رسائی کے لنکس

پاڪستان ۾ سياسي ۽ آئيني بحران، ذمي دار ڪير آهي؟


پاڪستان ۾ گزريل هڪ سال کان جاري سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران سنگين ٿيندو پيو وڃي. هڪ طرف مهانگائيءَ جي آزار شهرين جي شين خريد ڪرڻ جي طاقت گهٽائي آهي ته ساڳئي وقت ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ سياسي بي يقينيءَ جي ماريل عوام ۾ ڳڻتي وڌندي ٿي وڃي.

پاڪستان جي عوامي ۽ سياسي حلقن ۾ اهو بحث جاري آهي ته پاڪستان ۾ هن صورت حال جو آخر ذمي دار ڪير آهي؟ ڪي مبصر اسٽيبلشمينٽ کي ان جو ذمي دار قرار ڏين ٿا، جڏهن ته ڪي سياسي تجزيه ڪار سياسي جماعتن ۽ عدالتن کي ان جو ذمي دار سمجهن ٿا.

ماهر اهو به چون ٿا ته فوج جي سياست ۾ مداخلت جتي ادارن کي ڀاڱا ڪري ڇڏيو آهي، اتي ان جو اثر هاڻي معاشري جي پئجي رهيو آهي، جيڪو به سوچ جي لحاظ کان ورهايل نظر اچي رهيو آهي.

ڪن تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته سياسي جماعتن جي وچ ۾ وڌندڙ خليج ۽ سياسي اختلافن کي ذاتي اختلاف سمجهڻ به عدم استحڪام جو باعث بڻجي ٿو. ان ڪري، ان صورت حال منجهان نڪرڻ جو واحد رستو ’’قومي اتفاق رائي’’ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.

ڇا واقعي فوج موجوده حالتن جي ذمي دار آهي؟

بچاءَ واري شعبي سان واسطو رکندڙ تجزڳه ڪار، ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعيم خالد لوڌيءَ چيو آهي ته هيءُ معاملو ان وقت بگڙيو جڏهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ويندي ويندي اهو چيو ته فوج هاڻي نيوٽرل آهي. هيءُ وڏو بيان هو، ڇو ته ان کان اڳ فوج سياسي ڌرين کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريندي هئي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته فوج جي ان فيصلي ماحول جي انداز ۾ ڪوڙاڻ ڀري ڇڏي آهي.

نعيم خالد جي لفظن ۾، ان صورت حال جو اصل ذمي دار اهو آهي جنهن سياست ۾ فوج جي مداخلت کي تسليم ڪيو.

سندس چواڻي، هن وقت بظاهر اسٽيبلشمينٽ ’نيوٽرل’ آهي ۽ جيئن ئي ان پنهنجو وزن ڪنهن ڌر جي تارازيءَ جي پڙن ۾ وڌو ته ملڪ جون حالتون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون.

پاڪستان ۾ جمهوريت جي واڌاري جي لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ’پلڊاٽ’ جو سربراه احمد بلال محبوب اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه کي ان صورت حال جو ذمي دار سمجهي ٿو.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو هو ته سندس ادارو پوين 70 سالن کان سياست ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي. پر هاڻي ادارو ائين نه ڪندو. ليڪن جنرل باجوه جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هن سموري صورت حال جو ذمي دار آهي.

پهرين هڪ ’ايڪٽر’ کي آندو ويو ۽ پوءِ پراڻي نظام جي طرف هليا ويا

بچاءَ وارن معاملن جي شعبي جي تجزيه ڪار، عائشه صديقه وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده بحران جو ذمي دار اڳوڻي فوجي قيادت کي قرار ڏئي سگهجي ٿو، جن سياسي نظام ۾ پنهنجي پسند تي ’هڪ ايڪٽر’ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ ان کان مايوس ٿي پراڻي نظام جي طرف واپس هليا ويا.

سندس بقول، هڪ ادارو جنهن جي ذميداري ملڪ جي حفاظت ڪرڻ آهي اهو حفاظت جي پنهنجي ڪم تان هٽي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لڳي، ته ان جا اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا آهن.

عمران خان جو انتخاب ۽ سندس حڪومت جو ڪردار

احمد بلال محبوب چيو آهي ته عمران خان جي انتخاب جي وقت اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ جي مطابق نواز شريف کي ’سين’ تان هٽايو ويو ۽ عمران خان کي اقتدار ۾ آندو ويو.

سندس بقول، ساڍن ٽن سالن جي تجربي کان پوءِ جڏهن هنن عمران خان کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته عدم اعتماد به فوج جي ’گرين سگنل’ کان پوءِ ئي آيو. عام طور تي سياست دان اهڙن معاملن کي برداشت ڪندا آهن، ليڪن عمران خان ڀرپور مزاحمت ڪئي جيڪا اڃان تائين جاري آهي.

عدالتن جو ڪردار

نعيم خالد لوڌيءَ چيو ته جيسيتائين عدليه بظاهر ورهايل نظر نه ايندي هئي تيسيتائين معاملا ٺيڪ هلي رهيا هيا، ليڪن هاڻي فيصلن کي ڪن حلقن جي طرفان متنازع قرار ڏنو پيو وڃي.

هن چيو ته هڪ پاسي ٽه رڪني بينچ جو فيصلو ته آيو آهي، پر ان ئي ڏينهن ڇهه رڪني بينچ جو فيصلو اچڻ جي ڪري جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي کي غير موثر قرار ڏنو ويو آهي.

عائشه صديقه چيو ته فوج ان بحران جو حصو آهي، ليڪن ان سان گڏ و گڏ عدالت جي اداري جي اندر به بحران هلي رهيو آهي جنهن جي ڪري سپريم ڪورٽ هن وقت ورهايل آهي، جڏهن ته حڪومت اليڪشن ڪرائڻ تي راضي ناهي.

احمد بلال محبوب چيو ته عدالت جي ٿنڀي کي پنهنجو پاڻ ملهائڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي، ڇو ته جيڪڏهن چيف جسٽس ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهي ٿو ته ان جي فيصلن کي قبوليت جو وڏو درجو ملي هان، ليڪن هڪ متنازع بينچ ٺاهڻ جي ڪري معاملا وڌيڪ بگڙي ويا آهن.

ڇا سياست دان گڏجي وهندا؟

احمد بلال چيو ته عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي وقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) هڪ سٺو بيانيو کڻي اڳتي وڌي رهي هئي ۽ مقبول جماعت هئي. انهيءُ جي ڪري نواز شريف جي بيان بازي ته ’ووٽ کي عزت ڏيو’ عوام ۾ مقبول ٿيندو پئي ويو ۽ عمران خان جي مقبوليت جو گراف ڪري رهيو هيو.

سندس بقول، ان وقت اها ڳالهه کلي سامهون اچي وئي هئي ته اسٽيبلشمينٽ سياست دانن سان برو سلوڪ ڪندي آهي. ليڪن، جيئن ئي تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ٿيو ته ساڳيو بيانيو عمران خان اختيار ڪيو ۽ هن جي مقبوليت ۾ واڌ آئي.

هن چيو ته پي ايم ايل (ن) اها غلطي ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي هنن حڪومت قبول ڪئي. ان وقت نواز شريف تيار نه هيو، ليڪن شهباز شريف انهيءَ کي قبول ڪيو جيڪا سندس وڏي غلطي هئي.

عمران خان جي ڪردار جي حوالي سان احمد بلال چيو ته عمران خان هن وقت صرف اليڪشن جي حد تائين ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ سندس ٽيم شرڪت ڪندي. ان منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته هو اها ڳالهه رڳو ميار لاهڻ جي لاءِ ڪري رهيو آهي، ڇو ته ان جي ٽيم کي مڪمل اختيار حاصل نه هوندو. پارٽي اڳواڻن جي شامل ٿيڻ کان سواءِ سياسي پارٽين جي ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿي سگهي.

عائشه صديقه چيو آهي ته هن وقت سمورا ’اسٽيڪ هولڊر’ اهڙو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن جيڪو فيصلو صاف ۽ شفاف هجي ۽ جنهن کي سمورو عوام قبول ڪري.

هن افسوس ظاهر ڪيو ته هن وقت معاشرو ايتري قدر ورهائجي چڪو آهي جو پي ٽي آءِ وارا حڪومت جو ڪو فيصلو قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن، اهي چونڊن کي پوئتي ڪرڻ جي ڪنهن ڳالهه تي رضامند ناهن.

نعيم لوڌيءَ چيو آهي ته هڪ عرصي کان وٺي سياست دانن جي وچ ۾ جاري محاذ آرائي جي ڪري اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ’’اسان جا سياست دان ملي ويهي مسئلن جو حل ڪڍڻ جي اهليت نه ٿا رکن’’.

هن چيو ته سياست ۾ عام طور تي اهو سمجهو ويندو آهي ته سياست دان ملي سمورن مسئلن جو حل ڪڍي سگهن ٿا، پر جيڪو شخص اهو چوي ته مان ڳالهائڻ ئي نه ٿو گهران، ان کي ڇا ڪجي؟ عمران خان رڳو چونڊن تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هاڻي حڪومت جا اتحادي به ڳالهائڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.

XS
SM
MD
LG