وچ اوڀر جي علائقي کان ٻاهر عهديدارن کي اغوا ڪري يرغمال بنائڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ جي رٿا بندي ڪرڻ واري داعش جي گروه تي آمريڪي فورسز شام جي اوڀر واري خطي ۾ صبح سوير ڇاپو هيون جنهن ۾ گروپ جو مبينه رٿابندي ڪندڙ مارجي ويو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سومر تي شام جي اوڀر واري علائقي ۾ ڪيل هن ڪاروائيءَ ۾ عبدالهادي محمود الحاجي عليءَ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ان کي وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ حملن جي رٿابندي ڪرڻ جو ذمي دار قرار ڏنو آهي.
عليءَ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ آمريڪي اهل ڪار آپريشن جي حساس هئڻ کي آڏو رکندي پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته دهشت گرد گروپ جي سينئر ليڊر جو لاش ملي ويو آهي ۽ ان جي سڃاڻپ جي تصديق جي لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي.
سينٽڪام جي عهدي دارن موجب ان ڪاروائيءَ ۾ عليءَ سان ٻه ٻيا هٿياربند ويڙهاڪ شامل هيا جيڪي پڻ ماريا ويا . ليڪن ڪو شهري زخمي نه ٿيو آهي. ان ڪاروائيءَ ۾ آمريڪي فورسز کي ڪنهن قسم جو ڪو نقصان نه پهتو.
شام جي صورت حال تي نظر رکڻ واري لنڊن ۾ قائم انساني حقن جي هڪ گروپ، ’سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس’ چيو آهي ته آمريڪي فورسز اهو ڇاپو ترڪيءَ جي سرحد جي ويجهو هڪ ڳوٺ سويدا ۾ ماريو جيڪو طرابلس نالي وسنديءَ جي ويجهو آهي.
انساني حقن جي گروپ چيو آهي ته ذريعن موجب آمريڪي فورسز صبح سوير هيلي ڪاپٽر جي ذريعي اتي پهتيون جنهن کان پوءِ سندن داعش جي ويڙهاڪن سان جهڙپ ٿي، جنهن جي پڄاڻيءَ تي آمريڪي فورسز پاران ان عمارت تي ٻه ميزائل هنيان ويا، جتي داعش جو اڳواڻ لڪل هو.
وائس آف آمريڪا ان واقعي جي غير جانبدارانه تصديق نه ڪري سگهيو آهي.
سينٽڪام جي ترجمان ڪرنل جو بڪينو سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته آءِ ايس آءِ ايس (داعش) گروپ وچ اوڀر کان ٻاهر حملن جي خواهش رکي ٿو. اهو ڇاپو داعش جي ڪاروائين جي لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي، پر ان سان داعش جي ڪاروائين جي صلاحيت ختم نه ٿي ٿئي.
(جيف سيلڊن، وي او اي نيوز)