رسائی کے لنکس

آئنده سال ڀارت آدم شماريءِ ۾ چين کان گوءِ کڻي ويندو


ممبئي (فائيل فوٽو)
ممبئي (فائيل فوٽو)

عالمي اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق دنيا جي آبادي هلندڙ سال 15 نومبر تائين اٺ ارب ٿي ويندي، جڏهن ته 2023 ۾ان سلسلي ۾ ڀارت چين کان گوءِ کڻي ويندو.

هر سال 11 جولائي تي ملهائي ويندڙ عالمي يوم آباديءَ جي موقعي تي اقوام متحده جي معاشي وسماجي امور جي اداري پنهنجي انگن اکرن ۾ ٻڌايو آهي ته 1950 جي ڏهاڪي کان پوءِ دنيا جي آباديءَ ۾ سست ترين واڌارو ٿيو آهي.

عالمي اداري مطابق، هلندڙ مهيني دنيا جي مجموعي آبادي اٺ ارب ٿي ويندي جڏهن ته ايندڙ سال تائين آباديءَ جي لحاظ کان ملڪن جي درجه بنديءَ ۾ هڪ نمايان تبديلي اچڻ واري آهي.

هن وقت چين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آدمشماري رکڻ وارو ملڪ آهي، جڏهن ته ڀارت ٻئي نمبر تي آهي. اقوام متحده جي مطابق، 2023 ۾ ڀارت انسانن جي ڳڻپ ۾ چين کي پوئتي ڇڏي ويندو.

اقوام متحده ظاهر ڪيو آهي ته 2030 تائين دنيا جي آبادي ساڍا اٺ ارب ڪام مٿي هوندي، جڏهن ته 2050 تائين اهو تعداد وڌي 9.7 ارب ٿيڻ جو امڪان آهي. 2080 جي ڏهاڪي ۾ آبادي ۾ اضافو عروج تي هوندو جيڪو 10.4 ارب ٿي ويندو.

حالانڪه دنيا جي ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ آبادي وڌڻ جي شرح گهٽجي وئي آهي، ليڪن عالمي اداري جي اڳ ڪٿيءَ مطابق ايندڙ ڏهاڪن دوران اٺن ملڪن جي آدم شماري دنيا جي مجموعي تعداد جي اڌ کان وڌيڪ ٿي ويندي.

رپورٽ مطابق، اهي ترقي ڪندڙ ملڪ آهن ڪانگو، فلپائين، نائجيريا، تنزانيا، ايٿيوپيا، مصر، ڀارت ۽ پاڪستان.

عالمي آباديءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان سماجي ذرائع ابلاغ لاءِ پنهنجي پيغام ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس چيو آهي ته اسان کي هر فرد تي توجه ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته ان ڏينهن اسان کي دنيا جي مدد يقيني بنائڻ سان گڏ و گڏ ايندڙ نسلن لاءِ ضرورتون ميسر ڪرڻ جي ڪوششن تي توجه ڏيڻ کپي.

XS
SM
MD
LG