هلندڙ سال عيد الفطر جي موقعي تي چار اردو فملون سنيما گهرن جي رونق بڻجڻ جي لاءِ تيار آهن. فلمن جي ڪن شوقينن کي ’مني بيڪ گارنٽي’ جو انتظار آهي، جڏهن ته 1971 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿيڻ واري جنگ تي بنجڻ واري فلم ’هوئي تم اجنبي’ به پنهنجي ڪهاڻيءَ ۽ اسٽار ڪاسٽ سان سنيما سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ اهميت رکي ٿي.
مصنف ۽ هدايتڪار ابو عليجا جي فلم ’دادل’ ۽ هدايت ڪار نديم چيما جي ايڪشن فلم ’دوڙ’ به عيد الفطر تي رليز ٿيندي. اردو فملن کان علاوه هن سال عيد تي چار پنجابي فلمون به رليز ٿينديون جن ۾ ’لاهور قلندر’، ’ببرا گجر’، ’اشتهاري ڊوگر’ ۽ ’بشيرا گجر’ شامل آهن.
پاڪستاني فلمن کان سواءِ بالي ووڊ جي ايڪشن فلم ’جان وڪ چيپٽر فور’، پنهنجي اينيميٽڊ فلم سپر ’ماريو برادرز’ ۽ هارر فلم ’ايول ڊيڊ رائيز’ به عيد تي سنيما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.
گزريل سال به عيد تي چار پاڪستاني فلمون رليز ٿيون هيون، پر انهن منجهان صرف هڪ ئي فلم ’گهبرانا نهين هي’ سٺو بزنيس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. انهن فلمن جي پروڊيسرز سنيما مالڪن تي الزام لڳايو آهي ته هنن بالي ووڊ فلم ’ڊاڪٽر اسٽرينج ان دي ملٽي ورس آف ميڊنيس’ کي عيد الفطر جي چوٿين ڏينهن رليز ڪري مڪاني فلمن جي ڪاروبار کي متاثر ڪيو، جنهن جي سنيما مالڪن ترديد ڪئي هئي.
مني بيڪ گارنٽي
ان فلم ۾ فلمن جا شوقين اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ۽ سپر اسٽار فواد خان کي هڪ ئي فلم ۾ ڏسڻ جي لاءِ بي تاب نظر اچي رهيا آهن. اهي ٻئي ’مني بيڪ گارنٽي’ ۾نظر ايندا جنهن جي ڪهاڻي ’نيٽ فليڪس’ جي سيريز ’مني هائسٽ’ سان مشابهت رکي ٿي.
فلم ۾ فواد خان ۽ وسيم اڪرم سان گڏ اڳوڻي ڪپتان جي زال، شنيرا اڪرم به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي، جڏهن ته ميڪال ذوالفقار، گوهر رشيد، عائشه عمر، شايان خان، جاويد شيخ، ڪرن ملڪ، احمد بلال، جان ريمبو، عدنان جعفر ۽ سلمان ثاقب عرف ماني به ڪاسٽ ۾ شامل آهي.
مني بيڪ گارنٽي پاڪستان کان سواءِ دنيا جي 800 جي لڳ ڀڳ اسڪرينن تي نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.
هوئي تم اجنبي
اينڪر پرسن ڪامران شاهد جي فلم ’هوئي تم اجنبي’ جي ڪهاڻي 1971 جي گرد گهمي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ بنگله ديش وجود ۾ آيو هو.
ان جي مرڪزي ڪردارن ۾ ميڪال ذوالفقار ۽ سعديه خان ڏسڻ ۾ ايندا، جڏهن ته اداڪار شاهد، سهيل احمد، محمود اسلم، شمعون عباسي، شفقت چيما، ثمينا پيرزاده ۽ علي خان سميت ڪيترا وڏا نالا ان ڪاسٽ جو حصو آهن.
دادل
عيد تي رليز ٿيڻ واري هدايت ڪار ابو عليجا جي فلم ’دادل’ ۾ باڪسنگ سان گڏ ڪراچيءَ جي انڊر گرائونڊ ڪلچر جي عڪاسي ڪئي وئي آهي.
فلم ۾ اداڪاره سونيا حسين لياريءَ جي باڪسر جو ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته ان سان گڏ اداڪار ۽ گلوڪار محسن عباس حيدر، ماڊل ۽ اداڪار رضوان علي جعفري، شمعون عباسي، عدنان شاه ٽيپو ۽ مائره خان به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن.
دوڙ
هدايت ڪار نديم چيما جي ايڪشن فلم ’دوڙ’ به عيد الفطر تي سنيما گهرن جي زينت بڻبي. ايڪشن سان ڀرپور هن فلم جي ڪاسٽ ۾ اسد محمود، سليم معراج ۽ شفقت چيما شامل آهن جڏهن ته ان جي ڪهاڻي هڪ اهڙي شخص جي گرد گهمي ٿي جنهن وٽ پنهنجي اغوا ٿيل زال کي ڇڏائڻ جي لاءِ رڳو 90 منٽ آهن.
دوڙ کان اڳ نديم چيما 2017 ۾ ’جيو سر اٺا ڪي’ ٺاهي چڪو آهي جيڪا باڪس آفيس تي ناڪام رهي هئي، جڏهن ته سندس اڳين فلم ’دهلي گيٽ’ به هلندڙ سال نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.
(عمير علويءَ جي رپورٽ)