افغانستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن سمرقند ۾ اجلاس ڪيو جنهن ۾ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل جي لاءِ ڪي ٺوس سفارشون سامهون نه اچي سگهيون آهن. ليڪن ماهرن مطابق خطي جي ملڪن هن پليٽ فارم ذريعي افغانستان جي حالتن جي ذمي داري آمريڪا ۽ ان جي اتحادين تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
وچ ايشيا جي هڪ سفارت ڪار نالي نه وٺڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ’’سمرقند ۾ منعقد ٿيڻ واري هن ڪانفرنس ۾ آمريڪا کي هڪ اهڙي غير ذمي دار ڪردار جي طور تي پيش ڪيو ويو جنهن ٻن ڏهاڪن تائين افغانستان کي تباه ڪيو ۽ هاڻي ان نقصان جي پوئواري ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.
ان ڪانفرنس ۾ افغانستان، چين، روس، ايران، پاڪستان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان جي نمائندن شرڪت ڪئي.
آمريڪا ۽ ان جي اولهه وارن ملڪن جي اتحادين جي خلاف تنقيد جي هڪ جهلڪ روسي پرڏيهي وزارت جي ’ٽيلي گرام چينل’ تي نظر آئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شريڪ وفدن ’’ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آمريڪا ۽ ان جي نيٽو اتحادين کي انهن جي 20 سالن جي فوجي مهم جي نتيجن جي لاءِ جواب ڏيڻ گهرجي، جنهن افغانستان کي ان جي موجوده سنگين حالت تي پهچايو’’.
روسي وزارت خارجه چيو آهي ته جنگ کان پوءِ افغانستان جي نئين سر اڏاوت جي لاءِ اولهه جي ملڪن کي گڏيل طور تي بنيادي خرچ جو ٻوجهه کڻڻ گهرجي.
ماسڪو اولهه جي ادارن وٽ افغانستان جي قومي اثاثن مٿان ستت روڪ هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ائين ڪرڻ افغانستان ۾ انساني بحران جي حل جي لاءِ خاص طور تي اهم آهي.
روس آمريڪا ۽ نيٽو جي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي سرزمين تي پنهنجي فوجي انفرا اسٽرڪچر تعينات رکڻ جي ڪوششن کي ’’ناقابل قبول’’ هئڻ جو حوالو ڏنو.
ڪانفرنس جي ميزبان ازبڪستان پنهنجي بيان ۾ آمريڪا تي سڌي سنئين تنقيد کان ورجايو، پر ان انساني امداد جي فراهميءَ ۽ افغانستان جي معيشت جي بحاليءَ جي لاءِ گڏيل طريقي ڪار جي ضرورت تي زور ڀريو.
ازبڪستان چيو ته ميڙ جي دوران سمورن ڌرين طالبان جي پاران عالمي برادريءَ کي ڏياريل يقين دهانيءَ جو جائزو ورتو. ان ۾ افغانستان ۾ جامع حڪومت ٺاهڻ، افغان عورتن کي ڪم ڪرڻ ۽ تعليم وٺڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ٿورائيءَ وارين جاتين جي حقن کي يقيني بنائڻ شامل آهي.
هوڏانهن ازبڪستان افغانستان کي وچ ايشيا جو ’’اڻ ٽٽ حصو’’ خيال ڪري ٿو ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا کي ڇڏڻ لاءِ پاڻ جهڙي خشڪيءَ ۾ وڪوڙيل ملڪ جي طور تي واپاري رستن جي اهم حيثيت کي تسليم ڪري ٿو.
ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جي لاءِ تهران جي مخصوص نفرت جو اظهار ڪندي چيو ته اولهه کي ’’هن ملڪ ۾ ڪيترن ڏهاڪن تائين تباهي ڪرڻ جي ذمي داري قبول ڪرڻ گهري ۽ ان جي تلافي ڪرڻ کپي’’.
امير عبدالهيان واشنگٽن تي ’’افغانستان جي ڏکڻ ۽ اتر ۾ داعش ۽ ٻين دهشت گرد ۽ انتها پسند گروهن جي حمايت ۽ رهمنائيءَ’’ جو الزام مڙهيو. داعش افغانستان جي قبضي کان اڳ ۽ پوءِ افغانستان ۾ دهشت گرد حملن جي ذمي داري قبول ڪئي آهي.
ڪانفرنس ۾ شريڪ پاڪستان جي مملڪتي پرڏيهي وزير، حنا رباني کر عالمي برادريءَ تي زور ڏنو ته افغان عوام جي مدد ڪري. هن افغانستان کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جي مسئلن کي پاڙيسرين تي مڙهڻ جي پاليسيءَ تي به تنقيد ڪئي.
حنا ربانيءَ کر افغانستان جي لاءِ انساني امداد وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته انهن پاليسين جو نئين ليکي جائزو ورتو وڃي جيڪي عبوري افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي فائدي تي سوال اٿارن ٿا.
خيال رهي ته درحقيقت اولهه جون حڪومتون افغانستان ۾ امدادي سرگرمين ۾ شامل آهن، جڏهن ته ان امداد کي طالبان انتظاميا جي سڌي سنئين فنڊنگ جي بجاءِ بين الاقوامي تنظيمن ذريعي فراهم ڪيو پو وڃي.
آمريڪا جو چوڻ آهي ته ان آگسٽ 2021 ۾ ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ هاڻي تائين 1.1 ارب ڊالر کان وڌيڪ انساني امداد فراهم ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي اداري جا تقريبن 4000 ملازم به افغانستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي حوالي بنيادي طور تي امدادي سرگرمين تي ڪم ڪرڻ آهي. حالانڪه تازو ئي طالبان جي پاران عالمي اداري ۾ افغان ملازم عورتن جي ڪم ڪرڻ تي پابنديءَ جي حڪم کان پوءِ عورتن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.
جيسيتائين چين جو تعلق آهي، ته فورم جي شروعات کان اڳ بيجنگ افغانستان جي ارد گرد جي ملڪن ۽ بين الاقوامي برادريءَ سان ملي مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ جي مدد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. بيجنگ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا کان افغانستان ۾ ’’پنهنجي وعدن تي عمل ڪرڻ’’ جو مطالبو ڪيو.
چين جي پرڏيهي وزير، جن گينگ ڪانفرنس کان پوءِ صحافين کي ٻڌيو ته افغانستان مان آمريڪا جي فوج جي واپسي ڪيترن سطحن تي ناڪام رهي آهي. هن الزام مڙهيو ته آمريڪا جي افغانستان ۾ 20 سالن جي فوجي موجودگي امن قائم نه ڪرائي سگهي.
چيني سفارت ڪار افغانستان جي ستن ارب ڊالر جي مالياتي ذخيرن جي واپسيءَ جو مطابلو ڪيو، جنهن کي پوئين سال طالبان جي اقتدار تي قبضي کان ستت ئي پوءِ آمريڪا منجمد ڪري ڇڏيو هو.
صدر جو بائيڊن بعد ۾افغانستان جا اڌ ذخيرا جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ باقي رهيل رقم ’نائين اليون’ جي متاثرين جي لاءِ جاري قانوني پيروي جي لاءِ ڇڏي ڏني.