رسائی کے لنکس

طالبان جي پاران سخت گيريءَ جي هلت ۾ واڌ، آمريڪا جي افغان پاليسيءَ تي نظرثاني


ڪابل ۾ افغان عورتن جي هڪ مظاهري دوران ميڙ کي ڊيڄارڻ جي لاءِ طالبان محافظ جي هوا ۾ فائرنگ. (فائيل فوٽو)
ڪابل ۾ افغان عورتن جي هڪ مظاهري دوران ميڙ کي ڊيڄارڻ جي لاءِ طالبان محافظ جي هوا ۾ فائرنگ. (فائيل فوٽو)

آمريڪا افغانستان ۾ اقتدار۾ آيل طالبان عهديدارن سان لڳ ڀڳ ٻن سالن کان جاري سفارت ڪاريءَ ۾ ڪا ڳالهه اڳتي نه وڌڻ کي ڏسندي هاڻي پنهنجي افغان پاليسيءَ تي نظر ثاني شروع ڪري ڏني آهي. آمريڪي عهديدارن طالبان جي حڪومت کي ’ڏاڍ تي ٻڌل’’ قرار ڏنو آهي.

اها نظر ثاني اهڙي وقت ٿي رهي آهي جڏهن طالبان جي پاران عورتن کي گڏيل قومن جي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ کان پوءِ عالمي اداري افغانستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي مبينه طور تي روڪڻ تي غور ڪري رهي آهي.

آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي هڪ ترجمان وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ’’آمريڪي حڪومت طالبان سان رابطي ڪاريءَ جي پنهنجي طريقه ڪار تي ٻيهر نظر وجهي رهي آهي. اها نظرثاني افغانستان ۾ عورتن ۽ نياڻين جي خلاف طالبان جي وڌندڙ سخت قدمن ۽ امتيازي سلوڪ جي لحاظ کان ڪيا پيا وڃن.

طالبان عورتن کي تعليم، ملازمت ۽ سياسي جدوجهد کان وانجهي رکڻ لاءِ پنهنجن فيصلن کي اندروني مامرو قرار ڏيندا آهن ۽ ان ڏس ۾ بين الاقوامي مذمت ۽ مسلم اڪثريتي ملڪن جي ٽوڪ کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن.

واشنگٽن جي پاران سخت بيان اهڙي موقعي تي اچي رهيا آهن جڏهن گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتيرس مئي ۾ مبينه طور تي هڪ اجلاس سڏائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو طالبان جي سخت گير پاليسين کي ختم ڪرڻ جي بدلي ۾ طالبان کي جنرل اسيمبليءَ ۾ سيٽ ڏيڻ متعلق ڳالهه ڪرڻ گهري ٿو.

هن اجلاس متعلق جڏهن گڏيل قومن جي اداري ۾ روسي سفير ويسيلي نبينزيا کان سوال پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته هو نه ٿو سمجهي ته طالبان انهن شرطن کي تسليم ڪندا.

افغانستان تقريبن ٻه سال اڳ ملڪ جو ڪنٽرول سنڀاليو هو، ان جي باوجود هينئر تائين طالبان جي حڪومت کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي حڪومت تسليم نه ڪيو آهي. عالمي اداري ۾ افغانستان جي سيٽ اڳوڻي حڪومت جي نمائندي، نصير احمد فائق وٽ آهي.

طالبان جي باري ۾ آمريڪا جي وڌندڙ بي چينيءَ جي سبب جي ڪري واشنگٽن جي سفارت ڪارن اڳوڻي سياست دانن ۽ ’وار لارڊز’ سان رابطا وڌايا آهن جن پنهنجا سياسي دفتر ملڪ کان ٻاهر قائم ڪيا آهن.

هلندڙ هفتي افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي ايلچي، ٽام ويسٽ استنبول ۾ ڪيترن ئي افغان اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي. هن انهن ملاقاتن جي دوران افغانستان تي طالبان حڪومت متعلق گهڻي ڳڻتي ظاهر ڪئي.

طالبان مخالف ’نيشنل ريزسٽينس فار سولوشن آف افغانستان’ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندس نمائندن سومر ڏينهن ٽام ويسٽ جي درخواست تي هن سان ملاقات ڪئي. گروپ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هنن ’’افغانستان کي تازي بحران’’ کان بچائڻ جي لاءِ ٽام ويسٽ کي روڊ ميپ فراهم ڪيو آهي.

ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته ان باري ۾ آمريڪا کي وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

هڪ افغان مبصر عبيدالله بحير ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڇو کيس کان سواءِ ٻيا سمورا سفير افغانستان جو دورو ڪري رهيا آهن يا اتي ترسي رهيا آهن. سندس بقول، ’’مان جلاوطن ۽ ناڪام جمهوريه ’وارلارڊز’ ۽ سياست دانن سان ملاقاتن جي سوچ کي سمجهڻ کان قاصر آهيان’’.

جڏهن ته ڪنهن به ملڪ طالبان حڪومت کي سرڪاري طور تي تسليم نه ڪيو آهي، پر خطي جا گهڻا ئي ملڪ جن ۾ روس، چين، ايران ۽ پاڪستان شامل آهن، انهن ڪابل ۾ پنهنجا سفارت خانا کولي رکيا آهن ۽ طالبان جا نمائندا انهن ملڪن جي گاديءَ واري هنڌن تي موجود آهن.

XS
SM
MD
LG