نيوزي لينڊ جي عمل دارن چيو آهي ته تازو ملڪ جي ڏورانهن سامونڊي ڪنارن تي ڦاٿل لڳ ڀڳ 477 وهيلون هلاڪ ٿي ويون آهن.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، وهيلن کي بچائڻ ۾ مدد ڏيڻ واري بنا نفعي نقصان جي ڪم ڪندڙ گروپ، ’پراجيڪٽ جوناه’ جي جنرل مينيجر، ڊيرن گروور ٻڌايو آهي ته ڦاٿل وهيلن منجهان ڪنهن کي به ٻيهر ترڻ ۾ ڪا مدد نه ٿي ڪري سگهجي ۽ هي سڀئي يا ته مري چڪيون آهن يا انهن کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ ماريو ويو آهي.
سندس بقول، وهيلون چيٿم ٻيٽن جي ڪناري تي ڦاٿل هيون. هي جزيرا نيوزي لينڊ جي مرڪزي ٻيٽن کان تقريبن 500 ميل اوڀر ۾ آهن ۽ اتان جي آبادي رڳو 600 جي لڳ ڀڳ آهي.
تحفظ جي کاتي جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن توپانگي جي ساحل تي 232 وهيلون ڦاسي پيون هيون، جڏهن ته سومر ڏينهن وڌيڪ 245 وهيلون ويري جي ڪناري تي ڦاسي پيون.
خيال رهي ته ٻه هفتا اڳ آسٽريليا جي هڪ ڏورانهين ساحلي علائقي، تسمانيه ۾ لڳ ڀڳ 22 پاليٽ نسل جون وهيلون هلاڪ ٿيون هيون.
مڇين جي تحفظ جي محڪمي فيس بک تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو آهي ته هي واقعا تڪليف ڏيندڙ ۽ صورت حال چيلنج کان گهٽ ڪونهي، حالانڪه انهن هلاڪتن جو تعلق قدرتي عمل سان آهي، پر تڏهن به مدد ڪرڻ وارن جي لاءِ هي دکدائڪ ۽ منجهائيندڙ صورت حال آهي.
گروور چيو ته ڏورانهين هنڌ ۽ ڀرپاسي واري پاڻيءَ ۾ ڀٽڪندڙ وهيلن کي واپس موڪلڻ ۾ ناڪامي ان ڪري به ٿي آهي جو اتي وڏي تعداد ۾ شارڪ مڇيون موجود هيون. ڇو ته شارڪ انسانن تي حملو ڪنديون آهن ان ڪري هو پنهنجي رضاڪارن کي اوڏانهن نه پيا موڪلي سگهن.
ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، ’ڪنزرويٽو ڊپارٽمينٽ’ جي هڪ ٽيڪنيڪل ميرين صلاح ڪار، ڊيو لونڊ ڪوسٽ ٻڌايو آهي ته چيٿم ٻيٽ تي وهيلز کي اثرائتي نموني پاڻي ۾ واپس وڃڻ ۾ مدد فراهم نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته اتي شارڪ ۽ وهيلز جي حملن جو به خطرو هوندو آهي. ان ڪري موجوده صورت حال ۾ ڪنارن تي ڦاٿل وهيلن کي بنا تڪليف جي هلاڪ ڪرڻ ئي رحم دليءَ وارو قدم هوندو.
نيوزي لينڊ ۾ خاص طور تي گرميءَ جي مند دوران پائليٽ وهيلز جا وڏي پيماني تي ڦاسي پوڻ جا واقعا عام آهن.
سائنس دانن جو چوڻ آهي ته هو ان باري ۾ نه ٿا ڄاڻن ته انهن وهيلن جي ساحلن تي ڦاسڻ جو ڇا سبب ٿي سگهي ٿو. ليڪن ائين ٿو لڳي ته ساحلي علائقي ۾ هيٺاهينءَ تي مائل واريءَ جي ڀٽن کي ڏسي وهيلز ممڪنه طور تي ڪنهن شڪ ۾ پئجي ٿيون وڃن.
گروور چيو ته چيٿم جي ٻيٽن تي وهيلن جي لاءِ ڪافي خوراڪ موجود آهي، جڏهن اهي ترندي خشڪيءَ جي ويجهو اينديون آهن ته اهي ان تيزيءَ سان واپسي ممڪن نه رهندي آهي جنهن تيزيءَ سان سمنڊ جو پاڻي واپس لهي ويندو آهي ۽ وهيلون واريءَ ۾ ڦاسي پونديون آهن.
هن چيو ته وهيلون آواز جي لهرن يا پنهنجي چرپر جي مدد سان پنهنجي ارد گرد جي هنڌ جو پتو کرو لڳائينديون آهن، پر کين اها ڳالهه نٿي سجهي ته هو جنهن هنڌ ڏانهن وڃي رهيون آهن اتي پاڻيءَ جي سطح گهٽجي رهي آهي. اهي ڪناري جي ويجهو ٿينديون وينديون آهن ۽ پوءِ گهٻرائجي طرف جي سمجهه وڃائي وهنديون آهن.
ماهر وڌيڪ ٻڌايو ته ڇو ته چيٿم جا ٻيٽ تمام پري واقع آهن ان ڪري مري ويل وهيلن کي نه دفن ڪيو ويندو ۽ نه ئي سمنڊ مان ڪڍيو ويندو، جيئن اڪثر ٿيندو آهي. انهن کي ڳرڻ ۽ سسڻ ڏنو ويندو.
هن چيو ته فطرت ۾ ريسائيڪلنگ جو عمل جاري رهندو آهي ۽ فطرت کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي.
(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)