رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾ سولر ٽيڪنالاجيءَ تي 8 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا، بائيڊن انتظاميه


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

بائيڊن انتظاميه خميس ڏينهن آمريڪا ۾ وڌيڪ شمسي پينل تيار ڪرڻ، گهڻي ۾ گهڻن ماڻهن کي شمسي توانائي فراهم ڪرڻ ۽ سليڪون ۾ تيار ٿيل چمڪندڙ پينلز جي اعليٰ متبادل جي تلاش جي لاءِ اٺ ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رقم جي فراهميءَ جو اعلان ڪيو.

توانائي جي محڪمي صبح جي وقت سرمايه ڪاريءَ جو اعلان ڪيو. توانائيءَ جي وزير جينيفر گرانهوم واشنگٽن ۾ هڪ ڪميونٽي سولر سائيٽ جو دورو ڪيو. ڪميونٽي سولر جو مطلب آهي مختلف انتظام ڪرڻ جنهن ۾ ڪرائي دار ۽ اهي ماڻهو جن کي ڇتن تي ڪنٽرول حاصل ناهي، اهي به هاڻي شمسي توانائيءَ سان پنهنجي بجلي حاصل ڪري سگهن ٿا.

ٻه هفتا اڳ نائب صدر ڪاملا هيرس جي پاران ان باري ۾ اعلان کي انتظاميه ’ڪميونٽي سولر’ جي سلسلي ۾ هينئر تائين ڪيل سڀني کان وڏي ڪوشش قرار ڏئي رهي آهي.

بائيڊن انتظاميا درجن کن رياستن ۾ 19 سولر پراجيڪٽن تي پنج ڪروڙ 20 لک ڊالر خرچ ڪندي، جنهن ۾ انفرا اسٽرڪچر ۽ شمسي بجليءَ کي گرڊ سان ملائڻ ۾ مدد ڪرڻ واري ٽيڪنالاجيءَ تي خرچ ٿيندڙ هڪ ڪروڙ ڊالر شامل آهن.

توانائيءَ جي محڪمي 25 اهڙين ٽيمن کي به منتخب ڪيو آهي، جيڪي هن مقابلي ۾ شريڪ ٿينديون جن کي ڪميونٽي سولر پراجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ وارن سولر ماهرن جي ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

افراط زر ۾ ڪمي جو ايڪٽ اڳ ۾ ئي شمسي توانائي پيدا ڪرڻ وارن وڏن وڏن پراجيڪٽن جي اڏاوت جي لاءِ رعايتن جي پيش ڪش ڪري چڪو آهي.

(خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG