افغانستان جي انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري ڏهه مهينا اڳ امداد جي اپيل ڪئي هئي، جنهن جي اڌ جيتري رقم مس گڏ ٿي آهي، جڏهن ته مسلمان ملڪ عطئي ڏيڻ وارن ملڪن جي فهرست ۾ حيران ڪن طور تي موجود ڪونهن.
يورپي يونين جي خصوصي نمائندي، ٿامس نڪلسن آڪٽوبر جي اوائل ۾ افغانستان جو دورو ڪيو. هن ٽوئٽر تي پيغام ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته افغانستان ۾ سخت سردي اچي چڪي آهي. ’’مان چين، روس ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آئي سي) تي زور ڏيان ٿو ته برطانيه، آمريڪا، يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن جي مثال کي سامهون رکي انساني همدرديءَ جي امداد ۾ حصو وٺن’’.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي افغانستان تمام غريب ملڪ رهيو آهي، جيڪو گزريل سال آمريڪي حمايت واري حڪومت جي اقتدار ڇڏڻ کان پوءِ انتهائي غربت ڏانهن گهلجي چڪو آهي، جڏهن ته في الواقع طالبان جي حڪمراني کان پوءِ بين الاقوامي برادريءَ افغانستان تي سخت قسم جون معاشي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.
اڪمل داعي پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته گڏيل قومن جي اداري مطابق، هاڻي تقريبا سڀئي افغان غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گزاري رهيا آهن.
افغانستان ۾ ناروي جي مهاجر ڪائونسل جي ڊائريڪٽر، نيل ٽرنر وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته گزريل سال انساني همدرديءَ جي نوعيت جون ضرورتون وڌيون آهن، ۽ يوڪرين ۾ لڙائيءَ جي ڪري اولهندي ملڪن جو ڌيان ۽ مالي وسيلا يوڪرين جي پاسي لڳل آهن. ان ڳالهه تي تشويش وڌي رهي آهي ته ايندڙ وقت افغانستان جي طرف اڃان گهٽ ڌيان ڏنو ويندو.
گزريل هفتي، سعودي عرب يوڪرين جي انساني همدرديءَ جي امداد جي لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر جو اعلان ڪيو. امدادي ادارن ان امداد جو خيرمقدم ڪيو، جڏهن ته تيل سان مالا مال ان بادشاهت هن سال انساني همدرديءَ جي مد ۾ افغانستان جي لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ 10 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي.
ٻين نسبتا امير مسلمان ملڪن متحده عرب امارات، قطر ۽ ترڪيه هن سال افغانستان جي لاءِ انساني همدرديءَ جي امداد ڏيڻ واري فهرست ۾ يا ته غائب آهن يا خاطر خواه حصو نه ورتو آهي.
هلندڙ سال هن مهل تائين گڏيل قومن جي اداري پاران 23 ملڪن کي امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي. متحده عرب امارات ان سلسلي ۾ 30 ڪروڙ 90 لک ڊالر جي امداد ڏني آهي، جنهن منجهان 17 ڪروڙ 10 لک ڊالر اٿيوپيا جي لاءِ جڏهن ته افغانستان جي لاءِ صرف 19 لک ڊالر جي امداد ڏني آهي.
قطر جنهن جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) دنيا جي گهڻن ملڪن کان وڌيڪ آهي، تنهن سال 2022 جي دوران گڏيل قومن پاران انساني همدرديءَ جي عالمي اپيلن جي جواب ۾ رڳو 10 لک ڊالرن جي امداد ڏني آهي، جنهن منجهان 500000 ڊالر ڪيمرون جي لاءِ آهن.
سال 2012 جي ڊسمبر ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ افغانستان جي انساني بحران جي جواب ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ پاران انساني همدرديءَ جي خصوصي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
آگست ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي فيڊريشن ۽ حلال احمر تنظيمن لاءِ 525،000 ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا رقم افغانستان جي انساني همدرديءَ جي ڪم تي فوري استعمال جي لاءِ هئي.
او آئي سي ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ کان سوال پڇيو ويو ته آگسٽ کان پوءِ هيليتائين ٽرسٽ کي گهڻو اضافي فنڊ فراهم ڪيو ويوآهي، تنهن جو اڃان سوڌو جواب موصول نه ٿيو آهي.
وائس آف آمريڪا سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي سفارت خانن کي ڪيتريون ئي ٽيلي فون ڪالز ڪيون ۽ اي ميل موڪليا، ليڪن انهن جي جواب جو اڃان انتظار آهي.