رسائی کے لنکس

افغانستان ۾ صدين کان وسندڙ سک برادري ڀارت جو رخ ڇو ڪري رهي آهي؟


هربنس سنگهه (کاٻي کان ٻيو نمبر) افغانستان مان تازو ڀارت پهتو آهي. نئين دهليءَ ۾ هو سک گودواري ۾ موجود سک ڀائرن سان رهاڻ ڪندي. (فائيل فوٽو)
هربنس سنگهه (کاٻي کان ٻيو نمبر) افغانستان مان تازو ڀارت پهتو آهي. نئين دهليءَ ۾ هو سک گودواري ۾ موجود سک ڀائرن سان رهاڻ ڪندي. (فائيل فوٽو)

سال 1980 جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ آباد سکن جو تعداد لکن ۾ هو جيڪي نسل در نسل اتي ئي رهندا آيا آهن، جتي هنن جوچڱو ڄميل ڪاروبار هو. ليڪن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهڻ واري جنگ، دل ڏاريندڙ ستم جا واقعا ۽ پريشان ڪندڙ حالتن جي ڪري هن وقت انهن جو تعداد ڪجهه سون جو مس رهجي ويو آهي، جڏهن ته گزريل سال جي آگسٽ جي مهيني ۾طالبان افغانستان جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.

حالانڪه طالبان سک برادريءَ کي سندن حقن جي تحفظ جو يقين ڏياريو ۽ چيو هو ته توهان هتي ئي رهو ۽ پنهنجي مذهب تي عمل ڪريو، ليڪن انهن ۾ڊڄ ويهي ويو آهي ته کين تي ٻيهر به تشدد ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هو افغانستان ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. هو اها ڳالهه وساري نه سگهيا آهن ته سندن ڪميونٽي کي ماضيءَ ۾ نشانو بنايو ويو هو.

سکن جي افغانستان مان هن تازيءَ ڀاڄ جو سبب جون ۾ ڪابل جي هڪ گوردواري تي ٿيڻ وارو خوني حملو هو جنهن ۾ هڪ عبادت ڪندڙ شخص مارجي ويو هو ۽ ست ڄڻا زخمي ٿيا هيا. دهشت گرد تنظيم، داعش ان حملي جي ذمه داري قبول ڪئي هئي.

هونئن ته طالبان جي حڪومت کان اڳ ۾ به سکن جي عبادت گاهن تي حملا ٿيندا رهيا هيا ۽ انهن حملن جي ذمه داري جي دعوا به اسلامڪ اسٽيٽ ۽ داعش جي نالي سان ڄاتل سڃاتل گروپ ئي ڪئي هئي.

هتان نڪري سک گهڻي ڀاڱي ڀارت ئي ويندا رهيا آهن ۽ ڀارتي حڪومت ويزا، ريزيڊينسي پرمٽ ۽ نڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هوائي پروازن جي پيش ڪش ڪري افغانستان مان نڪرڻ وارن سکن ۽ هندن کي وطن واپسيءَ ۾ سهولتون پيدا ڪيون آهن. سک مت هندوستان ۾ ئي جنم ورتو هو ۽ هيءُ ملڪ دنيا جي گهڻي سک آباديءَ جو وطن آهي.

اتي هنن کي صرف تشدد جو خطرو نه هيو جنهن سکن کي افغانستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو بلڪه طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ملڪي معيشت جي تباه حالي به ان ۾ ڪردار ادا ڪيو جنهن جي ڪري سندن ڪاروبار تباه ٿي ويو ۽ مستقبل اونداهو ٿي ويو.

سٺ ورهن جي هربنس سنگهه جنهن پنهنجي خاندان سان نئين دهليءَ جي هڪ گوردواري ۾ پناه ورتي آهي افغانستان ڇڏڻ کان پوءِ هيءُ ئي سندس عارضي گهر آهي. هن ڏسيو ته اسان پنهنجي گهر ٻار ۽ دڪان ڇڏي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ هتي پهتا آهيون. اسان خالي هٿين آيا آهيون.

ليڪن بهرحال هڪ اهڙي ملڪ مان نڪرڻ به مشڪل ڪم آهي جنهن کي هو نسل در نسل پنهنجو وطن چوندا ۽ سمجهندا آيا آهن.

هربنس سنگههه ۽ سندس پٽ جو جلال آباد ۾ دڪان هو، جنهن ۾ هو مصالحا وڪرو ڪندا هيا. افغانستان ۾ سک برادري جا گهڻي ڀاڱي يا ته دڪان هيا يا پاڻ فارماسسٽ هيا ۽ هندوستان ۽ پاڪستان کان اچڻ وارو سامان وڪرو ڪندا هيا. سندن چوڻ آهي ته هنن جي عام مسلمانن سان دوستيءَ جو رشتو هيو، جن مان گهڻن کي هو پنهنجو گراهڪ سمجهندا هيا. ليڪن، گزريل ڪجهه سالن ۾سندن ڪم ڪار گهٽ ٿيندو ويو ۽ اڳي واري ڳالهه باقي نه رهي.

سک برادري حڪومت تي اهڙي وقت وڌيڪ مدد جي لاءِ زور ڀري رهي آهي جڏهن ان کي نئين سر زندگيءَ جي شروعات جو مشڪل مرحلو درپيش آهي.

XS
SM
MD
LG