رسائی کے لنکس

ڀارت پاڪستان کان ’سنڌ طاس معاهدي’ ۾ تبديليءَ جي گهر ڇو ڪري رهيو آهي؟


سکر بيراج. 19 مارچ 2017 جي تصوير
سکر بيراج. 19 مارچ 2017 جي تصوير

ڀارت جي پاران درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست جي طئي ٿيل فارمولا، ’سنڌ طاس معاهدي’ تي نظرثاني متعلق ڏنل اشاري کان پوءِ معاهدي جي مستقبل تي سوال کڙا ٿيا آهن.

ڇهن ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگين ۽ سفارتي ڇڪتاڻ جي باوجود اهو معاهدو برقرار رهيو آهي. ليڪن، هلندڙ سال جنوريءَ ۾ ڀارت جي طرفان ان معاهدي تي ٻيهر نظر وجهڻ جي لاءِ پاڪستان کي موڪليل هڪ نوٽيس تي پاڪستاني پاليسي ٺاهيندڙن ۽ ماهرن کي ڳڻتيءَ ۾ وڌو آهي.

پاڪستاني حلقن ۾ اها تشويش به آهي ته ڀارت جي پاران هن معاهدي تي ٻيهر نظر وجهڻ جي گهر جو مقصد نه رڳو پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ آهي پر پاڪستان جي پاسي وهڻ وارن درياهن تي ڀارت جي ڊيم ٺاهڻ جي رٿا تي اعتراض وارڻ کي خاموشيءَ ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

ياد رهي ته سيپٽمبر 1960 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت عالمي بينڪ جي ٽياڪڙيءَ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي صحيون ڪيون هيون. ان معاهدي هيٺ اولهندي پاسي وهندڙ ٽن درياهن، يعني سنڌ، جهلم ۽ چناب جو ڪنٽرول پاڪستان جي حوالي ڪيو ويو هو، جڏهن ته اوڀر جي ٽن درياهن راوي، ستلج ۽ بياس تي ڀارت جو حق تسليم ڪيو ويو هو.

پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ گزريل هفتي اخباري ڪانفرنس جي دوران ٻڌايو هو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت کي جواب ڏنو آهي، جنهن جي تصديق ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ارندم باگچيءَ به ڪئي آهي.

ارندم باگچيءَ جي مطابق، پاڪستان جي خط جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان باري ۾ تعلق رکندڙ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو ڪيو ويندو.

ڀارت جي طرفان پاڪستان اٽ ’سنڌ طاس’ معاهدي تي نظرثاني جي لاءَ موڪليل نوٽيس جو تفصيل موجود ڪونهي. ليڪن ان معاهدي هيٺ ڪا به ڌر هڪ طرفي طور معاهدي مان جدا نه ٿي ٿي سگهي. آرٽيڪل 12 هيٺ معاهدو ڌرين جي رضامنديءَ سان انهيءَ ئي صورت ۾ ختم ٿي سگهي ٿو جيسيتائين ٻئي ملڪ ان جي جاءِ تي ڪو نئون معاهدو نه ٿا ڪن.

ڀارت جي طرف کان ان معاهدي تي نظرثاني ڪرڻ ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ جو نوٽيس پاڪستان کي ان وقت ڏنو ويو آهي جڏهن ان معاهدي هيٺ پاڪستان ڀارتي ڪشمير ۾ ڪشن گنگا ۽ رتلي پن بجلي جي رٿائن تي اعتراض اٿاريو هو.

پاڪستان ڀارت جي پاران پاڻيءَ جي معاملي تي غير جانب دار ماهرن ۽ پوءِ هيگ ۾ قائم ٽياڪڙ عدالت ۾ معاملو وٺي ويو هو، جنهن تي ڀارت اعتراض واريو هو.

عالمي بينڪ جي پاران پاڪستان جي درخواست تي غير جانبدار ماهرن کي مقرر ڪرڻ ۽ ٽياڪڙ عدالت جو اڳواڻ مقرر ڪرڻ جي اعلان کان ٿورا مهينا پوءِ ڀارت پاڪستان کي معاهدي متعلق نوٽيس موڪليو هو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀروسي جي گهٽتائي ۽ ڇڪتاڻ جي ڪري معاهدي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديليءَ جي لاءِ ٻه طرفي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو ڪو امڪان ڪونهي.

سنڌ طاس معاهدي جي ڪري پاڻيءَ جي معاملي تي ڪڏهن جنگ نه ٿي آهي‘

بين الاقوامي قانون جي ماهر احمد بلال صوفيءَ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت سنڌ طاس معاهدو ٻيهر کولهڻ گهري ٿي. ليڪن ڀارت جي پاران هينئر تائين اهو اشارو نه ميلو آهي ته تنازعن جي حل جي لاءِ اختيار ڪيل طريقي ۾ تبديلي گهري ٿو يا نئون معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.

سندس بقول، ان معاهدي ۾ تنازعا حل ڪرڻ جو هڪ جامع طريقه ڪار موجود آهي جنهن کي برقرار رکڻ ٻنهي ملڪن ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، احمد بلال صوفيءَ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملي تي لڙائي ناهي ٿي. معاهدي ۾ ڪنهن به ڌر جي طرفان رائي جي ٻه طرفي اتفاق کان سواءِ جيڪڏهن ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ٿي وڃي ته اها خطي جي امن ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي.

واضح رهي ته ڀارت جي وزير اعظم نريندر موديءَ سيپٽمبر 2016 ۾ پاڻيءَ جي معاملي تي هڪ اجلاس دوران چيو هو ته ’’رت ۽ پاڻي گڏ نه ٿا وهي سگهن’’.

اها ڳالهه هن اهڙي وقت ڪئي هئي جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جا ناتا شديد ڇڪ تاڻ ۾ ڦاٿل هيا ۽ ساڳئي ئي اجلاس ۾ سنڌ طاس معاهدي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ پارلماني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي. بعد ۾ ان ڪاميٽيءَ 2021 ۾ موسمياتي تبديلي ۽ عالمي تپش جو ذڪر ڪندي هن معاهدي تي نظر ثانيءَ جي تجويز پيش ڪئي هئي.

پاڪستان جي موسمياتي تبديليءَ واري کاتي جي وزير، سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت کي معاهدي تي تحفظات آهن ته هو ڪميشن جي سطح تي اهو معاملو اٿاري سگهي ٿو.

هن گزريل هفتي سينيٽ جي ايوان بالا ۾ خيالن جو اظهار ڪندي معاهدي ۾ ترميم جي تجويز کي مبهم قرار ڏنو هو. هن چيو ته ڌرين جي رضامنديءَ بنان هن معاهدي تي نظرثاني نه ٿي ٿي سگهي.

ماحوليات جي ماهر علي توقير شيخ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي موڪليل نوٽيس جو معاملو اٿاريو آهي، اهي ڪڏهن به سنڌ طاس معاهدي جي سطح تي نه اٿاريا ويا آهن.

سندس بقول، ’’جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت گهرن ته اعتراضن تي گڏيل طور تي ڪو الڳ معاهدو ڪري سگهن ٿا. ليڪن سنڌ طاس معاهدي کي ڇيڙڻ مسئلي جو حل ناهي’’.

XS
SM
MD
LG