آمريڪا ۾ جتي قانون ٺاهڻ وارا ان ڳالهه تي بحث ڪري رهيا آهن ته چين جي وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي سموري ملڪ ۾ پابندي لڳائي وڃي، اتي ان جي ’پيرنٽ’ ڪمپنيءَ جي تازو متعارف ڪيل هڪ نئين ايپ تيزيءَ سان مقبول ٿي رهي آهي.
ٽڪ ٽاڪ جي پيرنٽ ڪمپني ’بائيٽ ڊانس’ جي نئين ايپ جو نالو ’ليمن 8’ آهي جنهن کي مختصر عرصي ۾ لکين آمريڪي ڊائون لوڊ ڪري چڪا آهن.
خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، چيني ڪمپني ’بائيٽ ڊانس’ پنهنجي توسيعي منصوبن سان اڳتي وڌي رهي آهي. ليڪن، ٽڪ ٽاڪ وانگر ان جي نئين ايپ کي به آمريڪا ۾ جانچ پڙتال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ٽڪ ٽاڪ جي باري ۾ اها دعوا ڪئي پئي وڃي ته چين جي حڪومت آمريڪي صارفين جي ڊيٽا جي حوالي سان ’بائيٽ ڊانس’ تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي. ليڪن، ٽڪ ٽاڪ جي اختياريءَ وارن آمريڪي قانون سازن کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي ته اهي استعمال ڪندڙن جي ڊيٽا کي محفوظ رکي سگهن ٿا.
ليمن 8 آهي ڇا؟
ليمن اٺ تي ٻڏل هڪ ايپلي ڪيشن آهي جيڪا انسٽاگرام ۽ ’پن ٽرسٽ’ جهڙي آهي ۽ ان تي ٽڪ ٽاڪ جي قسم جون وڊيو به ڏسي سگهجن ٿيون.
ليمن اٺ جي ’مين فيڊ’ ۾ ٻن قسمن جا فيچرز موجود آهن جن ۾ هڪ ’فالوئنگ’ جو سيڪشن آهي جتي ان کي استعمال ڪندڙ ان ’ڪنٽينٽ’ جي تخليق ڪندڙ جو ’ڪنٽيڪٽ’ ڏسي سگهن ٿا، جنهن کي اهي فالو ڪري رهيا آهن. ٻئو سيڪشن ’فور يو’ آهي، جتي ٻيون پوسٽون موجود هونديون آهن.
هن ايپلي ڪيشن ۾ اهڙو آپشن به موجود هوندو آهي جنهن ۾ ’ڪيٽيگريز’ جيئن فيشن، بيوٽي ۽ فوڊ جو ’ڪنٽينٽ’ به ڏسي سگهجي ٿو.
ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا سائيٽس وانگر ليمن 8 به صارف جي بنيادي ڊيٽا جي رسائي گهري ٿو، جيئن ته آئي پيڊ ايڊريس، برائوزنگ هسٽري، ڊوائيس آئڊينٽي ۽ اهڙي طرح ٻي معلومات.
ايپل ۽ گوگل پلي ٻنهي ايپ اسٽورن تي ان ايپلي ڪيشن جي مالڪ جو تعلق سنگاپور جي ’هيليوفيليا پرائيويٽ لميٽيڊ لسٽيڊ’ آهي. ان ڪمپنيءَ جو ۽ وائيٽ ڊانس ۽ ٽڪ ٽاڪ جو ايڊريس ساڳيو آهي.
هيءَ ايپ ڪيتري مقبول آهي؟
ليمن 8 پهريون ڀيرو سال 2020 ۾ ايشيائي مارڪيٽ ۾ آئي.
ايپ جو جائزو وٺڻ واري ڪمپني ’ڊيٽا ڊاٽ اي آئي’ جي مطابق ٿائي لينڊ ۽ جاپان ۾ ان ايپ کي ڪافي مقبوليت ملي ۽ اتي ترتيب وار ان جا لڳ ڀڳ 74 لک ۽ 50 لک ڊائون لوڊز ٿيا.
انهيءَ ئي ايپلي ڪيشن کي فيبروريءَ ۾ آمريڪا ۾ بغير ڪنهن وڏيءَ تقريب جي متعارف ڪرايو ويو. بعد ۾ ميڊيا ادارن پاران ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو ته ڪجهه ٽڪ ٽاڪ انفلوئينسرز ان جي مشهوري شروع ڪئي آهي.
ڊيٽا ڊاٽ اي آءِ مطابق، ٻي اپريل تائين آمريڪا ۾ هن ايپ کي ٻه لک 90 هزار ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو هو. ان منجهان اڪثريت ان کي مارچ ۾ ڊائون لوڊ ڪيو.
ليمن 8 ايپل جي ايپ اسٽور تي سڀني کان مقبول ايپس منجهان هڪ آهي.
(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)