رسائی کے لنکس

سينيٽرعثمان ڪاڪڙ جي موت جي تحقيقات ڪئي وڃي، عالمي ادارو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

گڏيل قومن جي اداري پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته اهو ٻه سال اڳ پراسرار حالت ۾ فوت ٿيل اڳوڻي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي موت جي تحقيقات ڪري.

پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ميپ) سان تعلق رکڻ واري اڳوڻي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جون 2021 ۾ ڪوئٽا ۾ پراسرار حالت ۾ شديد زخمي مليو هو ۽ اڃان تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته هو ڪيئن زخمي ٿيو هو، جنهن کان ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ سندس موت واقع ٿيو.

عثمان ڪاڪڙ بلوچستان جي عوام جي حقن ۽ قوم پرست سياست جي علامت سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته سينيٽ آف پاڪستان ۾ به هو رياستي ادارن تي کلي تنقيد ڪندو هو.

عالمي اداري پاران سندس پر اسرار موت جي تحقيقات جي لاءِ گزريل سال ڊسمبر ۾ هڪ خط لکيو ويو هو جنهن کي هاڻي عام ڪيو ويو آهي.

ان خط ۾ ان امڪان جو به اظهار ڪيو ويو هو ته سندس موت ڪنهن حملي جي نتيجي جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو. عثمان ڪاڪڙ فوج جي ڪردار ۽ ان جي پاليسين جو سخت ناقد سمجهو ويندو هو ۽ حڪومتي ايوانن ۾ کليءَ طرح ان جو اظهار ڪندو هو.

ماهرن مطابق پاڪستان جي افغانستان متعلق پاليسي هجي يا لاپتا ماڻهن جي باري ۾ سخت ڳاليهون، عثمان ڪاڪڙ جو آواز سينيٽ ۾ هميشه اهميت جو حامل هوندو هو.

پاڪستان جي پارليمان جي مٿئين ايوان جي سال 2015 کان 2021 تائين رڪن رهڻ وارو عثمان ڪاڪڙ ٻه سال اڳ ڪوئٽا ۾ ڪنهن حادثي ۾ مٿي تي سخت ڌڪ لڳڻ جي ڪري زخمي ٿيو. ڪجهه ڏينهن تائين ڪوئٽا ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ زير علاج رهڻ کان پوءِ هو 59 ورهن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

(محمد ثاقب جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG