تمر جي وڻ جا ٻيلا ته ڪيٽيءَ بندر تي سنڌوءَ نديءَ جي ڇوڙ وٽ ميلن تائين سامونڊي ڪناري تي ڦهليل آهن، پر قدرت جو نظام اچرج جوڳو آهي ته سمنڊ جي اندر به ٻيلا آهن. اها وڻڪار ۽ مختلف رنگن جي پنن جي ساوڪ جي ميلن تائين ڦهليل باغن وانگر پنن ۽ گلن جا ڳتيل ميڙ پاڻيءَ ۾ ٿين به ٿا ۽ وڌن ويجهن به ٿا. اها سمنڊ جي اندروني بيهڪ مڇين جي نپجڻ جي لاءِ هڪ اڻ کٽ دنيا جو عجب نظارو پيش ڪن ٿا.
هوڏانهن اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي اداري جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري (يونيسڪو) ٻڌايو آهي ته آسٽريليا جي سامونڊي ڪناري کي ويجهو سمنڊ اندر پٿريلي ۽ هيٺ مٿاهين سطح واري ’گريٽ بيريئر ريف’ جي حفاظت ۽ نگرانيءَ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سمنڊ جي پيٽ جي وڻڪار وڌي ويجهي ۽ ان کي ڪو وڌيڪ نقصان نه رسي.
يونيسڪو الزام مڙهيو آهي ته آسٽريليا موسمياتي تبديليءَ ۽ ٻين اهم خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل قدم نه کنيان آهن، جن ۾ غير معياري پاڻي ۽ حد کان وڌيڪ مڇي مارڻ جو آزار شامل آهن.
ابتدائي طور تي اها رپورٽ جون ۾ روس ۾ يونيسڪو جي عالمي ورثي جي ڪاميٽيءَ جي اجلاس کان اڳ ۾ سامهون اچڻي هئي، پر يوڪرين تي روس جي حملي جي ڪري اجلاس کي اڻ ڄاتل مدت تائين اڳتي وڌايو ويو آهي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي پل مرسر پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته چتاءَ جي جواب ۾ آسٽريليا جي عمل دارن چيو آهي ته انهن کي ان رپورٽ تي ڳڻتي آهي ته کين سمند جي اندر ان پٿريلي علائقي تي بيٺل وڻڪار کي بچائڻ لاءِ تڪڙا، تفصيلي ۽ لڳاتار قسم جا اپاءَ وٺڻا پوندا.
پهريون ڀيرو، آسٽريليا ان ڳالهه تي قانون سازي ڪئي آهي ته ’گرين هائوس گيس’ جي خارج ٿيڻ جي حد مقرر ٿيڻ کپي.
ان ڏس ۾، آگسٽ ۾ ڪينبرا ۾ وفاقي پارليامنٽ نوان قانون منظور ڪيا آهن، جن جي ذريعي 2030 تائين ڪاربن گيس جي اخراج کي 43 في صد تائين گهٽايو ويندو.
تانيا پليبرسڪ آسٽريليا جي ماحوليات ۽ پاڻي جي وسيلن جي وزير آهي. هن اڱاري جي ڏينهن ڪينبرا ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته مئي ۾ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ، حڪومت موسمي تبديليءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ فيصله ڪن قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته ’’ڪنهن به لحاظ کان ڏٺو وڃي ته آسٽريليا جي حڪومت پنهنجي ذمي داري پوري ڪندي، ۽ اها ماحوليات جي بهتريءَ لاءِ گهربل قدم کڻي رهي آهي’’.
ليڪن وزير چيو ته ’’هيءَ رپورٽ هن حڪومت جي اچڻ کان اڳ لکي وئي هئي، جڏهن وڻڪار کي خطرو وڌيل هو، جڏهن ته هاڻي صورت حال بدلجي وئي آهي’’.
ليڪن، قدرتي ورثي جي سار سنڀال لهڻ وارن عالمي ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته يونيسڪو جي رپورٽ ’گريٽ بيريئر ريف’ کي درپيش خطري جي نشاندهي ڪري چڪي آهي.
سامونڊي جائزي مان پتو پوي ٿو ته ’گريٽ بيريئر ريف’ جي ڪجهه علائقي کي اڃان ڪو نقصان نه رسيو آهي، جڏهن ته ٻين پاسن کان جتي سمنڊ جو پاڻي هلڪو گرم آهي ۽ جتي تيز سامونڊي طوفان اچن ٿا ۽ انهن پاسن ۾ جتي ’ڪورل’ وڻڪار تي پلجندڙ اسٽار فش پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهيا آهن، اتي صورت حال پريشان ڪندڙ آهي.
ياد رهي تي ’گريٽ بيريئر ريف’ جو علائقو 2300 ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهي جيڪو آسٽريليا جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي، جيڪو علائقو جاپان جي سرزمين جيترو آهي.
ايندڙ سال ان جي باري ۾ فيصلو اچڻو آهي. گڏيل قومن جي عالمي ورثي جي ڪاميٽي ’گريٽ بيريئر ريف’ جي معاملي تي ويچار ڪري رهي آهي ۽ امڪان اهو ئي آهي ته ڪاميٽي ان کي خطري ۾ ڦاٿل علائقو قرار ڏيڻ واري آهي.