آمريڪا ۾ سليڪون ويلي بينڪ ۽ نيويارڪ سگنيچر بينڪ جي ڏيوالي نڪرڻ جي ڪري صارفين پنهنجو ناڻو ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهن، جڏهن ته انهن بينڪن جي شيئرن جي وڪري ۾ به تيزي اچي وئي آهي.
اٺاويهن سالن جي سيم فرينڪلن چيو آهي ته ’’اسان جو تقريبا نوي سيڪڙو ڪيش سليڪون ويلي بينڪ ۾ هيو’’. ڪجهه اهڙيون ئي حالتون فلورين سمينڊر نالي واريءَ هڪ ٻيءَ بينڪ جا آهن. گراهڪن جو چوڻ آهي ته ’’هيءَ ڪهڙي مذاق آهي، اسان پنهنجي اڪائونٽ تائين رسائيءَ لاءِ سڪي رهيا آهيون’’.
اهي صارفين آمريڪا جي سليڪون ويلي بينڪ (ايس وي بي) جي ڏيوالي نڪرڻ جي ڪري متاثر ٿيڻ وارن ڪيترن ئي صارفين ۾ شامل آهن.
سيم فرينڪلن لنڊن جي ريڪروٽمينٽ ڪمپني، اپٽا جي چيف اگزيڪٽو آهي. سندس ڪمپني سموري دنيا ۾ ٽيڪنالاجيءَ متعلق ماڻهن جي ڀرتيءَ جو خدمتون فراهم ڪندي آهي ۽ ان جو اڪائونٽ به ايس وي بي ۾ هو.
فلورين سمينڊر هانگ ڪانگ جي ’سائونڊ برينز’ نالي واري هڪ ڪمپنيءَ جي شريڪ چيف اگزيڪٽو آهي ۽ سندس ڪاروباري ڏي وٺ به آمريڪي بينڪ ايس وي بي جي ذريعي هلندي هئي.
آمريڪي عمل دارن جمعي ڏينهن ان وقت سليڪون ويلي بينڪ بند ڪري ڇڏي هئي جڏهن وڏي تعداد ۾ کاتيدارن هڪدم پنهنجون رقمون ڪڍڻ شروع ڪيون. آچر ڏينهن سرڪاري عمل دارن ’نيو يارڪ سگنيچر بينڪ’ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.
سليڪون ويلي بينڪ جو شمار آمريڪا جي 16 وڏين بينڪن ۾ ٿيندو آهي، جتي نه صرف ڪيترين ئي ٽيڪنالاجيءَ جي ڪمپنين جا اڪائونٽ آهن، بلڪه اهي بينڪ ڪمپنيون مختلف فائنانشل سروسز به فراهم ڪنديون آهن.
لڳ ڀڳ 200 ارب ڊالر جي سرمائي واري سليڪون ويلي بينڪ جي ناڪامي آمريڪي تاريخ ۾ ٻي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي. اها بينڪ قسمت آزمائيءَ جي لاءِ خطري واري سيڙپ ڪاريءَ ۾ گهڻو عرصو شامل رهي آهي، خاص طور تي ٽيڪنالاجيءَ جي سيڪٽر ۾.
ٽينڪالاجيءَ جي شعبي ۾ خدمتون فراهم ڪرڻ وارن سوين ادارا ۽ ماڻهو ڪيلي فورنيا ۾ قائم سليڪون ويلي بينڪ ۽ نيو يارڪ سگنيچر بينڪ جي ناڪاميءَ کان متاثر ٿيا آهن.
آمريڪي صدر جو بائيڊن سومر تي صارفين کي يقين ڏياريو ته حڪومت سندن ناڻي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي. اطلاعن مطابق اڱاري ڏينهن ڪاروباري مارڪيٽن ۾ انهن يقين دهانين جي باوجود بي چيني ڏٺي وئي ۽ سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ بينڪن جي شيئرز ڪرڻ جو رجحان رهيو.
خبرن جي اداري، رائيٽرز جي مطابق، سومر تي آمريڪي بينڪن جي شيئرز جي قدر ۾ 90 ارب ڊالر جي گهٽتائي ڏٺي وئي، جڏهن ته ٽي ڏينهن اڳ ٽريڊنگ دوران شيئرز جي مجموعي قدر ۾ 190 ارب ڊالر جي ڪمي آئي.