رسائی کے لنکس

رمضان شروع ٿيڻ تي صدر بائيڊن ۽ خاتون اول پاران مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام


رمضان ۽ خارڪون (فائيل فوٽو)
رمضان ۽ خارڪون (فائيل فوٽو)

رمضان جي ڀلاري مهيني جي آغاز جي مناسبت سان آمريڪا جي صدر، خاتون اول ۽ پرڏيهي وزير پاران خصوصي پيغام جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ آمريڪا ۽ سموري دنيا جي مسلمانن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

پنهنجي پيغام ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ جل بائيڊن رمضان جي برڪت ڀرئي مهيني جي آغاز تي آمريڪا ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون آهن.

اربع ڏينهن جاري ٿيڻ واري ان بيان ۾ هنن آمريڪا پاران ڏکيائين ۽ قدرتي آفتن جي شڪار مسلمان ڪميونٽيز جي لاءِ پنهنجي حمايت ورجائي آهي.

ان سلسلي ۾ هنن ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ۾ آيل قدرتي آفتن جو حوالو ڏنو آهي، جن ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ شام شامل آهن.

صدر بائيڊن ۽ جل بائيڊن چيو ته ’’ترڪيه ۽ شام جي عوام سان ٻٽ بيٺا آهيون، جن تازن هاڃيڪار زلزلن دوران پنهنجن ڪيترن ئي پيارن کي پاڻ کان جدا ٿيندي ڏٺو، ۽ پاڪستان جي عوام ساڻ گڏ بيٺا آهيون جيڪي گرمي۽ جي گزريل موسم دوران آيل ٻوڏ جي تباهيءَ کان پوءِ پنهنجي زندگي نئين سر اڏي رهيا آهن’’.

صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن (فائيل فوٽو)
صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن (فائيل فوٽو)

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان انهن مسلمانن ساڻ به يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندا رهنداسين جن کي لڳاتار ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان واسطو رهيو آهي، جيئن چين ۾ ايغور ۽ ميانمار ۾ روهنگيا.

آمريڪي پرڏيهي وزير جو پيغام

رمضان جي ڀلاري مهيني شروع ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪن جي پيغام ۾، پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته هيءُ مقدس مهينو سڀني جي لاءِ امن وارو رهندو.

هن چيو ته ’’هتي آمريڪا ۽ ٻاهرين ملڪن جي مسلمانن جي لاءِ رمضان عبادتن ۽ سوچ ويچار جو مهينو آهي، جيڪو ڪٽمب ۽ برادريءَ ساڻ گڏ گزاريو ويندو آهي، جنهن ۾ همدردي ۽ وڏيءَ دل سان هڪ ٻئي کي ويجهو رکڻ جي لاءِ ۽ هر ڏتڙيل فرد جي سار سنڀال جي لاءِ هٿ وڌائڻ شامل آهي’’.

هن چيو ته ’’هي وقت آهي جڏهن اسان گهرج وارن جي لاءِ، جيڪي غربت جا ڏينهن ڏسي رهيا آهن يا ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا ماريل آهن، ڏڦيڙ ۽ قدرتي آفتن کان متاثر آهن، مدد ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل ذمي داري پوري ڪريون. سموري دنيا جا مسلمان به هن ڀلاري مهيني ۾ هڪ ٻئي جي اڳتي وڌي مدد ڪندا’’.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ’’ساڳئي جذبي هيٺ ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جا ڪيترا سفارت خانا ۽ قونصل خانا رمضان دوران مانائتي روايتن تي عمل ڪندي افطار ۽ ٻين آجياڻن جي ميزباني ڪندا ۽ ڪميونٽيز ۾ سماجي يگانگت، شموليت ۽ ننواڻ کي اڳتي وڌائڻ جي پنهنجي جذبي جو اظهار ڪندا’’.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG