رسائی کے لنکس

سيلاب متاثرين لاءِ آمريڪا پاران ٽي ڪروڙ ڊالر جي وڌيڪ امداد جو اعلان


آمريڪا پاڪستان جي سيلاب کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ ٽي ڪروڙ ڊالر جي ماليت جي اضافي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا بين الاقوامي ترقيءَ جي آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي ذريعي انساني همدرديءَ جي بنياد تي فراهم ڪئي ويندي.

يو ايس ايڊ پاران اڱاري ڏينهن موصول ٿيل هڪ پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته جون جي وچ ڌاران مون سون شروع ٿي جنهن دوران تيز برساتن پوڻ کان علاوه گليشئر ڳرڻ ڪري پاڻي ڍنڍن، ڍورن ۽ هيٺاهين علائقن جي وسندين ڏانهن ڪاهي پيو، جنهن سلسلي کي سامهون رکندي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، ته جيئن متاثرين جي مشڪل دور ٿي سگهي.

پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته سيلاب جي ڪري 1100کان مٿي هلاڪتون واقع ٿيون، 1600 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

يو ايس ايڊ جي پريس ريليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهن لکن کان وڌيڪ گهر ڪري پيا آهن يا انهن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ست لک 35 هزارن کان وڌيڪ چوپايو مال، جيڪو عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۽ خوراڪ جو حصو آهن، سيلاب جي نذر ٿي ويو آهي. سيلاب جي ڪري سڙڪن کي نقصان پهتو آهي ۽ ٻن ڪروڙ ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي اراضي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪي آهي.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ان امدادي رقم وسيلي پنهنجي پارٽنرز سان گڏجي يو ايس ايڊ کاڌ خوراڪ، صفائي سٿرائي، صاف پاڻي، صحت ۽ صفائي ۽ پناه جي فراهميءَ جي ڪم ۽ گهربل ڪمن لاءِ نقدي جي فراهمي جي حوالي سان فوري گهرجن جي پورائي لاءِ ڪوشش ۾حصو وٺندو.

ان سلسلي ۾ يو ايس ايڊ جو ڊزاسٽر مينيجمنٽ جو اسپيشلسٽ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو ته جيئن سيلاب جي اثرات جو جائزو ورتو وڃي ۽ پارٽنرز سان ملي امدادي ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي.

مقامي ساٿين، پاڪستان حڪومت ۽ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني سان قريبي رابطي جي ذريعي پاڪستان ۾ اسلام آباد ۾ موجود يو ايس ايڊ جو عملو، ٿائيلينڊ ۾ بنڪاڪ ۽ واشنگٽن ڊي سي ۾ تعينات انساني همدرديءَ سان وابسته عملوهڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهي.

پريس ريليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪا کي سڄي پاڪستان ۾ انساني جانن ۽ روزگار جي ذريعن جي نقصان ۽ سيلاب جي تباهيءَ تي سخت افسوس آهي.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته، هن ڏکئي وقت ۾ اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ آمريڪا پاڪستان کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي سڀني کان وڌيڪ امداد فراهم ڪري رهيو آهي.

XS
SM
MD
LG