رسائی کے لنکس

اجي بنگا عالمي بينڪ جو صدر نامزد


عالمي بينڪ جو نامزد صدر، اجي بنگا (فائيل فوٽو)
عالمي بينڪ جو نامزد صدر، اجي بنگا (فائيل فوٽو)

آمريڪا ’ماسٽر ڪارڊ’ جي اڳوڻي سي اي او، اجي بنگا کي عالمي بينڪ جي اڳواڻيءَ لاءِ نامزد ڪيو آهي. صدر جو بائيڊن اهو اعلان خميص جي ڏينهن آب و هوا جي تبديليءَ سميت عالمي چيلنجن تي سندس اهم تجربي کي ساراهيندي ڪيو آهي.

هن خبر کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقرر ڪيل ڊيوڊ مالياس اعلان ڪيو هو ته غربت ۾ ڪميءَ متعلق 189 ملڪن تي مشتمل ان عالمي مالياتي اداري جي اڳواڻي تان جون ۾ دستبردار ٿي رهيو آهي. سندس پنجن سالن جو مدو اپريل 2024۾ ختم ٿيڻ وارو هو.

گهڻ ملڪي بينڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرات سان نبرڻ آمريڪا جي لاءِ هڪ ترجيح آهي ۽ آب و هوا جي نامور شخصيات بائيڊن انتظاميا تي زور ڏئي چڪيون آهن ته هو مالياس کي فارغ ڪري، هن طاقت ور مالياتي اداري جي بحاليءَ جي شروعات ڪري.، جنهن تي ان تنقيد ۾ هر ڏينهن واڌ اچي رهي آهي ته هو گهٽ دولتمند ملڪن ۽ موسمياتي تبديليءَکي منهن ڏيڻ جي خلاف آهي.

ڊيوڊ ملپاس گزريل سال بظاهر هڪ ڪانفرنس ۾ سائنس جي ان پهلوءَ تي شڪ جو اظهار ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻيو ته معدني ٻارڻ جي استعمال سان حرارت جي عالمي درجي ۾ واڌ اچي ٿي.

هن بعد ۾ پنهنجي تبصري تي معافي به گهري هئي ته هن غلط ڳالهه ڪئي ۽ بينڪ موسمياتي تبديليءَ متعلق سائنس تي يقين رکي ٿي.

ڊيوڊ ملپاس
ڊيوڊ ملپاس

بنگا، جيڪو ان وقت هڪ خانگي ايڪوئٽي ڪمپني، جنرل ايٽلانٽڪ جو وائيس چيئرمين هو، 30 سالن کان وڌيڪ تجربي جو مالڪ آهي. هو ’ماسٽر ڪارڊ’ ۽ ’آمريڪي ريڊ ڪراس’، ’ڪرافٽ فوڊز’ ۽ ’ڊائو’ جي بورڊ تي مختلف عهدن تي رهي چڪو آهي. هو پهريون ڀارتي نزاد آهي جنهن کي عالمي بينڪ جو صدر نامزد ڪيو ويو آهي.

بائيڊن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اجي تاريخ جي ان نازڪ موڙ تي عالمي بينڪ جي سربراهيءَ جي لاءِ غير معمولي تجربو رکندو شخص آهي. هن وڌيڪ چيو ته بنگا آب و هوا جي تبديليءَ سميت اسان جي دور جي تمام اهم چيلنجن سان نبرڻ جي لاءِ عوامي ۽ خانگي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جو وڏو تجربو رکي ٿو.

خزاني واري آمريڪي وزير، جينيٽ ييلن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بنگا جو تجربو کيس شديد غربت جي خاتمي ۽ مشترڪه خوشحاليءَ جي عالمي بينڪ جي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ اداري جي مرحله وار ترقيءَ جي لاءِ درڪار تبديلون آڻڻ ۾ مدد ڏيندو جن ۾ موسمياتي تبديليءَ سان مطابقت ۽ ڪاربن جي اخراج ۾ ڪميءَ جي اهم مقصدن سان نبرڻ جو چيلينج شامل آهي.

(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG