رسائی کے لنکس

ٽوئٽر ’بلو ٽِڪ‘ ڪھڙين شخصيتن جي اڪائونٽ تان هٽي ويو؟


Blue tick
Blue tick

مائيڪرو بلاگنگ پليٽ فارم ٽوئٽر رقم ادا نه ڪندڙ صارفين جي اڪائونٽس تان پنهنجو تصديق وارو نشان ’ليگيسي بلو ٽڪ‘ هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون، ادارا توڙي عام ماڻهو ٽوئٽر جي بلو ٽِڪ کان محروم ٿي ويا آهن.

آمريڪا کان پاڪستان تائين هر ملڪ ۾ اهي صارف پنهنجا بلو ٽِڪس وڃائي ويٺا آهن جن ٽوئٽر کي ان مقصد لاءِ رقم جي ادائيگي نه ڪئي.

ٽوئٽر ويب برائوزر استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ بلو ٽِڪ سبسڪرپشن فيس 8 ڊالر ماهوار مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته اينڊرائيڊ ۽ آئي او ايس استعمال ڪندڙن لاءِ اها فيس 11 ڊالر تائين آھي.

ٽوئٽر اڳواٽ ئي صارفين کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن هو 20 اپريل تائين رقم ادا نه ڪندا ته ان تصديقي ٽڪ کان محروم ٿي ويندا.

بجليءَ تي گاڏيون ٺاھيندڙ ڪمپني ’ٽيسلا’ جي مالڪ ايلون مسڪ پاران ٽوئٽر کي 44 بلين ڊالرن ۾ خريد ڪرڻ کان پوءِ ٽوئٽر تي مختلف تبديليون ڪيون ويون آھن. هن اعلان ڪيو هو ته ٽوئٽر بلو ٽڪ حاصل ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ هاڻي صارفين کي رقم ادا ڪرڻي پوندي.

ياد رهي ته بلو ٽڪ ڪنھن به اڪائونٽ جي تصديق ٿيل ۽ حقيقي ھئڻ جي نشاني آهي، پر هاڻي ٽوئٽر تي ان عمل ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي.

خبرن جي اداري ايسوسي ايٽڊ پريس موجب بلوچيڪ سسٽم تحت ٽوئٽر جا ٽي لک تصديق ٿيل صارف هيا.

بلو ٽِڪ کان محروم ٿيندڙ شخصيتون

ٽوئٽر پاران خميس ڏينھن جن مشھور صارفين جي اڪائونٽن تان بلو ٽڪ ھٽايو ويو تن ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، آمريڪي بزنس وومين ڪِم ڪارڊيشين، آمريڪي ڳائڻي سلينا گومز، بيونسي، آمريڪي ٽي وي ميزبان اوپرا ونفري، ارب پتي شخصيت ۽ مائڪروسافٽ جو باني بل گيٽس، بالي ووڊ جا ستارا اميتاڀ بچن، شاه رخ خان، اڪشي ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن.


پاڪستان جا اڳوڻا وزيراعظم عمران خان، نواز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو بهبلو ٽِڪ کان محروم ٿي وڃڻ وارن ۾ شامل آهن.

ڀارتي رياست اتر پرديش جو وڏو وزير يوگي اديا ناٿ ۽ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي به بلو ٽِڪ وڃائي ويٺا.

اهڙي طرح ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي، سچن ٽنڊولڪر، پاڪستان ٽيم جا رانديگر بابر اعظم، محمد رضوان، شاداب خان ۽ ٻيا به بلو ٽِڪ وڃائي ويٺا آهن.

ٽوئٽر ڪيترن ئي ادارن جي اڪائونٽن تان به تصديقي نشان هٽائي ڇڏيو آهي، جن ۾ هيومن رائيٽس واچ، حڪومتِ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري کاتي آئي ايس پي آر جا اڪائونٽ به شامل آهن.

ٽوئٽر تي ھاڻ جيڪي صارف پيسا ادا ڪرڻ کان پوءِ بلو ٽڪ حاصل ڪري رهيا آهن تن جي چيڪ مارڪ تي ھي پيغام لکجي پيو اچي ته هي اڪائونٽ تصديق ٿيل آهي، ڇو ته هي ’ٽوئٽر بلو سبسڪرائبر’ آهي ۽ سندس فون نمبر به تصديق ٿيل آهي.

فون نمبر جي تصديق ٿيڻ جو مطلب آهي ته ڪنھن شخص وٽ ڪو فون نمبر آهي جيڪو سندس استعمال ۾ آھي يا جنهن تائين سندس رسائي آهي، تنهن جي تصديق ڪئي وڃي ٿي، باقي ان شخص جي ذاتي سڃاڻپ جي تصديق نه ٿي ڪئي وڃي.

سوشل ميڊيا جي نگراني لاءِ سافٽ ويئر ٺاهيندڙ ھڪ مبصر، ٽراوس برائون، چوي ٿو ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پنج سيڪڙو کان به گهٽ تصديق ٿيل اڪائونٽن ٽوئٽر کي بلولاءِ ادائگي ڪئي آهي.

’چانهه بسڪيٽ نه ڏيو، بليو ٽڪ واپس وٺو’

بليو ٽِڪ هٽائڻ جي شروعات ٿيندي ئي ٽوئيٽر تي #BlueTick ٽرينڊ ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو پنهنجين پسنديده شخصيتن جي اڪائونٽن تان بلو ٽِڪ ھٽڻ بابت تصويرون ۽ ميمز شيئر ڪري رهيا آهن.


بليو ٽڪ رکندڙ ھڪ صارف ڪراٽيڪا لکيو ته ”منهنجي اڪائونٽ تي بلو ٽڪ آهي پر مشهور بالي ووڊ اداڪار شاه رخ خان وٽ ناهي’’.

ڊاڪٽر نيمو ياديو جي اڪائونٽ تان اڪشي ڪمار جي اڪائونٽ جي تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن تي لکيل هو ته "ٽوئٽر اڪشي ڪمار کان بلو ٽڪ کسي ورتو’’.

."ڪنگ بابر اعظم آرمي" نالي ھڪ تصديق ٿيل اڪائونٽ تان پوسٽ ڪيو ويو ته "ٽوئٽر ڪيڏي نه مزاحيه جاءِ آهي جتي فين پيج تي ته بلوو ٽڪ آهي پر بابراعظم جي (پنھنجي) اڪائونٽ تي ناھي.

حمزه نالي هڪ تصديق ٿيل صارف لکيو ته عمران خان بليو ٽڪ لاءِ 8 ڊالر نه ڏنا. مرشد اسان کي چانهه سان بسڪيٽ نه ڏجئو پر انھن پئسن سان وڃي بلو ٽڪ واپس وٺو

بلوٽڪ ڪيئن واپس وٺجي؟

جيڪڏهن اوهان ٽوئٽر جي بلوٽِڪ وڃائي ويٺا آهيو ته پوءِ ماهوار يا سالياني سبسڪرپشن ذريعي ان کي واپس وٺي سگهو ٿا. ويب صارفين جي سالياني سبسڪرپشن فيس آھي 84 ڊالر جڏھن ته ايپ استعمال ڪندڙن جي سالياني فيس 115 ڊالر آھي.

(هن خبر ۾ ڪجهه مواد خبرن جي اداري ايسوسي ائٽڊ پريس کان ورتو ويو)

XS
SM
MD
LG