رسائی کے لنکس

تيز ۽ گهڻي بارش جي ڪري ڳاٽي ڀڳي ٻوڏ، آمريڪا متاثرين جي مدد ڪري رهيو آهي


آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي لاءِ موڪليل رليف جو سامان نور خان ايئر بيس تي لاٿو پيو وڃي. 9 سيپٽمبير، 2022. (فائيل فوٽو)
آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي لاءِ موڪليل رليف جو سامان نور خان ايئر بيس تي لاٿو پيو وڃي. 9 سيپٽمبير، 2022. (فائيل فوٽو)

ڪيترن مهينن تائين جاري رهڻ وارين شديد ترين مون سون بارشن پاڪستان ۾ تباهي مچائي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ ايڏي ڀوائتي برسات جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڪيترن ئي صوبن ۾ 500 في صد وڌيڪ بارش ٿي جنهن جي ڪري ڳاٽي ڀڳي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ آئي.

گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گوتيرس چيو آهي ته پاڪستاني عوام شديد مون سون کي منهن ڏئي رهيو آهي. حقيقت ۾ جون جي وچ ڌاران ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهو جيڪي پاڪستان جي آدم شماريءَ جو لڳ ڀڳ 15 في صد آهن، هن آفت کان متاثر ٿيا.

تقريبا 1400 ڄڻا هلاڪ ۽ 13000 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آهن. سڄي جا سڄا شهر لڙهي ويا آهن يا تيز رفتار ۽ اوچي لهرن ۾ ٻڏي ويا آهن.

يو ايس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمنٽ (يو ايس ايڊ) جي اندازي مطابق 15 لکن کان وڌيڪ گهر متاثر يا بلڪل تباه ٿي ويا آهن ۽ تقريبا ست لک 53 هزار ڍور ڍڳا جيڪي معاش ۽ خوراڪ جو اهم حصو هوندا آهن، مري ويا آهن. ٻوڏ جي ڪري سڙڪون ۽ 800،000 هيڪٽر (ٻه ڪروڙ ايڪڙ) کان وڌيڪ زرعي اراضيءَ کي نقصان پهتو آهي.

بلوچستان، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ صوبا خاص طور تي شديد متاثر ٿيا آهن. سنڌ صوبي ۾ سنڌو درياه چاڙ هه۾ آيو ته پاڻي ڪنارا ٽپي وسيع علائقن تائين ڦهلجي چڪو آهي جنهن جي ڪري پوکون ٻڏي ويون آهن، ڍور ڍڳا لڙهي ويا آهن ۽ 100 ڪلوميٽر کان وڌيڪ خشڪيءَ جو علائقو گهري ڍنڍ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

سيلاب جو سلسلو مستقبل قريب تائين جاري رهندو. گڏيل قومن جي صحت جي اداري جو چوڻ آهي ته ان جو مطلب هي ٿيو ته بک جي وڌڻ سان گڏ هي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو جنهن جي ڪري مدي جو بخار، مليريا، ڊينگي ۽ دستن جهڙيون بيماريون ٻوڏ جي علائقن ۾ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لڳيون آهن. هن وقت 30 لکن کان مٿي ٻار ۽ هزارين حامله عورتون خاص طور تي خطري ۾ آهن.

هلندڙ سال آمريڪا جي حڪومت يو ايس ايڊ جي ذريعي پاڪستان جي ماڻهن جي مدد جي لاءِ پنج ڪروڙ 30 لک ڊالر کان وڌيڪ آفتن جي نوعيت جي امداد فراهم ڪئي آهي. ان فنڊنگ سان يو ايس ايڊ جا شراڪت دار فوري طور تي درڪار امداد فراهم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ خوراڪ، غذائيت، گهڻ مقصدي نقد رقم، صاف سٿرو پاڻي ۽ نڪاسيءَ جي پاڻيءَ جو بهتر نظام ۽ عارضي پناه گاهن جي فراهمي شامل آهي.

يو ايس ايڊ ’ڊزاسٽر اسسٽينس ريسپانس’ (ڊارٽ) جي ٽيم به تعينات ڪئي آهي، جيڪا نقصان جو اندازو لڳائي رهي آهي ۽ ترجيحي ضرورتن جي نشاندهي ڪري رهي آهي. اهو ڪم پاڪستان حڪومت ۽ انساني همدرديءَ جي شراڪت دارن سان ملي ڪيو پيو وڃي.

ايڊيٽوريل تي مبني هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي پاڪستان ۾ ٿيڻ واري جاني ۽ مالي نقصان تي شديد رنج آهي. اسان ان مشڪل ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺا آهيون. اسان پنهنجن دوستن ۽ اتحادين ۽ پوري عالمي برادريءَ کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي پنهنجي دل ۽ کيسي کي کولين ۽ پاڪستان کي هن تباهيءَ مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪن.

XS
SM
MD
LG