رسائی کے لنکس

طالبان جو عالمي برادريءَ تي پنهنجي حڪومت تسليم ڪرڻ تي زور، آمريڪا جو انڪار


افغان طالبان جو وفد (فائيل فوٽو)
افغان طالبان جو وفد (فائيل فوٽو)

گڏيل قومن جي اداري جي انتظام هيٺ افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ متعلق ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه کي آمريڪا مسترد ڪري ڇڏيو آهي.

وائس آف آمريڪا جي اياز گل جي رپورٽ مطابق قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحا ۾ پهرين ۽ ٻي مئي تي سڄيءَ دنيا جي ملڪن جي سفيرن جو اجلاس ٿيندو جنهن جي ميزباني عالمي اداري جو سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتيريس ڪندو.

آمريڪا جي هڪ عهديدار وائس آف آمريڪا کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گڏيل قومن جو اداري جي اجلاس جو هرگز اهو مقصد طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ ناهي.

هن چيو ته اجلاس جي دوران طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ متعلق ڪا به گفتگو ناقابل قبول ٿيندي.

آمريڪا جي پاران هيءُ رد عمل اهڙي موقعي تي سامهون آيو آهي جڏهن گڏيل قومن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل امينه محمد قطر ۾ ٿيل اجلاس جا تفصيل شيئر ڪيا هيا ۽ ٻڌايو هو ته طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ به ايجنڊا ۾ شامل هوندو.

اقوام متحده افغان عوام متعلق پنهنجون ذمي داريون پوريون ڪري

انهيءَ وچ ۾ طالبان حڪومت جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد چيوآهي ته گڏيل قومن جي اداري کي افغان عوام متعلق پنهنجون ذمي داريون پوريون ڪرڻ گهرجن.

خميص ڏينهن وائس آف آمريڪا سان ٽيلي فون ذريعي گفتگو ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته طالبان حڪومت گهري ٿي ته ان کي تسليم ڪرڻ جو عمل جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي.

هن چيو ته ان سان طالبان حڪومت ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي وچ ۾ اعتماد بحال ٿيندو جنهن جي ڪري ئي صرف مسئلا حل ٿيندا بلڪه علائقي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام تي مثبت اثر پوندو.

ليڪن مبصرن چيو آهي ته دوحا ۾ ٿيڻ واريءَ هن ڪانفرنس مان گهڻيون اميدون نه ٿيون رکڻ گهرجن.

وائس آف آمريڪا جي نذرالاسلام جي رپورٽ جي مطابق افعان ناتن جي ماهر ۽ سينئر صحافي سميع يوسفزئي چيو آهي ته عالمي اداري جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل جي بيان جي ڪري ابلاغ جي ذريعن ۾ سنسني ضرور ڦهلجي وئي آهي.

ليڪن سندس خيال ۾ طالبان ڪڏهن به سياسي قوت نه رهيا آهن بلڪه اهي هميشه هڪ هٿياربند قوت ئي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندن اقتدار سنڀالڻ کي ٻه سال ٿيڻ وارا آهن ۽ اڄ به سندن سمورين پاليسين ۾ هٿياربند ذهنيت ئي سامهون آئي آهي.

هن جي لفظن ۾ اهو ئي سبب آهي جو طالبان کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ رسمي طور تي تسليم نه ڪيو آهي.

ٻئي پاسي، دوحا ۾ قائم طالبان جي سياسي دفتر جي ترجمان محمد سهيل شاهين ان پيش رفت کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته هينئر تائين کين باضابطه طور تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي آهي. ليڪن هو ان پيش رفت کان آگاه آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل شاهين چيو ته باضابطه دعوت کان پوءِ ئي طئي ڪيو ويندو ته طالبان جي پاران ڪير ان ڪانفرنس جي اڳواڻي ڪندو.

دوحا ۾ ٿيڻ واري اها ڪانفرنس اهڙي وقت ٿي رهي آهي جڏهن تازن ڏينهن دوران طالبان عورتن تي عالمي اداري جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

گڏيل قومن جي اداري طالبان جي ان فيصلي جي شديد مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته عورتن تي پابندين جي ڪري ملڪ جي معاشي بدحاليءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.

افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد، جنهن آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ دوحا معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، چيو آهي ته افغانستان جي موجوده حالتن کي سامهون رکندي دوحا امن معاهدي تي عمل درآمد جي لاءِ هڪ مڪمل ’روڊ ميپ’ جي ضرورت آهي.

هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ’روڊ ميپ’ ۾ عورتن جي تعليم ۽ روزگار جي حل جهڙن مسئلن تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي.

ڪابل ۾ رهندڙ هڪ افغان صحافي اصغر مومند چيو آهي ته افغان عوام دوحا ۾ ٿيڻ واريءَ ان ڪانفرنس کي گهڻي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهيو آهي.

XS
SM
MD
LG