رسائی کے لنکس

الظواهريءَ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ آمريڪا ۽ طالبان جي هڪ ٻئي تي الزامن جي ڏي وٺ


طالبان جنگجو ڪابل جي هڪ سڙڪ تي هلندڙ ڪار ۾ موجود آهن، جنهن کان اڳ آچر ڏينهن آمريڪي فضائي ڪاروائيءَ ۾ القاعده جي رهنما ايمن الظواهري کي ماريو ويو.
طالبان جنگجو ڪابل جي هڪ سڙڪ تي هلندڙ ڪار ۾ موجود آهن، جنهن کان اڳ آچر ڏينهن آمريڪي فضائي ڪاروائيءَ ۾ القاعده جي رهنما ايمن الظواهري کي ماريو ويو.

آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ان اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ته 30 جولائي تي ڪابل جي مرڪزي علائقي ۾ القاعده جي رهنما ايمن الظواهريءَ کي هڪ ڊرون حملي ۾ ماريو ويو آهي، طالبان آمريڪا تي الزام مڙهيو آهي ته هن فبروري 2020 ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل دوحا سمجهوتي جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

پهرين آگسٽ تي هڪ بيان ۾ طالبان چيو ته اهڙا اقدامات گزريل ويهن سالن جي ناڪام تجربات کي ورجائڻ جي برابر آهن، جيڪي آمريڪا، افغانستان ۽ علائقي جي مفادن جي خلاف آهن.

ليڪن آمريڪي عمل دار طالبان تي الزام مڙهن ٿا ته هنن ساڳئي ئي سمجهوتي ۾ دهشت گردي جي خاتمي لاءِ ڏنل يقين دهانيءَ جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

آمريڪي محڪمه خارجه هڪ باضابطه بيان ۾ چيو آهي ته ڪابل ۾ القاعده جي رهنما جي ميزباني ۽ کيس پناه ڏئي طالبان دوحا سمجهوتي جي صريحا خلاف ورزي ڪئي آهي، جنهن ۾ سندن پاران دنيا کي يقين ڏياريو ويو آهي ته افغان علائقي ۾ دهشت گردن کي رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي ته هو ٻين ملڪن جي سلامتيءَ لاءِ خطري جو باعث بڻجن.

صدر بائيڊن جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪارن سان ملاقات جنهن ۾ ايمن الظواهريءَ خلاف ڪاروائيءَ متعلق تفصيل پيش ڪيا ويا
صدر بائيڊن جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪارن سان ملاقات جنهن ۾ ايمن الظواهريءَ خلاف ڪاروائيءَ متعلق تفصيل پيش ڪيا ويا

آمريڪا جي سينيئر عمل دارن چيو آهي ته القاعده جي روپوش رهنما جي ڪابل ۾ حقاني نيٽ ورڪ ميزباني ڪئي، جيڪو طالبان جو هڪ طاقتور ڌڙو آهي جنهن جا پاڪستاني انٽيلي جينس جي ڪميونٽيءَ سان قريبي تعلقات آهن.

گزريل سال اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ طالبان سڀني جي شموليت سان افغان حڪومت تشڪيل ڏيڻ، عورتن کي تعليم جي رسائيءَ جي اجازت ڏيڻ، ۽ ٻين مذهبي اقليتن جي حقن جو لحاظ ڪرڻ جي آمريڪي مطالبن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

آمريڪا طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان تي سخت مالي پابنديون عائد ڪيون آهن ۽ طالبان جي ست ارب ڊالر جي مالي اثاثن کي روڪيو آهي، جيڪي نيو يارڪ ۾ رزرو ۾ رکيل آهن.

ليڪن آمريڪا ۽ طالبان ڇنڇر ڏينهن ڪابل ۾ ڪيل ڊرون حملي کي بهانو بڻائي دوحا سمجهوتي کي ختم ڪرڻ جي معاملي کي نه ڇيڙيو آهي. گزريل سال آگسٽ ۾ ملڪ مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ کان پوءِ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون واقعو آهي، جنهن سمجهوتي جي ڪري آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ هيليتائين ڪنهن محاذ آرائيءَ کي روڪيو آهي.

مسئلن ۾ جڪڙيل سمجهوتو

گرائيم اسمٿ انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ ۾ سينئر صلاح ڪار آهي. هن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته دوحا سمجهوتي جي ڪيترن ئي مسئلن مان هڪ هي آهي ته ان ۾ ٽياڪڙ ۽ نفاذ جو طريقه ڪار موجود ناهي. ان ۾ ڪومنصف ڪونهي ۽ ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙ جي ڪا واضح پڪڙ ڪانهي. ان ۾ اهڙو ڪو انتظام وضع ٿيل ڪونهي ته سمجهوتو توڙيندڙ يا ان جي نتيجن ڀوڳڻ کي واضح ڪيو ويو هجي.

دوحا سمجهوتي جي ختم ٿيڻ جي ڪا مدت طئي ڪانهي، ان ۾ طالبان کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي افغانستان کان سيڪيورٽي جي لاءِ خطري کي روڪيندا. ان ۾ طالبان کي چيو ويو آهي ته ڪنهن به دهشت گرد گروپ يا فردن کي جن ۾ القاعده به شامل آهي، تن کي آمريڪي مفادن جي خلاف افغان علائقي جي استعمال جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي.

ماهر سمجهوتي تي ان ڳالهه جو به الزام مڙهن ٿا ته ان ۾ الظواهريءَ جهڙن مخصوص فردن جي لاءِ وضاحت سان ڪجهه درج ڪونهي.

آمريڪن يونيورسٽي آف افغانستان ۾ ليڪچرر ۽ افغان تجزيه ڪار، عبيدالله بشير چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ ان (سمجهوتي) مان طالبان اهو سمجهو هو ته هو ڪنهن متحرڪ بين الاقوامي دهشت گرد گروهن جي ڪاروائين جي اجازت نه ڏيندا، جنهن ۾، هنن مطابق، ايمن الظواهري جهڙا شامل نه هوندا.

ڪابل ۾ جتي الظواهري لڪل هو ان هنڌ جي ٻاهران طالبان پهريدار موجود آهي
ڪابل ۾ جتي الظواهري لڪل هو ان هنڌ جي ٻاهران طالبان پهريدار موجود آهي

هاڻي سوچڻو اهو آهي آيا الظواهري ڪابل ۾ پنهنجي گهران آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي سلامتيءَ ۽ مفادن جي لاءِ ڪيتري حد تائين سرگرم عمل هو. دراصل هن جي سر جي قيمت ٻه ڪروڙ 50 لک ڊالر هئي ۽ آمريڪي حڪومت لاءِ مفرور جي ڳولها جي حيثيت رکندو هو.

ٻئي پاسي، پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزارت جي ترجمان اسلام آباد ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي جاري ڪيل آمريڪا جي سرڪاري بيانن ۽ ميڊيا مان معلوم ٿيو آهي ته افغانستان اندر انسداد دهشت گرديءَ جي ڪاروائيءَ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ القاعده جي ليڊر ايمن الظواهريءَ کي ماريو ويو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هر قسم ۽ نوعيت جي دهشت گرديءَ جي مذمت ڪري ٿو. دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار ۽ قربانيون سڀني کي معلوم آهن.

ترجمان چيو آهي ته پاڪستان بين الاقوامي قانون ۽ اقوام متحده جي متعلقه قراردادن مطابق دهشت گرديءَ جي خاتمي جي عزم تي قائم آهي.

XS
SM
MD
LG