رسائی کے لنکس

دهشت گردن سان نبرڻ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهين جي مفاد ۾ آهي


آمريڪي پرڏيهي محڪمي جو ترجمان، نيڊ پرائس (فائيل فوٽو)
آمريڪي پرڏيهي محڪمي جو ترجمان، نيڊ پرائس (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا ۾ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي وڌندڙ ڪاروائين سان نبرڻ جي لاءِ آمريڪا پاڪستان کي سهڪار جي پيش ڪش ڪئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي اها پيش ڪش خوش آئند آهي ڇو ته ٽي ٽي پي جي معاملي تي آمريڪا ماضيءَ ۾ به پاڪستان سان سهڪار ڪيو هو.

آمريڪا جي پاران اها پيش ڪش اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن آچر ڏينهن شدت پسندن خيبر پختونخوا جي ڏاکڻين ضلعي ۾ دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي هڪ مرڪز ۾ ڪن سيڪيورٽي عمل دارن کي يرغمال بڻائي ورتو هو.

سومر ڏينهن واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران بنونءَ جي صورت حال جي باري ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي محڪمي خارجه جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته آمريڪا بنونءَ جي صورت حال کان آگاه آهي.

هن چيو ته افغانستان اندر ۽ پاڪستان افغانستان سرحد تي دهشت گرد گروهن جي خلاف ڪاروائيءَ جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا شراڪت دار رهيا آهن.

نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته آمريڪا شدت پسندن جي خلاف ڪاروائيءَ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

خيبرپختونخوا ۾ دهشت گرديءَ جي لهر ۽ آمريڪي پيش ڪش جي اهميت

ماهرن مطابق، آمريڪا ۽ پاڪستان جي افغان طالبان جي حوالي سان پاليسيءَ متعلق راءِ جو اختلاف ٿي سگهي ٿو. ليڪن ٽي ٽي پيءَ سميت ٻين دهشت گرد گروهن کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ ٻنهين ملڪن جي مفاد ۾ آهي.

دفاعي ۽ سيڪيورٽي ناتن جي تجزيه ڪار، برگيڊيئر (ر) سعد محمد چيو آهي ته آمريڪا جي پاران دهشت گرديءَ جي روڪٿام ۾ تعاون جي پيش ڪش کي خوش آئند قرار ڏنو آهي.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته دهشت گردي هڪ عالمي مسئلو آهي. سندس بقول، ٻه طرفي سهڪار ۽ شراڪت داريءَ سان ان معاملي سان نبري سگهجي ٿو.

هن چيو ته ماضي وانگر ٻئي ملڪ دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي خطري سان نبرڻ جي لاءِ سهڪار ڪري سگهن ٿا، جن ۾ انٽيلي جينس معلومات جو تبادلو به شامل آهي.

آمريڪا ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ دوحه ۾ طئي ٿيل معاهدي جو اهم شرط هيو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي. ليڪن، ماهرن مطابق، ان جي باوجود ڪيترا ئي دهشت گرد گروپ هاڻي به افغانستان ۾ سرگرم آهن.

برگيڊيئر (ر) سعيد محمد چيو آهي ته افغانستان کان واپس وڃڻ جي باوجود خطي ۾ آمريڪا جا مفاد آهن ڇو ته هو نه ٿو چاهي ته افغانستان ۾ دهشت گرد گروه مضبوط ٿين.

گڏيل قومن جي اداري جي هڪ رپورٽ مطابق افغانستان ۾ القائده، اسلامڪ موومنٽ آف ازبڪستان (آئي ايم يو)، اوڀر ترڪستان اسلامڪ موومنٽ (اي ٽي آئي ايم)، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ داعش خراسان (آئي ايس- ڪي) جا شدت پسند گروپ موجود آهن.

برگيڊيئر (ر) سعيد رفيق چيو ته شدت پسند گروپ نه صرف علائقائي ملڪن جي لاءِ خطرو آهن بلڪه انهن منجهان ڪي گروه پوري دنيا جي لاءِ خطري جو باعث آهن.

پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات بهتر ٿي رهيا آهن

ٻئي طرف افغان تانن جي ماهر ۽ سينئر صحافي طاهر خان چيو آهي ته آمريڪا جي پاران پاڪستان کي دهشت گرديءَ جي روڪٿام ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ جي پيش ڪش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات بهتر ٿيا آهن.

(محمد جليل اختر جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG