رسائی کے لنکس

خبرن جي نيٽ ورڪ کي آپيشاهيءَ کان خطرو آهي، ’يو ايس اي جي ايم’ جي سربراه


’يو ايس اي جي ايم’ جي سربراه، ايمنڊا بينيٽ ايوان نمائندگان جي ايپروپرئيشنزڪاميٽيءَ آڏوڪارڪردگي ۽ حقائق پيش ڪندي. 9 مارچ 2023.
’يو ايس اي جي ايم’ جي سربراه، ايمنڊا بينيٽ ايوان نمائندگان جي ايپروپرئيشنزڪاميٽيءَ آڏوڪارڪردگي ۽ حقائق پيش ڪندي. 9 مارچ 2023.

يونائيٽڊ اسٽيٽس ايجنسي فار گلوبل ميڊيا (يو ايس اي جي ايم) جي چيف اگزيڪٽو آفيسر، ايمنڊا بينيٽ چيو آهي ته مصدقه خبرن تائين رسائيءَ کي آپيشاهيءَ وارين حڪومتن کان خطرو آهي.

آمريڪي ايوان جي بجيٽ متعلق ڪاميٽيءَ جي ٻڌڻيءَ دوران، هن قانون سازن کي ڏسيو ته نيوز نيٽ ورڪ پنهنجي غير جانبدارانه صحافت جي ڪري دنيا ۾ روسي ۽ چيني ميڊيا آپريشنز کي پوئتي ڇڏي گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي.

نمائندن جي ايوان جي ’ايپروپرئيشينز ڪاميٽي’ طئي ڪندي آهي ته بجيٽ ۾ ڪنهن اداري کي ڪيترا فنڊ ڏيڻ کپن.

ايمنڊا بينيٽ چيو ته جيڪڏهن اسان روس ۽ (چين) جي پاران مداخلت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سرمايه ڪاريءَ جو هيءُ موقعو وڃائي ويٺاسين ته اسان عالمي سطح تي ابلاغ عامه جي جنگ هارائي سگهون ٿا.

ڪيوبا براڊڪاسٽنگ ۾ صحافتي معيار کي اڃان بهتر بنائڻ جي ڪوششن جي وضاحت ڪندي، هن چيو ته اداري جي نيٽ ورڪ پاران چين ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ سامعين تائين پهچڻ جي لاءِ سيٽلائيٽ ۽ سرڪيومينشن ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

هن ’يو ايس اي جي ايم’ نيٽ ورڪ جي مڃيل معيار وارن خبرن تائين رسائي ۽ اثر جو ذڪر ڪيو جن کي روس بلاڪ ڪرڻ جون مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن.

سماعت دوران قانون سازن ڪيوبا ۾ آزاد ميڊيا جي حالت تي تشويش جو اظهار ڪيو ۽ تجويز پيش ڪئي ته آمريڪي نشريات ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون.

ايمنڊا چيو ته ڪيوبا ۾ ميڊيا تي دنيا جون بدترين پابنديون لڳل آهن.

’يو ايس اي جي ايم’ جي ’آفيس آف ڪيوبا براڊڪاسٽنگ’ 1985 کان وٺي ڪيوبا جي عوام جي لاءِ خبرون ۽ معلومات نشر ڪري رهي آهي.

XS
SM
MD
LG