سري لنڪا جي صدر رگوتابايا راجا پڪسي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هواربع ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعفي ڏيندو، اهڙي وقت جڏهن ملڪ جي مخالف ڌر جون سياسي جماعتون نئين حڪومت ٺاهڻ لاءِ اتفاق رائي پيدا ڪرڻ تي ويچار ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ملڪ کي معاشي بحران ۽ سياسي خال ڀرڻ جو چيلنج درپيش آهي.
راجا پڪسي هينئر ڪاٿي آهي ان کي راز ۾ رکيو ويو آهي، جنهن کان ڪيترن ئي مهينن تائين استعفي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويندو رهيو، جنهن جو سبب ملڪي معاشي صورت حال ۾ بگاڙ هو.کيس ڇنڇر ڏينهن پنهني رهائش گاه کان ڪنهن محفوظ جاءِ تي پهچايو ويو، جڏهن هزارين مظاهرين سندس رهائش گاه تي چڙهائي ڪئي هئي.
وزير اعظم رنيل وڪرما سنگهي جي دفتر مان سومر ڏينهن جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته راجا پڪسي 13 جولائي تي پنهنجي عهدي تان استعفي ڏيندو.
ان کان اڳ سري لنڪا جو وزير اعظم اهو مڃي چڪو آهي ته ملڪ جي معيشت تباه ٿي وئي آهي ۽ حڪومت وٽ کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي درآمد لاءِ گهربل رقم موجود ڪونهي.
تازه ترين حالات ٻڌائن ٿا ته ڏکڻ ايشيا جي هن ملڪ جي شهرين کي کاڌي جي شديد کوٽ درپيش آهي.
بحران ڪيترو شديد آهي؟
سري لنڪا جي حڪومت 51 ارب ڊالرن جي مقروض آهي ۽ اها پنهنجي قرضن تي وياج جي ادائگي ڪرڻ کان قاصر آهي. قرض جي رقم ته هڪ پاسي، سياحت جيڪو اقتصادي ترقيءَ جو هڪ روشن ٿنڀو آهي، ڪرونا وبا ۽ 2019 ۾ دهشت گرد حملن کان پوءِ حفاظتي خدشات جي ڪري ختم ٿي چڪي آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ جي ڪرنسي 80 في صد تائين ڪري چڪي آهي جنهن جي ڪري درآمدات وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته پهريان ئي افراط زر ڪنٽرول کان ٻاهر هيو. کاڌ خوراڪ جي اخراجات ۾ 57 في صد اضافو ٿي چڪو آهي.
ان جي نتيجي ۾ ملڪ جو ڏيلالو نڪرڻ جي قريب آهي. هن وٽ هاڻي پيٽرول، کير، کاڌي پچائڻ جي لاءِ گيس ۽ ٽوائلٽ پيپر درآمد ڪرڻ جي لاءِ رقم موجود ناهي.
سياسي بدعنواني به هڪ اتاه مسئلو آهي. ان نه صرف ملڪ جي دولت ضائع ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو بلڪه هيءَ سري لنڪا جي لاءِ ڪنهن به مالياتي بچاءِ جي عمل کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي.
سري لنڪا جي معيشت ڇو تباه ٿي؟
واشنگٽن ۾ سينٽر فار گلوبل ڊولپمنٽ جي پاليسي فيلو ۽ ماهر اقتصاديات انيت مکرجي چيو آهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ يا عالمي بينڪ جي طرفان ڪا به امداد سخت شرطن کان سواءِ ميسر ٿي نه ٿي سگهي، ان لاءِ به جيئن ملندڙ پيسن جو استعمال غلط هٿن ۾ نه هليو وڃي.
مکرجي جي لفظن ۾، سري لنڪا دنيا جي مصروف ترين شپنگ جي رستي تي واقع آهي جنهن ڪري اهڙي حڪمت عمليءَ جي حامل ملڪ کي ناڪام ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته موجوده بحران کان اڳ سندس معيشت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي هئي.
اقوام متحده جي خوراڪ جي عالمي اداري جي رپورٽ مطابق، اندازن ڏهن مان هڪ نوجوان کاڌو کائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 30 لک ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي امداد ميسر آهي.
ان سوال تي ته آخر معيشت اهڙيءَ حالت تي ڪينئن پهتي، اقتصاديات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جو سبب سالن جي بدانتظامي ۽ بدعنواني آهي. عوام جي زياده تر ڪاوڙ راجا پڪسي ۽ سندس ڀاءُ سابق وزير اعظم مهندرا راجا پڪسي تي آهي.
هوڏانهن ڪيترن سالن کان وٺي سلامتيءَ جي صورت حال خراب رهي آهي. 2019 ۾ ايسٽر جي موقعي تي گرجا گهرن ۽ هوٽلن ۾ ڌماڪا ٿيا هيا جن ۾ 260 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿيا هيا. ان جي ڪري ملڪي سياحت تباه ٿي وئي هئي، جيڪو ناڻي ڪمائڻ جو اهم ذريعو رهيو آهي.
ملڪ ۾ وڏن بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن لاءِ غير ملڪي قرض وڌي وڃڻ کان پوءِ حڪومت کي سندس آمدنيءَ ۾ واڌارو ڪرڻ جي ضرورت هئي، ليڪن ان جي بجائي راجا پڪسي سري لنڪا جي تاريخ ۾ محصول جي سڀ کان وڏي ڪٽوتين تي عمل ڪيو.
اپريل 2021 ۾ اوچتو راجا پڪسي ڪيميائي ڀاڻ جي درآمد تي پابندي وجهي ڇڏي جنهن کيتي باڙيءَ کي ڌڪ هنئيون. چانورن جو فصل تباه ٿي ويو ۽ اناج جون قيمتون چوٽيءَ تي چڙهي ويون. زرمبادله بچائڻ لاءِ پرتعش قسم جي شين جي درآمد تي پابندي لڳائي وئي.
انهيءَ دوران، يوڪرين جي لڙائيءَ جي ڪري اناج ۽ تيل جون قيمتون تمام وڌي ويون. مئي مهيني ۾ مهانگائي 40 في صد تائين وڌي چڪي هئي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 60 في صد واڌارو اچي ويو هو.
هاڻي معاملو هو بين الاقوامي مالياتي فنڊ کان امداد گهرڻ جو ۽ وزير اعظم ملڪ کي درپيش اقتصادي مسئلن کي وڌائي پيش ڪندو رهيو. ساڳي وقت، سندس حڪومت کي ناڪافي اقدامات ڪرڻ تي تنقيد درپيش هئي.
سري لنڪا جي وزارت خزانه اعلان ڪيو ته ملڪ وٽ غير ملڪي ذخيرن منجهان صرف ٻه ڪروڙ 50 لک ڊالر موجود آهن. انهن حالتن ۾ سري لنڪا جي لاءِ اربين ڊالر قرض ادا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي، ملڪي درآمدات جي ادائگي ڪرڻ ممڪن ڪونه هيو. انهيءَ دوران سري لنڪا جي روپئي جو ملهه ڪمزور ٿيندي تقريبا 360 روپيا في ڊالر تائين ڪري پيو، جنهن کان پوءِ درآمدات تي ايندڙ خرچ جي ادائگي مشڪل ٿي پئي.
سري لنڪا 2026 تائين واجب الادا 25 ارب ڊالرن مان هلندڙ سال تقريبا 7 ارب ڊالرن جي غيرملڪي قرضن جي ادائگي روڪي ڇڏي.
معاشي بدحاليءَ مان نڪرڻ لاءِ سري لنڪا ڀارت کان ملندڙ 4 ارب ڊالرن جي رقم تي انحصار ڪيو. هن ڏس ۾ جون ۾ وڏيڪ امداد جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي وفد ڪولمبو پهتو. انهيءَ دوران وڪرما سنگهي ڀارت جي طرفان سري لنڪا کي ڊگهي عرصي تائين ملندڙ مدد جي نتيجن جي باري ۾ خبردار ڪيو.
سري لنڪا چين کان وڌيڪ مدد گهري. ٻين ملڪن مان آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا ڪجهه سو ملين جي امداد فراهم ڪئي.
ان کان اڳ جون ۾ عالمي اداري دنيا ۾ سري لنڪا جي امداد لاءِ عوامي اپيل جو آغاز ڪيو. ليڪن هيلي تائين متوقع فنڊنگ 6 ارب ڊالرن جي هدف کان گهڻون پوئتي آهي.
آئنده ڇهن مهينن تائين ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڇهه ارب ڊالرن جي وڏيءَ رقم جي فوري گهرج آهي.
(هن خبر ۾گهڻو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس مان ورتو ويو آهي)