آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ’بيورو آف انرجي رسورسز’ جو نائب وزير، جيفري آر پائيٽ مارچ جي 14 ۽ 15 تاريخ تي لاهور ۽ اسلام آباد ويندو.
اهڙي وقت جڏهن پاڪستان هاڃيڪار ٻوڏ ۽ توانائيءَ جي عالمي بحران منجهان ٻاهر نڪري رهيو آهي، نائب وزير علائقائي توانائيءَ جي سيڪيورٽي ۽ ’يو ايس پاڪستان گرين ايلائنس’ جي ذريعي صاف توانائيءَ جي منتقلي ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي آمريڪا جي عزم کي ورجائيندو، ته جيئن پاڪستان ۾ جٽادار ۽ ماحول دوست توانائيءَ جي مستقبل کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ملي سگهي.
پنهنجي بيان ۾ آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي چيو آهي ته سينئر سفارت ڪار ’لاهور يونيورسٽي آف مينيجمنٽ سائنسز’ جي وهيڪل ليباريٽريز جو دورو ڪندو، ته جيئن آمريڪا ۽ پاڪستان جي سهڪار سان ٿيڻ واري ٽيڪنيڪي ترقيءَ کي اجاگر ڪري سگهجي.
اسلام آباد ۾، جيفري آر پائيٽ پاڪستان جي سرڪاري عهديدارن سان به ملاقات ڪندو ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ خواتين اڳواڻن سان گول ميز اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
توانائي ۽ زرعي شعبي ۾ ڊگهي عرصي کان ٻه طرفو سهڪار جاري
آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ترقيءَ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڊگهي تاريخ آهي جنهن ۾ سبز انقلاب ذريعي فصلن جي پيداوار ۾ واڌ، معاشي موقعا وڌائڻ، پاڪستان جي بجليءَ جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي فراهميءَ جي لاءِ ڊيمن جي اڏاوت شامل آهي، ته جيئن پاڪستانين کي نه رڳو سڄو سال آبپاشيءَ جي لاءِ پاڻي دستياب هجي بلڪه ٻوڏن جي مقابلي جي سگهه پيدا ڪرڻ ۾ به مدد ملي سگهي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ’گرين ايلائنس’ جو فريم ورڪ ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري پيدا ٿيڻ وارن مسئلن سان ملي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تشڪيل ڏنو ويو آهي، ڇو ته اب و هوا جي تبديليءَ جي مسئلي کي ڪو به ملڪ پنهنجي ليکي منهن نه ٿو ڏئي سگهي.
توانائي ۽ پاڻيءَ جي شعبن ۾ آمريڪا منگلا ۽ تربيلا ڊيم جي بجلي گهرن کي ترقي وٺرائڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ سان منگلا ڊيم جي گنجائش ۾ 30 سيڪڙو ۽ تربيلا ڊيم جي ڪارآمد رهڻ جي مدي ۾ 30 سالن جي واڌ اچي ويندي.
اهي ڊيم چار ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺندا.
آمريڪا پاڪستان ۾ ٻيهر استعمال جي قابل توانائيءَ جي منصوبن ۾ پنهنجي مدد جو حصو 34 سيڪڙو تائين ۽ 2030 تائين 60 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيندو، جنهن ۾ شمسي توانائيءَ جي ذريعي 10،000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا به شامل آهن.
ساڳئي وقت، آمريڪا خيبر پختونخوا ۾ سيلاب جي ڪري متاثر هڪ لک 80،000 هيڪٽر زرعي زمين کي ٻيهر پوک جي لائق بنائڻ ۾ به مدد فراهم ڪري رهيو آهي.