رسائی کے لنکس

طالبان عورتن جي خلاف ’خطرناڪ مهم’ بند ڪن، اقوام متحده


ڪابل ۾ هڪ عورت هڪ طالبان محافظ جي آڏو لنگهندي. 26 ڊسمبر 2022. (فائيل فوٽو)
ڪابل ۾ هڪ عورت هڪ طالبان محافظ جي آڏو لنگهندي. 26 ڊسمبر 2022. (فائيل فوٽو)

گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي امدادي تنظيمن جي عمل دارن تازو افغان طالبان سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن تي زور ڀريو آهي ته اهي ملڪ کي درپيش سنگين انساني صورت حال کي سامهون رکندي عورتن جي تعليم ۽ امدادي گروهن جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي لڳل پابندي ختم ڪن.

گڏيل قومن جي اداري جي هڪ عمل دار افغان عورتن کي عوامي زندگيءِ کان ٻاهر رکڻ جي مهم کي ’’خطرناڪ’’ قرار ڏنو آهي.

اداري جي افغانستان ۾ تعينات ايلچي مارڪس پوٽزل گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ طالبان جي سينئر وزيرن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ سندن سامهون عورتن جي حقن جي حفاظت متعلق عالمي اداري جو موقف رکيو آهي.

آچر ڏينهن پوٽزل طالبان جي ان وزير سان به ملاقات ڪئي جنهن جي وزارت ’نيڪيءَ جي واڌاري ۽ برائيءِ کي روڪڻ’ جي نالي سان ڄاتي ويندي آهي، جنهن کي طالبان جي بيان ڪيل اسلام جي تشريح ۽ نفاذ جو ڪم سونپيو ويو هو.

پوٽزل جي دفتر مطابق هنن طالبان جي وزير محمد خالد حنفيءَ تي واضح ڪيو ته ’’طالبان جي طرفان عورتن جي خلاف تازين امتيازي پابندين جي ڪري امدادي سرگرميون رڪجي سگهن ٿيون ۽ ان جي ڪري (افغانستان جي معيشت) کي نقصان رسي سگهي ٿو’’.

عالمي اداري جي عمل دار جي طالبان عهديدارن سان ڳالهه ٻولهه گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل جي 13 جنوريءَ تي ٿيڻ واري اجلاس کان اڳ ٿي هئي.

سلامتي ڪائونسل افغانستان ۾ امدادي ڪارڪنن تي پابنديءَ تي بحث جي لاءِ خانگي طور تي ملاقات ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

ڪابل ۾ ٿيڻ واريون هي ملاقاتون اهڙي وقت ٿي رهيون آهن جڏهن طالبان حڪمرانن کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته اهي عورتن جي خلاف نافذ ڪيل پابنديءَ کي ختم ڪن.

سخت گير پاليسي اختيار ڪندي، طالبان گزريل مهيني افغان عورتن جي عملي کي قومي ۽ بين الاقوامي غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان اوچتي پابندي وڌي هئي ۽ الزام لڳايو هو ته عورتون سرڪاري حڪم جي مطابق اسلامي اسڪارف پائڻ جي پابندي ڪونه ٿيون ڪن.

هن قدم جي جواب ۾ گڏيل قومن جي عهديدارن چيو آهي ته افغانستان ۾ لکين ماڻهن کي فوري امداد جي ضرورت آهي، ليڪن طالبان پاران عورتن جي خلاف کنيل قدم انساني همدرديءَ جي ڪيترن ئي پروگرامن کي موثر طريقي سان معطل ڪرڻ جو سبب بڻيا آهن.

XS
SM
MD
LG