'مذاق' طور ٺاھيو ويو ھو. ڪوائن مارڪيٽ ڪيپ ويب سائيٽ مطابق ڊوج دنيا جي 10 سڀ کان وڌيڪ قيمتي ڪرپٽو ڪرنسين مان هڪ آهي، جنهن جو مارڪيٽ ڪيپ 13 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي.

ان کان اڳ فيبروري ۾ ايلون مسڪ جاپاني ’شيبا اينو’ ڪتي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو هو ته ’’ٽوئٽر جو نئون سي اي او بهترين آهي." ايلون مسڪ وٽ ’شيبا اينو’ نسل جو ھڪ ڪتو آهي جنهن کي ھو ’فلوڪي’ جي نالي سان سڏيندو آهي.

(هن خبر ۾ ڪجهه معلومات خبرن جي اداري 'رائٽرز' تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG