آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 فيبروري 2022 تي ماسڪو پاران يوڪرين تي جارحيت کان پوءِ روس جي هٿياربند فوج ’’ڪيترا ئي جنگي ڏوهه ۽ ٻيا ظلم ڪيا’’.
سومر جي ڏينهن جاري ٿيڻ واري پرڏيهي محڪمي جي انساني حقن جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ’’يوڪرين ۾ روسي فوج جي طرف کان ڄاڻي واڻي عام شهرين ۽ شهري ڍانچي کي نشانو بنائڻ، تشدد، جنسي زيادتين، انڌاڌند ۽ منصوبه بنديءَ تحت ڪيل حملن جا ثابتيءَ وارا اطلاع مليا آهن، جيڪي سڀئي جنگي ڏوهه آهن’’.
سالياني رپورٽ ۾ شهرين ۽ ٻارن جي يوڪرين مان روس ڏانهن زوري ملڪ بدريءَ جي واقعن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي.
اها رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن بين الاقوامي فوجداري عدالت روسي صدر ولادي مير پوٽن ۽ ٻارن جي حقن متعلق هڪ روسي عهديدار جي طرفان مقبوضه يوڪريني علائقن مان ٻارن جي غير قانوني منتقلي ۽ روس موڪلڻ جي مبينه جنگي جرم ۾ ملوث هئڻ تي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
روس چيو آهي ته گرفتاريءَ جا وارنٽ اشتعال انگيز آهن ۽ ان پوٽن جي مقدمي ۾ پيش ٿيڻ جي امڪان کي مسترد ڪيو آهي. روس ’آئي سي سي’ جي اختيار کي تسليم نه ٿو ڪري.
آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ سندس انتظاميه جي سينئر اختياريءَ وارن روس تي يوڪرين ۾ جنگي جرم ۽ ظلم ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.
رپورٽ ۾ ايران، چين، ميانمار، افغانستان، ڏکڻ سوڊان، شام ۽ ٻين آپيشاهيءَ وارن ملڪن ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ تشويش کي به اجاگر ڪيو ويو آهي.
ايران جي باري ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته هن سال جي رپورٽ ۾’’موجوده ايراني دور جي پرتشدد ڪريڪ ڊائون ۽ ايراني اختياريءَ وارن جي پاران ايراني عوام جي عالمي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين، جنهن ۾ اظهار جي رائي به شامل آهي، ۽ مذهب يا عقيدي جي آزادين کان لڳاتار انڪار کي تفصيل سان دستاويز جي شڪل ڏني وئي آهي’’.
ايران ۾ وڏي پيماني تي عوامي مظاهرا پوئين سال سيپٽمبر ۾ 22 ورهن جي ڪرد نجاد ايراني خاتون مهسا امينيءَ جي پوليس جي هٿارئون حراست ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ شروع ٿيا هيا، جنهن کي لباس جي متعلق عورتن جي لاءِ مقرر ڪيل سرڪاري ضابطن جي خلاف ورزيءَ جي ڏوهه ۾ تهران ايندي گرفتار ڪيو ويو هو.
مهسا امينيءَ جي ايران جي ’اخلاقي پوليس’ جي مبينه حراست ۾ موت پوري ايران ۾ پرامن احتجاج کي جنم ڏنو.
عوامي جمهوريه چين جي باري ۾ بلنڪن چيو ته ’’چين جي سنڪيانگ صوبي ۾ ايغور مسلمانن ۽ ٻين نسلي ۽ مذهبي ٿورائيءَ وارن گروهن جي خلاف نسل ڪشي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو سلسلو جاري آهي.
انهن ڏوهن ۾ پنهنجي ليکي قيد ڪرڻ جي سزا ڏيڻ ۽ ڏهه لکن کان وڌيڪ شهرين کي حراستي مرڪزن ۾ وجهڻ، زوريءَ نس بندي، جبري ٻار ڪيرائڻ، جنسي زيادتي، صنفي بنياد تي تشدد ۽ جبري مشقت سميت ظلم ۽ ستم ۽ مذهب جي آزاديءَ تي سخت پابنديون شامل آهن.
رپورٽ ۾ ميانمار جي باري ۾ چيو ويو آهي ته فوجي حڪومت شهرين تي ظلم ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪنٽرول کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تشدد جي استعمال کي جاري رکيو آهي. فيبروري 2021 ۾ فوجي بغاوت کان پوءِ 2،900 کان وڌيڪ ماڻهن کي ماريو ويو ۽ 17،000کان مٿي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.
آمريڪا جو پرڏيهي محڪمو پوين 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان سڄيءَ دنيا ۾ انساني حقن جي صورت حال جي باري ۾ سالياني رپورٽ جاري ڪندو رهيو آهي.
نئين رپورٽ ۾ دنيا جي 198 ملڪن ۽ خطن ۾ انساني حقن ۽ ڪارڪنن جي حقن جي صورت حال جو جائزو ورتو ويو آهي.
(وي او اي نيوز)